اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندو خيل گيهه ملز تي ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ کي فل ڪورٽ سمجهيو وڃي، آئيني بئنچ گيهه ملن تي ٽيڪس بابت ڪيس ۾ سمورن صوبن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ان ڪيس جو فيصلو ڏنو آهي، منهنجو خيال آهي ته ڪيس نه ٻڌو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ان ڪيس ۾ فل بينچ جو فيصلو آهي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي فل ڪورٽ ناهي رهي، ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.