سس ننهن، سهرو ناٺي ملڪ هلائي نٿا سگهن

تحرير: امر جليل

سڀ کان پهرين اها ڳالهھ ٻڌي وٺو، جيڪا ڳالهه مان ننڍپڻ کان وٺي پوڙھائپ تائين ٻڌندو پيو اچان.عين ممڪن آھي اھا ڳالھھ توھان ننڍپڻ کان ٻڌي ھجي.سٺي ڳالھھ آھي. هر هر ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناهي. سياڻن جو چوڻ آھي تھ توهان وڏي سطح تي سٺو ۽ معياري ڪم تڏھن ڪري سگھو ٿا،جڏھن اھو ئي ڪم توھان ننڍي يا محدود سطح تي پھرين کان ڪندا آيا ھجو. ننڍي سطح تي توھان کي ان ڪم ڪرڻ جو تجربو ھجي. ان چوڻي ۾ توھان سٺو ۽ برو ڪم شامل ڪري سگھو ٿا. اسان سڀ سڄي زندگيءَ ڪجهه نھ ڪجهھ ڪندا رھندا آهيون. اھو ٿي نھ ٿو سگهي ته توھان ڪجهه نه ڪندا ھجو، سياڻن جي اھا ڳالهھ ٻڌي ڪنھن سڙندي ُڪڙھندي چيو ھو تھ ” مان پينو فقير آهيان. ڪجهھ نه ٿو ڪريان“.

ڪنهن پڇيو. ”پينو فقير آهين ته پوءِ روزي روٽيءِ جي لاءِ پِنندو تھ ھوندين؟“

سڙندڙ ڪڙھندڙ شخص چيو تھ ” اھو تھ مان ڪريان ٿو،“.

”اها ئي ڳالهه مان تنهنجي واتان ٻڌڻ پئي چاهي. “ کوجي چيو.

”پنڻ تنهنجو ڪم آهي. اھو ڪم تون ڪڏھن کان ڪندو پيو اچين ؟ “

سخت لهجي ۾ پينو چيو. ” اھو ڪم مان سالن کان ڪندو پيو اچان .”

اھڙي قابل پينو کي توهان وڏي ليول يعني سطح تي پنڻ جي ڌنڌي سان لڳائي سگھو ٿا.

اھو رحمدل ملڪن کان توھان جي معاشي ۽ اقتصادي طور ٿڪل ملڪ جي لاءِ ڊالرز، پائونڊز ۽ يورو جا ڍڳ آڻي سگهي ٿو.اھو ايترو پئسو آڻي سگھي ٿو جو توهان جي اسٽيٽ بئنڪ وٽ رکڻ جي جي جاءِ کٽي پوندي. عملي کي ڪمرن مان ڪڍي ورانڊن ۽ ڪوريڊرون ۾ ويھارڻ بعد اسٽيٽ بئنڪ کي پائونڊز، ڊالرز ۽ يورو جي ڍڳن کي رکڻ جي لاءِ جاءِ ملي سگھندي. ان کي چئبو آھي ننڍي پيماني تي ھڪ ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانپوءِ تمام وڏي سطح تي پنهنجي ھنر جي ڪمال جو مظاھرو ڪري ڏيکارڻ .جو ماڻھو جون عجب وچان ڏندين آڱريون اچي وڃن.

ھڪ حضرت جڏھن نو خيز ھو، تڏھن ڪراچيءَ ۾ هن جي ھڪ سئنيما هئي. جوان ٿيندي ٿيندي هو ڏهن سئنيمائن جو مالڪ بڻجي چڪو هو. ڏسندي ئي ڏسندي ھو خريد و فروخت ڌنڌي ۾ ڪاھي پيو. پنهنجي تجربي جي هر ُگر کي آزمائيندي ھو گھڻو اڳيان نڪري ويو ۽ اسيمبليءَ ۾وڃي ويٺو. اڄ ھو عھدي ۾ آسمان کي ُڇھي سگهي ٿو.

منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ڪاروبار ننڍو يا وڏو ناهي ھوندو. ڪاروبار توهان کي اڻ تجربيڪار مان مڃيل ڪاروباري بڻائي ڇڏي ٿو. سکڻ لاءِ عمر جي حد مقرر ناهي ھوندي.

هڪ صاحب ننڍپڻ ۾ ھيراڦيري ۾ پنھنجو مٽ نھ رکندو ھو.ننڍي پئماني تي ھيرا ڦيري جون سموريون چالاڪيون ،داءُ. ڪرتب.شبدھ بازي جو ھر ھنر اپنائي ورتو ھو.پوءِ جڏھن هن کي تمام وڏي سطح تي پنهنجي ھنر جي حرفتن ڏيکارڻ جو موقعو مليو ته، حضرت سڀني کي مات ڏئي ڇڏي. ھن زمين تي اھو ڪھڙو ملڪ آهي جتي ھن جي جائيداد نھ ھجي.اسان انهن چالاڪين کي گهڻي اهميت نه ٿا ڏيون. هيراڦيري کي حضرت جو ذاتي فعل سمجهي ڪري درگزر ڪري ڇڏيون ٿا. پنهنجي هنرمندي سان هو جڏهن چاهي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو. هتي هر ھڪ آئيني نقطو وضاحت طلب آهي. اھڙي نوعيت جو وسيع تجربو حاصل ڪندڙن جي لاءِ اسيمبلي ميمبر بڻجڻ تي ڪا پابندي نھ آهي. ان ڪري فقيرن پاران تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي فھرست ۾ تگڙم بازن جي اسيمبلي ميمبر بنجڻ تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جي ڪا التجا نھ آھي.

اڻ ڳڻيا دبنگ زميندار اسيمبلين جا ميمبر بڻيل آهن. اھي ملڪ کي ۽ ملڪ ۾ رهندڙن کي پنھنجي زرعي زمين ۽ ان تي پوک پوکيندڙ هاري، ڪسان ۽آبادگار سمجهن ٿا،انھن لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهڻ کي اھي ضروري نٿا سمجهن.انھن کي پوئتي رکڻ ۾ زميندار هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ۾ لڳا رھندا آھن،توهان ملڪ کي پنهنجي زمينداري وانگر نه ٿا هلائي سگهو، پر توهان بضد آھيو تھ توهان ھلائي سگهو ٿا. توهان ملڪ پنهنجي ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جيان نه ٿا هلائي سگهو. پر توهان ھلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. ملڪ وانگر سڀ ڪجھه ٺپ ٿي رھيو آھي.اهڙي طرح توهان ملڪ فيملي افيئرز يعني خانداني طور طريقي سان نھ ٿا هلائي سگهو.اھو منهنجو موقف نھ آهي. اهو سڀني سياڻن جو چوڻ آهي. مان ۽ منهنجا ساٿي تاريخ ۾ ھڪ مثال جي ڳولا ۾ لڳل آهيون، جڏهن سس ننھن ،سالن سورن،ڀاڻيجن ڀائٽين، چاچن مامن ملڪ گڏجي ڪري ڪاميابيءَ سان هلايو ھجي.

پر توھان ضد تي آهيو ڪٽنب جا ڪٽنب، خاندان جا خاندان، اسيمبلين ۾ ويٺا آهيو ۽ وائڙي طريقي سان ملڪ کي ھلائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيو. فقير 75 سالن کان گذارش ڪري رھيو آهي ته آئيني ترميم ذريعي خانداني سياست تي بندش وڌي وڃي. توهان رڌڻي ۾ ويھي ملڪ ھلائي نھ ٿا سگھو.ڀاءُ، ڀيڻ، نڻاءُ، ڀاڄائي ،سس ننھن گڏجي ڪري ملڪ نھ ٿا هلائي سگهن. مني صديءَ انهن تجربن ۾ توھان ضايع ڪري ڇڏي آهي ۽ اڃان ڪيترا سال توھان مختلف نسخن سان ملڪ هلائيندا رهندا ؟

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.