6 ڪئنالن خلاف ڀان سيد آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ريلي

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ واري فيصلي خلاف ڀان سيدآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ مير منظور مينگل، مرچو ڀنڊ، علي محمد جمالي ، ڪريم عمراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه  تي ڪوبه ڪئنال منظور ناهي ، سنڌ ۾ پهريان ئي پاڻي جي شديد کوٽ آهي سنڌ سرڪار ڪئنالن بابت سنڌ جي عوام سان گڏ بيهي وفاقي سرڪار اڳيان چٽو موقف رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.