اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 24 نومبر جي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪندڙ اڳواڻن ۽ اميدوارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته هو پاڻ ئي پارٽي کان لاتعلق ٿي وڃن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته هر ماڻهو 24 نومبر جي احتجاج ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي، هي فيصلائتو وقت آهي، جيڪڏهن ڪو به پي ٽي آءِ اڳواڻ يا اميدوار شرڪت کي يقيني نه ٿو بڻائي ته پاڻ کي پارٽي کان الڳ سمجهي، قوم ان فيصلاتي موقعي تي ڪنهن به قسم جي عذر قبول نه ڪندي، عمران خان احتجاج کي پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ سونهري موقعو قرار ڏيندي چيو ته غلام قومون آخرڪار تباهه ٿينديون آهن، قوم کي احتجاج ۾ شرڪت ۾ دعوت ڏيان ٿو،