زمين، درياهه ۽ خوراڪ تي سرمائيدارن جي قبضي جي سازش

تحرير: امداد قاضي

تاريخ جي شروعاتي دور ۾  زمين تي ڪي لڙايون ڪونه ٿينديون هيون،ڇو ته ڌرتي سڀني جي گڏيل ملڪيت هئي. اهڙي ريت پاڻي به تمام گهڻو هو، انسانن، جانورن يا زراعت  لاءِ ڪا به کوٽ نه هئي. جڏهن انسان کي سوڪهڙي سبب خوراڪ جي کوٽ ٿيڻ لڳي ۽ ڏڪار ٿيڻ لڳو ته انهن علائقن جا ماڻهو ٻين آباد جتي خوراڪ جا وسيلا ميسر هئا، طرف لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. آبادي به وڌڻ لڳي ۽ موجود وسيلا جڏهن اڻ پورا ٿيڻ لڳا ته هڪ دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين جي علائقن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. پهريان اتي آباد انسانن کي ماري کائڻ، ماري ڇڏڻ ۽ اڃان اڳتي هلي انهن کي غلام بڻائي پورهيو ڪرائي پنهنجي  لاءِ زراعت ڪرائڻ يا شڪار ڪرائڻ جو آغاز  ڪيو . ان وقت کان زمين تي انسانن جي وچ ۾ جنگون شروع ٿيون جيڪي اڄ تائين جاري آهن. ان سبب ئي طبقاتي نظام جنم ورتو. پهريان غلام داري، پوءِ جاگيرداري، ۽ اڄ وڏي پيماني تي سرمائيداري جي شڪل ۾ استحصالي طبقاتي نظام موجود آهي. ڪجهه سرمائيدارن پنهنجي ملڪ ۾ معيشت جي هڪ هٽي قائم ڪري پنهنجي ملڪي يا رياستي حدن کي اورانگھي خام مال ۽ تيار مال جون منڊيون حاصل ڪرڻ  لاءِ ٻين علائقن تي قبضو ڪيو.

اهڙي ريت بيٺڪي نظام رائج ٿيو، انهن قبضاگير طاقتن جي وچ ۾ هڪٻئي کان بيٺڪون کسڻ جي معاملي تي مختلف دورن ۾ جنگيون ٿينديون آيون ۽ ان سبب پهرين عالمي جنگ لڳي. هن جنگ سان ڪجهه بيٺڪي طاقتون ڪمزور ٿيون ۽ هڪ وڏي سامراجي طاقت روس ۾ پهرين پورهيت طبقي جي نمائنده بالشويڪ پارٽي زار روس جي خلاف عوامي بغاوت ڪري سوشلسٽ انقلاب ڪري پهرين پورهيت طبقي جي نمائنده سوشلسٽ رياست قائم ڪري ورتي. ان انقلاب کان اتساهه وٺندي مختلف غلام قومن بيٺڪي نظام مان آزادي  لاءِ جنگيون شروع ڪري ڏنيون. انهن کي روس جي انقلابي حڪومت هر طريقي سان مدد ڪرڻ لڳي. ان سبب دنيا مان بيٺڪي نظام ختم ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. سامراج پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي جديد بيٺڪي ۽ اڄ جي دور ۾ نئين قسم جي مالياتي سامراجي نظام کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

اڄ جيئن ته انساني آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ خوراڪ جي وڌيڪ ضرورت کي نظر ۾ رکندي ان کي هڪ پراڊڪٽ ڪموڊٽي ٺاهي نفي ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي، عام واهپي جي شين جي منڊي کي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ  لاءِ ٻيهر زمينن تي قبضي جو دور شروع ٿي ويو آهي. سامراجيت جي ان جديد دور کي دل لڀائيندڙ نالو "”گلوبلائيشن يا عالمگيريت”” جو نالو ڏنو ويو آهي. زمينن تي قبضي کي ڪارپوريٽ فارمنگ جو نالو ڏنو ويو آهي. 1970 ۾ آمريڪا کان ڪارپوريٽ فارمنگ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ وڌندو وڌندو هاڻي ايشيا، آفريڪا، اتر، ڏکڻ يا لاطيني آمريڪا تائين پهچي چڪو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي معنيٰ آهي وڏي پيماني تي ناڻي جي سيڙپڪاري ڪري نفي جي بنياد تي زراعت کي منظم ڪرڻ. جديد قسم جي مشينري ۽ جديد قسم جا ٻج استعمال ڪندي پهرين جي مقابلي ۾ ڪيترائي دفعا وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ. اهڙي ريت جانور پالڻ جا وڏا ۽ وسيع فارم قائم ڪري گوشت ۽ کير جي وڏي پيماني تي پيداوار ۽ مارڪيٽينگ ڪئي وئي آهي. انهيءَ نتيجي ۾ ننڍي پيماني تي جيڪا خانداني زراعت هئي سا ختم ٿيندي پئي وڃي، ۽ زمينون ڪارپوريشن جي حوالي ٿينديون پيون وڃن. اهڙي طرح اهي خوراڪ تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪنديون پيون وڃن. منڊي يا مارڪيٽ عام هاري، خانداني زراعت  ڪندڙن جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي. ان سان گڏ مهانگي ٿيڻ ڪري خوراڪ تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هئڻ باوجود وڏي آبادي واپرائڻ کان محروم رهجي وڃي ٿي. اهڙي ريت پاڻي کي ڄاڻي واڻي گدلو ڪري انساني ضرورت  لاءِ فطرت طرفان مليل مفت ذريعي کي نفعي ڪمائڻ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. دريائن تي به هڪ هٽي قائم ٿيندي پئي وڃي. آمريڪا، برطانيا ، ڪينيڊا ۾ هي عمل هلندڙ آهي جتي خوراڪ سرمائيدارن جي قبضي ۾ اچڻ ڪري مهانگي ٿي چڪي آهي. انڊيا ۾ به هي عمل جاري آهي، جنھن خلاف انڊيا جي هارين طرفان جدوجهد، تحريڪون، ڌرڻا ۽ دهلي ڏانهن مارچ جون ڪوششون اوهان  ۽ اسان ٻڌندا ۽ ڏسندا رهون ٿا.

پاڪستان ۾ ھي منصوبا مختلف وقتن ۾ سامهون ايندا رهيا آهن. پهريان 2000ع ۾ جنرل پرويز مشرف ان کي متعارف ڪرائڻ  لاءِ قانون پاس ڪيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪمپني رجسٽر ڪرائي توهان جيتري چاهيو زمين رکي سگهو ٿا. ان تي زرعي سڌارن جو ڪو به قانون لاڳو نه ٿيندو. ڪمپني لکين ايڪڙ زمين پاڻ وٽ رکي سگهندي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان اها اڪيلي پارٽي هئي جنهن ان وقت ان منصوبي جي مخالفت ڪئي. پر هي منصوبو مشرف جي وقت ۾ ايترو ڪامياب نه ٿي سگهيو. جنرل عاصم منير جڏهن کان پاڪستاني فوج جو سربراهه ٿيو آهي ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي سرمائيدارن کي پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ  لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي وڌيڪ زور ڏيئي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان مقصد  لاءِ لکين ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ شهباز شريف جي قيادت ۾ PDM جي گذريل عبوري حڪومت اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ آبادگار ڪانفرنس سڏائي پروجيڪٽ کي متعارف ڪرايو. عبوري وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته ان منصوبي جو اصل خالق جنرل عاصم منير آهي، ڇا هي سرونگ جنرل جو ڪم آهي؟ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران نومبر 2023 ۾ گهوٽڪي جي علائقي کروهي ۾ هاري ڪانفرنس سڏائي ان منصوبي کي ملڪ  لاءِ نقصان ڏيندڙ زمين، پاڻي ۽ خوراڪ تي سرمائيدارن ۽ فوجي فائونڊيشن جي قبضي، هڪ هٽي قائم ڪرڻ جو منصوبو قرار ڏيئي رد ڪيو هو.

پاڪستان ۾ اقتدار اعليٰ تي هميشه کان آمرن جو قبضو رهيو آهي. 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن بعد قائم ٿيندڙ حڪومتون ته مڪمل طور انهن جون تخليق ڪيل هيون ۽ آهن. چونڊن جو نظام صرف ڏيکاءُ  لاءِ آهي، جيڪو هيئنر سڀني جي سامهون وائکو ٿي چڪو آهي۔ آئين جي 26 ترميم کانپوءِ هاڻي پارليامنٽ وانگر عدالتي نظام کي پڻ پنهنجي طابع بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ملڪ هاڻي سامراج جي پڇ لٽڪائو بندوق بردار آفيسر شاهي جو غلام بڻجي چڪو آهي۔رياست جا ٻيا ادارا مثال طور پوليس ۽ عدليا دانهون ڪري چئي رهيا آهن ته هو اسان کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ چاهن ٿا، ان سلسلي ۾ ججن جون شڪايتون کلي طرح سامهون آيون آهن.جڏهن ته مڙئي اختيار انهن وٽ آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ کي فوجي سرمائيدار ڪمپنين خاص طور فوجي فائونڊيشن پرڏيهي سرمائيدارن سان گڏيل سيڙپڪاري تحت لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.ان منصوبي کي "”گرين اينيشيٽو”” جو نالو ڏنو ويو آهي. پاڪستان تي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جا ڪهڙا اثر پوندا، اچو ته ان جو جائزو وٺون.

پاڪستان ۾ زراعت تي هڪ اڌ حڪومت کان سواء ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي. حالانڪه پاڪستان ۾ بهترين نهري نظام موجود آهي، جيڪو مدي خارج ٿيندو پيو وڃي. بهترين ميداني علائقا ۽ زمينون پڻ آهن۔ هر قسم جي موسمي حالتن جو فائدو وٺندي هتي مختلف قسم جا بهترين فصل اپائي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙي ريت جديد بنيادن تي پولٽري ۽ ڊيري فارم قائم ڪري ان جي پيداوار کي به وڌائي ملڪي ضرورتون پوريون ڪري، پرڏيهه موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. تازي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪڻڪ پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ 8 نمبر،چانور ۾ 10 نمبر کنڊ ۾ 5 نمبر ۽ کير پيدا ڪرڻ ۾ 4 نمبر تي آهي،پر انتظامي خرابين ۽ رياستي بي ڌياني سبب اسٽيٽ بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 37% آبادي خوراڪ کان محروم آهي. ان کان سواءِ اناج پيدا ڪندڙن کي ان جو مناسب اگهه نٿو ملي. پر منڊي جي سرمائيداراڻي ڍانچي سبب بي انتها نفعو حاصل ڪرڻ سبب واڌو پيداوار باوجود خوراڪ ايتري مهانگي ٿي چڪي آهي جو وچولي آمدني واري آبادي جي پڻ خريداري جي سگهه کان مٿي چڙهي چڪي آهي.

پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي تخليق ڪندڙن يعني فوج جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي. پر پاڪستاني تاريخ جي ڊگهي عرصي تائين جنرلن جي حڪمراني رهي آهي. جڏھن ته سويلين حڪومتون به انهن جي ڇانو ۾ حڪمراني ڪنديون آيون آهن. ان باوجود انهن ڪا به اهڙي پاليسي نه ٺاهي جنهن سان زراعت کي بهتر ڪيو وڃي ۽ خوراڪ جون ضرورتون به پوريون ٿين ته پرڏيهي واپار ڪري ناڻو به ڪمائي سگهجي. ان سان زراعت سان لاڳاپيل آبادي به خوشحالي ماڻي سگهي، پاڪستان معاشي طور سامراجي ملڪن يا سامراجي مالياتي ادارن جي تحت رهي زندگي نه گذاري ۽ عوام کي به انهن جي ظالماڻن شرطن تحت هر ايندڙ ڏينهن نئين مهانگائي سان منهن ڏيڻو نه پوي۔ سامراج پاڪستان کي هڪ سيڪيورٽي رياست بڻائي پنهنجي فائدن  لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي طاقتور بڻايو، جڏهن ته معاشي طور مفلوج رکيو. ته جيئن هن جي حالت پيراسائيٽ واري هجي، هي انهن جي مدد ۽ قرض سهاري هلي ۽ سندن مفادن  لاءِ ڪم ڪندو رهي.

(هلندڙ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.