اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪريو: عمران خان اجازت ڏئي ڇڏي\بئريسٽر گوهر ۽ گنڊاپور کي خميس تائين مهلت

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان جي ڀيڻ ۽ عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عمران خان بيرسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور کي ڳالهين جي اجازت ڏي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان جو چوڻ آهي ته جيڪو  به ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو اهو 24 نومبر کان اڳ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سڌو سنئون ڳالهائي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته وقت جي تقاضا آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياست کان پري رهي، پي ٽي آءِ باني پاران 24 نومبر تي ڏنل سڏ حتمي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاءِ 24 نومبر جو ڏينهن اهم آهي، اهي ماڻهو پي ٽي آءِ باني کي عوام جي دلين مان نه ڪڍي سگهيا آهن.ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ملاقات ڪئي، جيڪي ڳالهين جي اجازت وٺڻ لاءِ آيا هئا جنهن تي عمران خان چيو ته ڳالهين جي حامي ڀري ۽ چيو ته ڳالهيون انهن سان ٿين جن وٽ پاور آهي، اهو به چيو ته 24 نومبر جو احتجاج مطالبن جي مڃتا تي ئي ختم ٿيندو، ان موقعي تي علي امين گنڊاپور عمران خان کي احتجاج جي تيارين کان آگاهه ڪيو، ٻي پاسي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ رڳو اسٽيبلشمينٽ جو ئي چيو آهي، باني سان ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن علي امين گنڊاپور ۽ بئريسٽر گوهر کي ڳالهين جي اجازت ڏني آهي، ٻنهي اڳواڻن سان سندن مطالبن تي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ڏني وئي، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ڳالهين جي اجازت گهري آهي، 24 نومبر پاڪستان لاءِ اهم ڏينهن آهي، 8 فيبروري وانگر 24 نومبر تي به ٻاهر اچو، اسان جو احتجاج پرامن هوندو، مينڊيٽ جي واپسي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ڳالهين جو چيو آهي، خميس تائين جو وقت ڏنو ويو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن چوري ڪيل مينڊيٽ واپس ٿئي ٿو ته 24 نومبر جو احتجاج جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو، عليما خان کان پڇيو ويو ته ڳالهيون حڪومت سان ٿينديون يا اسٽيبلشمينٽ سان؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ رڳو اسٽيبلشمينٽ جو چيو آهي، سياسي پارٽين کي سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن يا اسٽيبلشمينٽ سان؟ سوال جي جواب ۾ عمران خان جي ڀيڻ چيو ته جڏهن پارٽيون چون ته اسان جي هٿ ۾ ڪجهه ناهي ته پوءِ انهن سان ڳالهيون ڪنداسين جن جي هٿ ۾ ڪجهه آهي، پي ٽي آءِ باني به اهو چيو ته اها پريڪٽيڪل شيءِ آهي ۽ حالتون به هن وقت اهڙو آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.