ٻار ڪنھن به قوم ۽ ملڪ جا معمار ٿين ٿا ـ يعني بنياد فراھم ڪندڙ ـ جنھن ملڪ يا قوم جو بنياد پڪو نه ھوندو اھو ملڪ يا قوم جو مستقبل تابناڪ ھجڻ بجاءِ اوندھو ھوندو ـ ان ڪري ٻارن جي سکيا ۽ تعليم بنيادي شيون آھن۽ اھو سندن حق به آھي. انھن مٿان ھر ھڪ کي خصوصي توجهه ڏيڻ گھرجي ـ ان لاءِ شعور ڏنو وڃي ته پنھنجن ٻارن جي تربيت يا سکيا لاءِ والدين ڇا ڇا ڪن پر ھت ٿئي اھو ٿو جو اسان جي مستقبل جا معمار گيراجن ھوٽلن ۽ دوڪانن تي پورھيو ڪندي نظر اچن ٿا جيتوڻڪ سندن عمر تعليم حاصل ڪرڻ يا راند روند جي ھجي ٿي ـ
اسان وٽ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب پنھنجو ۽ پنھنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالڻ مسئلو ٿي پيو آھي ـ جنھن جي ڪري ٻارن جو ھڪ وڏو انگ اسڪول وڃڻ بدران پورھيو ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪٽنبن جي غربت ڪارڻ تعليم کان محروم رھجي وڃي ٿو ـ ھڪ اندازي موجب 78 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٻار اسڪول نٿا وڃن ـ ننڍن ٻارن مٿان پورھيو ڪرائڻ تي پابندي ھجڻ ۽ قانون موجود ھجڻ باوجود ھر سال 2 ڪروڙ 85 لک ٻار پورھيو ڪن ٿا ـ
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي ٻارن لاءِ ٺاھيل چارٽر مٿان پاڪستان جي صحي باوجود ھتي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو جوڳو خيال نٿو رکيو وڃي بلڪي تعليم حاصل ڪرڻ کي مشڪل بڻايو ويو آھي ـ ٻين اسرندڙ ملڪن جيان بيروزگاري الائونس ڏيڻ يا ٻارن جي ڄمڻ تي سرڪاري سھولتون ڏيڻ جو ڪو رواج ھتي ناھي ـ اسڪولن ۾ ٻارن مان ان ڪتابن جو وڏو بار وڌو وڃي ٿو ـ نصابي ڪورس وقت سان ٺهڪندڙ ناهي. جنھن موجب دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سائنسي ۽ جديد تعليم جو تصور ناممڪن نظر اچي ٿو ـ ان ڪري ئي اسان وٽ سٺا سائنسدان ۽ معشيت دان سامھون نٿا اچن ـ غير سائنسي ۽ جدت کان خالي مدي خارج ڪورس ھجڻ ڪري اسان چي مستقبل جو معمار ھلندڙ صدي کان ڪافي پوئتي آھي ـ
جيستائين ٻاراڻي ادب جو سوال آھي ته اسان وٽ وڏا اديب ٻارن لاءِ ادب تخليق نٿا ڪن ـ ان طرف ڪنھن جو توجھه ئي ناھي ـ تمام گھٽ ٻارن جو ادب تخليق ٿئي پيو ـ اھڙن اديبن يا شاعرن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آھي جيڪي ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مصروف آھن۔ جڏھن ته سرڪاري طور تي پڻ ان بابت ڪو خاص تحرڪ نٿو ورتو وڃي ـ سرڪاري اسڪولن جي حالت نھايت خراب آھي ـ بلڊنگس جي حالت نھايت خستا آھي ـ جنھن جي ڪري ٻار زخمي ٿيندا رھن ٿا ـ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارڙا وڻن ھيٺان ۽ کليل ميدانن ۾ پڙهائي ڪرڻ تي مجبور آھي ـ 39 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن جا استاد گھر ويٺي پگھارون کڻن ٿا ـ جن جا اسڪول عملي طرح سان بند يا وڏيرن جي اوطاق بڻيل آھن پر ڪاغذن ۾ اسڪولن جي حيثيت سان موجود آھن ـ ان کان سواءِ خانگي اسڪولن جي لٽ مار انتھا تائين پھچي چڪي آھي ـ ٻارن جا والدين خانگي اسڪولن جي انتظاميا کان بيزار نظر اچن ٿا ـ انھن خانگي اسڪولن طرفان مختلف بھانن ۽ حيلن سان رقمون وٺڻ جو اڻ کٽ سلسلو پڻ جاري آھي ـ
ٻارن جا جيل جدا نٿا رکيا وڃن ـ جنھن جي ڪري ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا عام جام آھن۔ مدرسن ۽ مسجدن جي ھجرن ۾ معصوم ٻارن سان جنسي لاڳاپا رکڻ عام ڳالھه ٿي پئي آھي ـ ان بابت خبرون اخبارن جي زينت بڻبيون رھن ٿيون ـ نياڻين جي عزت کي خطرا ھر وقت رھن ٿا ـ انگن اکرن موجب ھر سال 33 ھزار ٻارن تي جنسي تشدد جا واقعا پاڪستان ۾ ٿين ٿا ـ سنڌ ھر سال 3 ھزار جي لڳ ڀڳ ٻار اغوا ڪيا وڃن ٿا ـ ٻئي طرف عربن جي اٺن واري خطرناڪ راند لاءِ 321 ٻار ساليانو ھتان اسمگل ٿين ٿا ـ بھتر ۽ بروقت صحت جون سھولتون نه ملڻ ڪري 3200 ٻار ننڍي عمر ۾ مري وڃن ٿا ـ اسان وٽ سنڌ ۾ ساليانو 368 معصوم نياڻيون وڏي عمر جي مردن سان پرڻايون وڃن ٿيون ـ 228 ٻار مختلف ڪڌي رسمن جنھن ۾ ڪارو ڪاري پڻ شامل آھي جو شڪار ٿين ٿا ـ
انساني حقن واري اداري يونيسف جي چارٽر موجب ٻارن جي تعليمي ۽ جسماني تربيت نه ٿيندي ته اھڙو خراب حشر وارو نظام جاري رھندو ـ ان لاءِ ھتان جون ٻارن جي ادارن ۽ تنظيمن کي جدوجھد ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ـ ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ کي مختلف پروگرامز شروع ڪرڻ کپن ـ ٻارن مان جھالت جو انت آڻن لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻارن کي تعليم وٺرائڻ گرامز ٿيڻ گھرجن ـ اسان جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھن کي تعليم جي سھولت گھر ن جي ويجھو ڏيڻ بابت پلاننگ ڪري ان مٿان عمل ڪيو وڃي ـ معذور ٻارن چي سکيا ۽ تعليم تي خصوصي توجھه ڏني وڃي ـ معذور ٻارن جي والدين کي علاج جون سھولتون مُهيا ڪيون وڃن ته جيئن جي ٻارن جي ذھني ۽ جسماني اوسر چڱي ريت ڪري سگھن۔