يوڪرين جنگ ۾ نئين صورتحال : روس ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ جنم ورتو

سومر جي صبح روسي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان روس تي ميزائل فائر ڪيا ويا ته ماسڪو ان حملي کي يوڪرين جو  نه پر آمريڪي حملو تصور ڪندو.جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ "روس ۽ پيوٽن پنهنجي موقف کي چٽو ڪري ڇڏيو آھي آمريڪا جو اھو  فيصلو ھن  تڪرار ۾ واشنگٽن جي شموليت جي هڪ نئين سطح جي نشاندهي ڪري ٿو،”.بيان موجب اهو ”واضح“ آهي ته ويندڙ  بائيڊن انتظاميه ” ٻرندي تي تيل ھارڻ “ جو ڪم ڪري رھي آھي۽ موجود ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿي.

روس طرفان اهو بيان آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران  يوڪرين کي روس جي ھدفن کي نشانو بڻائڻ جي آمريڪا جي ٺاھيل  ڊگهي رينج ميزائل استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بعد سامھون آيو آھي.

آمريڪي قومي سلامتي جي نائب مشير جون فائينر ڪريملن جي بيان بعد روس جو رد عمل آيو آھي.آمريڪي مشير جو چوڻ ھو تھ آمريڪا هن جنگ ۾ اتر ڪوريا جي فوجن کي شامل ڪرڻ جي روسي حڪمت عملي تي نظر رکي رهيو آهي ۽ آمريڪا طرفان روس تي واضح ڪيو ويو آهي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.سندس چوڻ ھو تھ  خطي ۾ اھا باهه روس جي يوڪرين تي حملي سبب ڀڙڪي آھي ۽ بنيادي مسئلو ان جو تسلسل، اتر ڪوريا جي فوج جي جنگ جي ميدان موجودگي ۽ سڄي ملڪ ۾ هوائي حملن جي شدت آهي.ان ڪري مان روس کان پڇڻ چاهيان ٿو ته هتي باهه ۾ تيل ڪير وجھي ٻارڻ  رهيو آهي ۽ مون کي نھ ٿو لڳي تھ اھي يوڪرين جا ماڻهو آهن.

ياد رهي ته يوڪرين ڪيترن ئي مهينن کان روسي سرحدن تي حملي لاءِ آمريڪا کان فراهم ڪيل ميزائل استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري رهيو هو.اتي جي حقيقي صورتحال مان لڳي ٿو تھ روس هاڻي ڪنهن به ڏينهن وڏي جارحيت شروع ڪري،روسي ڪرسڪ علائقي مان يوڪرين جي فوجن کي تڙي سگھي ٿو.يوڪرين آمريڪي طرفان فراهم ڪيل ATACMS  ميزائل بچاءَ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو، حملي ۾ روس جي فوجي اڏن، بنيادي ڍانچي ۽ بارود ذخيري ڪرڻ وارن مرڪزن کي  نشانو بڻائي سگھي ٿو.اھي هٿيار يوڪرين کي اھڙي وقت ۾ ڪجهه فائدو ڏئي سگھن ٿا جڏهن روسي فوج ملڪ جي اڀرندي حصي ۾ زمين تي قبضو ڄمائي رھي آهي.يوڪرين جو صدر وولاديمير زيلنسڪي ڪيتري وقت  کان گھر ڪري رهيو هو ته آمريڪي پابندين کي ختم ڪندي يوڪرين کي روس کي هدفن بڻائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ياد رهي ته پيوٽن ان حوالي سان پابنديون هٽائڻ بابت ماضي ۾ بھ اولهھ جي ملڪن کي خبردار ڪري چڪو آهي.هن چيو ھو تھ روس ان کي نيٽو جي جنگ ۾ سڌي مداخلت طور ڏسندو. جنھن جو مطلب اهو ٿيندو ته نيٽو ملڪ، آمريڪا ۽ يورپي ملڪ روس جي خلاف وڙهي رھيا  آهن.آمريڪا يوڪرين کي اها اجازت ڇو ڏني. رپورٽن موجب يوڪرين انهن ميزائلن ۽ آمريڪي هٿيارن کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان والاريل يوڪرين ۽ ڪرسڪ علائقي ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.

بھرحال آمريڪا ڪڏهن يورڪرين کي ڪيف تي اھي  ميزائل  روس جي اندر استعمال ڪرڻ جي اجازت نھ ڏني ھئي.پر رپورٽن مطابق آمريڪي پاليسي ۾ نئين تبديلي ان وقت آئي جڏهن اتر ڪوريا جون فوجون به يوڪرين جي قبضي واري ڪرسڪ علائقي ۾ روس جي مدد لاءِ پهچي ويون. يوڪرين جو آگسٽ کان ڪرسڪ علائقي تي قبضو آهي.ٽرمپ جي اچڻ بعد يوڪرين شايد مشڪلات کي منھن ڏئي ان ڪري صدر بائيڊن  باقي مدت ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهي ٿو يوڪرين جي مدد ڪرڻ  چاھي ٿو،جئين يوڪرين فوجي طور تي مضبوط ٿئي ۽  امڪاني امن ڳالهين ۾ ان جي پوزيشن بهتر بڻجي سگھي.

ذڪر ڪيل آمريڪي ميزائل ڪافي بھتر ۽ درست ۽ ڊگھي ھدف کي نشانو بڻائي سگھن ٿا.اهي ميزائل پهريون ڀيرو 1991ع ۾ نار جي جنگ ۾ استعمال ڪيا ويا هئا.روس انهن ميزائلن جي خلاف دفاعي انتظام پڻ ڪري چڪو آهي ۽ ڪنهن به ممڪن حملي کي روڪڻ لاءِ ملڪ جي اندر فوجي تنصيب جهڙوڪ جنگي جهازن کي منتقل ڪري چڪو آهي. ان ھوندي بھ ميزائلن جي استعمال سان روس ڪافي مشڪلات جو شڪار ٿي سگھي ٿو.

سومر جي صبح روسي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان روس تي ميزائل فائر ڪيا ويا ته ماسڪو ان حملي کي يوڪرين جو  نه پر آمريڪي حملو تصور ڪندو.جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ "روس ۽ پيوٽن پنهنجي موقف کي چٽو ڪري ڇڏيو آھي آمريڪا جو اھو  فيصلو ھن  تڪرار ۾ واشنگٽن جي شموليت جي هڪ نئين سطح جي نشاندهي ڪري ٿو،”.بيان موجب اهو ”واضح“ آهي ته ويندڙ  بائيڊن انتظاميه ” ٻرندي تي تيل ھارڻ “ جو ڪم ڪري رھي آھي۽ موجود ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.