ٻارن جي عالمي ڏينهن جي تقاضا

اڄ هر سال وانگر 20 نومبر کي ٻارن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. انهيءَ ڏينهن کي ملهائڻ جي اڄ به ايڏي ئي اهميت ۽ ضرورت آهي جيڪا ان روايت جي قائم ٿيڻ واري پهرين ڏينهن تي هُئي.

اسان جي سماج ۾ عورتن ۽ ٻارن جي حيثيت مظلومن جهڙي رهي آهي  انهن کي جيڪڏهن ڪٿي ڪا  اهميت مليل آهي ته اها  ترقي پسند گهرن ۽ ڌرين وٽ آهي. سو مجموعي طور تي  ڏسجي ته ٻارن ڏانهن عزت وارو رويو رڳو اهي ماڻهو رکي رهيا آهن جيڪي ترقي پسند يا پنهنجي ڪردار ۾ مهذب هوندا آهن.بهرحال ٻارن جي عزت نفس جو خيال ڪندڙ اقليت ۾ آهن ۽ انهن مٿان ذهني توڙي جسماني تشدد ڪندڙ وري اڪثريت ۾ آهن. انهيءَ الميي تي ڇا چئجي ته اسان جا اسڪول به ٻارن لاءِ تشدد گاهه آهن جتي ماستر ۽ ماسترياڻيون ٻارن کي مارڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. ٻارن کي مارڻ جو ئي  سبب آهي ته اسان جي سماج ۾ جيڪا آبادي پڙهيل آهي اوڏي ئي آبادي کي استادن پنهنجي مار سان تعليم کان ڀـڄايو آهي. گهرن اندر وري ٻار والدين مٽن مائٽن جي موچڙي ۾ هجن ٿا. ٻاهر به ٻار محفوظ ناهن مطلب ته ٻار ڪٿي به محفوظ آهن ته چئي سگهجي ٿو ته سندن ٻالڪپڻو ٽارچر سيل ۾ گذري رهيو آهي.

اسان جي سماج اندر ٻارن سان بنيادي طور تي وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته انهن کي صرف ۽ صرف هڪ ناسمجهه ٻار ئي سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته حقيقت ۾ اهو پنهنجي جوهر ۾ انتهائي سنجيده سبجيڪٽ آهي. ٻار، ٻاراڻي عمر ۾ جيڏو تيزي سان ذهن کي استعمال ٿو ڪري ايڏو وڏي عمر ماڻهو به نه ٿو ڪري.ڪنهن به گهر، اسڪول ۽ سماج ۾ مليل ماحول ۾ ٻار ڪيڏي تيزي سان پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري ٿو، ڪيڏي  رفتار سان اتي ڳالهائيندڙ ٻولي سکي ٿو تنهن تي حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

ٻارن جي ذهني وسعت جو عالم اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي هر قميت تي ٻارن جي سوالن جا جواب ڏيئڻ جو پابند بڻايو وڃي ته اوهان ٻارن جي 80  سيڪڙو سوالن جا جواب ئي نه ڏئي سگهندئو يعني ٻار جيڪي سوال پڇندا آهن تن جو اوهان وٽ جواب ئي نه هوندو ۽ اوهان انهن جا سوال بڌي لاجواب ٿي ويندئو.

ٻارن کي وڏن جي عزت ڪرڻ جي ته تلقين ڪئي ويندي آهي پر وڏن کي ننڍن جي عزت ڪرڻ ناهي سيکاريو ويندو جڏهن ته عام سماجي مشاهدو اهو آهي ته عزت جو معاملو ڏي وٺ جي بنياد تي هوندو آهي اوهان ڪنهن جي عزت ڪندئو ته اهو به جواب ۾ توهان جي عزت ڪندو پر اوهان هر وقت ان جي تذليل ڪريو، سندس نفس عزت جو خيال نه ڪريو ۽ سندن دوستن يا ڪلاس ۾ هم ڪلاسي دوستن جي آڏو ذليل ڪريو ۽ مٿان وري ها توقع ڪريو ته هاڻي اهو اوهان جي عزت به ڪري ته اهو غير فطري عمل هوندو. ٻار اوهان جي وڏي عمر جو کڻي لحاظ ڪندو پر  اهو اوهان جي دلي عزت نه ڪندو.

ٻيو ته ماڻهوءَ جي بنيادي نفسيات ٺهندي ئي ٻاراڻي عمر ۾ آهي تنهن ڪري عمر جو اهو حصو بيحد اهم هوندو آهي تنهن ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻارن جي پرورش ڪندي جيڪو اوهان پوکيندئو سو ئي لڻندئو. ٻارن جي ذهني اوسر وقت جيڪڏهن ان جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري وڃي ته  هو جيڪو ڪجهه به چوي ٿو، جيڪو ڪجهه به سمجهي ٿو تنهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وقت جو ذيان آهي ته پوءِ هو سڄي عمر ڇو نه دٻيل رهندو. ڇا اسان پنهنجي ان رويي سان غير تخليقي ذهن ۽ غير جمهوري ٻار نٿا پيدا ڪريون جنهن ۾ نه ڪا سمجهڻ جي عادت وجهجي ۽ نه ئي ٻئي کي ٻڌڻ جي يا سوال پڇڻ جي همت  هجي؟

سو اسان وٽ ٻارن لاءِ اهو تصور آهي ته اهي وڏن جي اکين سان ڏسن، وڏن جي زبان سان ڳالهائين، وڏن جي ڪنن سان ٻڌن ۽ وڏن جي خوابن جي ساڀيان ڪن ۽ بس. جڏهن ته اصولن وڏن جي اها ذميواري هئڻ گهرجي ته اهي ٻارن جي جائز خواهشن ۽ گهرجن کي اوليت ڏين.

ٻارن جي عالمي ڏينهن جي به اها تقاضا آهي ته سندن بنيادي حقن، خواهشن، گهرجن جو خاص خيال ڪيو وڃي ۽ کين صحتمند توڙي سازگار ماحول ڏنو وڃي ته جيئن اهي مستقبل جا لائق ۽ فخر جوڳا معمار بڻجي سگهن. اسان اهو ناهيون سوچيندا ته  هي اڄ جا ٻار سڀاڻي ملڪن جا حڪمران بڻجندا، وزارتون ماڻيندا، صدر، وزيراعظم، وڏا وزير، ڪامورا، عدالتن جا چيف جسٽس، جج ، وڏا آفيسر، پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، دانشور  ۽ اديب وغيره بڻبا تنهن ڪري کين اهڙي مستقبل لاءِ نه رڳو تيار ڪجي پر کين اهڙو ماحول ڏجي جو اهي ننڍپڻ کان واضح  هجن ته کين ڇا بڻجڻو آهي ۽ اڄ ساڻن مستقبل جي معمار طور عزت ۽ احترام سان پيش اچون. ائين اهي ٻار مهذب ماحول ملڻ سان پاڻ به مهذب بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا. اها ته سائنسي حقيقت آهي ته ٻار ان ماحول جهڙو ٿي ويندو آهي جهڙو ان کي ملندو آهي. تنهن ڪري ٻارن کي  هڪ سٺو، سڌريل تهذيب يافته پڙهيل ڳڙهيل سماج ۽ ماحول ڏيڻ وڏن جي ذميواري آهي. ان حساب سان دنيا جي هر رياست ۽ حڪومت جو اولين فرض آهي ته اهي ٻارن جي زندگين، صحت، تعليم ۽ سندن اوسر تي خاص ڌيان ڏين ۽ کين مستقبل جو بهترين معمار بڻائڻ جو بهتر کان بهتر ماحول مُهيا ڪري ڏين.

اهو سڀ پاڻ کي هر سال وانگر اڄ به  به ملهائيجندڙ ٻارن جو عالمي ڏينهن ياد ڪرائي رهيو آهي ته پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي ڪجهه ٻارن لاءِ به سوچيو. پر صورتحال ان جي ابتڙ آهي. رپورٽون آهن ته اسان جي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪول  ناهن ويندا ۽ سنڌ ۾ 80 لک ٻار اسڪول ناهن ويندا. سو ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائيندڙ اسان جي حڪومت خاص ڪري تعليم کاتي کي ان پاسي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.