اڄڪلهه جي جديد دور ۾ جتي انسان دنيا جي ٽيڪنالاجي ڏانهن تيزيءَ سان وکون کڻي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو اُتي ھڪ اھڙي ڀوائتي شڪل سنڌي سماج ۾ ڏاڍ، جبر ۽ ڏھڪاءُ قائم ڪري صدين کان پَنھنجا پير ڄمائي ويٺي آھي جنھن کي ڀوتارڪي نظام چئجي ٿو جنھن ھميشه سنڌي سماج کي لتاڙيو ۽ چيڀاٽيو آھي اڄ تائين به اَسان جي آسپاس اھڙا ماڻهو رھن ٿا جيڪي ھِن وقت به ڀوتارڪي نظام ۾ ذھني، شعوري غلامي جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن جن جا چپ سُئي سان سبيا ويا آھن، زبانون ڪٽيون ويون آھن، اکين تي پٽيون ٻُڌيون ويون آھن ۽ ھٿ ڪٽيا ويا آھن جيڪي بي وس لاچار بڻجي تڙپي رھيا آھن جيئن مڇي پاڻي بنا زمين تي تڙپندي ڦٽڪندي آهي جن ھميشه سنڌي سماج جي ماڻهن کي جنجهوڙيو آھي جن وٽان لُڇڻ ۽ ڪڇڻ جون صلاحيتون ئي ختم ٿي ويون آهن جيئن اوائلي دور ۾ ٻن قومن جي وچ ۾ جنگ کانپوءِ ھارايل قوم جي ماڻهن کي غلام بڻائي اُنهن مان مشقت جو ڪم ورتو ويندو ھو ۽ اُنهن جا پويان ڪيئي نسل اُن غلامي ۾ لتاڙجندا ھئا. سنڌ ۾ ڀوتارڪي نظام اھڙو ته ناسُور بڻيل آهي جنھن سَڄي سنڌ جو سُک، شانتي، اَمن اَمانَ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي سنڌ اندر ڀوتارڪي نظام تڏهن پَنھنجا پير کوڙيا جڏھن کان انگريز سامراج سنڌ جي خطي ۾ پنھنجو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڪَرُ کنيو تڏهن کان ھتان جا موقعي پرست وڏا ماڻهو پنھنجون عزتون ۽ غيرتون نيلام ڪري انگريز سامراج کي پنھنجو آقا سمجھڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. انگريز سامراج اُن غلامي جي عيوض ۾ اُنھن کي پنھنجون جاگيرون ڏنيون ۽ وڏن وڏن لقبن سان نوازي ڇڏيو. جھڙوڪ: پير، مير، سر، رئيس، مسٽر، ڀوتار، وڏيرو۽ سردار وغيرھ انگريز سامراج پاران ھڪ فرمان جاري ڪيو جنھن ۾ واضح طور اُھو ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ ڀوتار جيڪو چاھين ھو ڪري سگهن ٿا ھنن کي ڪنھن به شيءِ جي جھل پل ڪونھي جنھن وقت انگريز سامراج جو قھري راڄ جو سج لھڻ شروع ٿيو اُن وقت انگريز سامراج ھيسجڻ لڳا ۽ آڻ مڃي پنھنجا پير ڊاھي ھتان ڀڄي ويا ويندي ويندي انگريز سامراج پنجاب جي پُٺي ٺَپي اُن جا پير پختا ڪري سَڀ ڪُجهه اُنھن جي حوالي ڪيائون ۽ پنجاب پنھنجا فيصلا ڪرڻ ۾ خودمختيار بڻجي ويو سَموري سگھه جو مالڪ بڻجي طرح طرح جا ظلم ڪندو رھيو پنھنجا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان سڀ ڪُجهه ڪندو رھيو جيڪو پنھنجي آقائن انگريزن پاران ڪَنَ ۾ سمجھايو ويو.
سنڌ ۾ ڀوتارن کي تڏهن ھٿي ۽ سگھه ملي جڏھن پھريون ڀيرو مُلڪ ۾ مارشل لا لڳي ۽ ايوب خان مُلڪ جو پھريون صدر بڻيو جنھن سياست جو ھٿ وٺي سنڌ اندر ڀوتارن کي مضبوط ڪري کين ڪابينا ۾ وزارتون ڏئي اڳيان آندو جنھن ۾ ذولفقارعلي ڀٽو وزارتن جو حصو بڻيو ھو ايوب خان پھريون ڀيرو بنيادي جمهوريت جو نظام آڻي ڀوتارن کي سنڌ ۾ پھريون ڀيرو مقامي سطح تي مضبوط ڪيو معمول کان وڌيڪَ ترقياتي ڪمن ۾ فنڊ ڏئي مالي طور مستحڪم بڻايو ويو جنھن کانپوءِ عام شھرين جو استحصال شروع ٿيو. سنڌ مان اَمن اَمان جا پکيئڙا اڏامي ويا سَڄي سنڌ ۾ ڪرپشن، بُک، بدحالي، جهالت ۽ ناانصافين جي وَرَ چڙهي وئي ھِن ئي دور ۾ حڪومت مُنهن ڪڍيو ڀوتارن پَنھنجن پاليل واٺن کي ڌاڙيل، ڏوھاري بڻايو ويو سَڄي سنڌ نوگو ايريا بڻجي وئي سنڌ جو شهر، ڳوٺ، ڪچي، پڪي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جو راڄ قائم ٿي ويو چوريون چڪاريون، ڌاڙا ۽ ڦرلٽ، وڌي وئي جنھن ۾ خاص ڪري عام غريب ماڻهو، واپارين ۽ شھرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو گھڻي ڀاڱي مزدور طبقو متاثر ٿيو سَڄي سنڌ اندر خوف هراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو ڌاڙيل راڄ سَڄي سنڌ ۾ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ وارثن کان ڀُنگ وسيلي ڏوڪڙ وصول ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو رستي کان ايندي ويندي سفر دوران ھٿيارن جي زور تي ماڻهن کان ڏوڪڙ ڦرڻ ايتري قدر جو اُنهن کي ڪنھن نياڻي جي لڄ حياءُ به ڪونه ھئي اُنهن نياڻين کان سون زيور ڦريا ويندا ھئا جن کي ڀوتار عام رواجي ڏوهه سمجهندا هئا. سنڌ اندر اھڙيون ڪارروايون ڀوتار پنهنجي واٺن کان ڪرائيندا ھئا جيڪي اُنھن جي ٽڪرن تي پلجندا ھئا جڏھن رات اونداهي جي چادر ويڙهي ڇڏيندي هئي اُن وقت ڌاڙيل شھرن، ڳوٺن جا رُخ ڪري ماڻهن جي گهرن ۾ گھڙي ڀتيون ٽپي ھٿيارن جي زور تي سَموري گڏ ٿيل ملڪيت ڏوڪڙ، سون چاندي ڦري ھليا ويندا ھئا جيڪي ماڻهن پنھنجي اولاد لاءِ گڏ ڪري رکيا اُھي سَڀ کڻي گھر کي ٻُهاري ھليا ويندا ھئا اڳتي هلي ايوب خان جي حڪومت ختم ٿي وئي. مُلڪ جون چونڊيون ڪرائي مُلڪ جو اقتدار سنڌ جي ڀوتارن حوالي ڪري ڇڏيو جنھن کي عوامي حڪومت جو نالو ڏئي ڀوتارن کي وڏي سگھ بخشي وئي جيڪو ڀوتار چاھي پيو اُھو سڀ ڪُجهه ڀوتارن کي ملي ويو. سياست جي آڙ ۾ ھنن سنڌ کي لٽيو ڦريو ڪيترن ئي بيگناھ ماڻهن جو رَتُ وھايو آھي ڪيترن ئي قبيلن کي پاڻ ويڙهائي نسل تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا پنھنجو ڏاڍ، جبر قائم ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي چٿڻ شروع ڪيو ڳوٺن، توڙي شھرن ۾ ڀوتارن پنهنجو اثر ويھارڻ لاءِ پوليس جي مخبري ڪري ماڻهو ٻڌڻ ۽ ڇوڙائڻ سان گڏ اُنھن ماڻهن تي ظلم ڪندا رھيا آھن جيڪو اڄ به سلسلو جاري آھي ھِن وقت به ڳوٺن جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون، مال متاع جا واڙا بڻيل آهن تعليم لاءِ اسڪول ۽ صحت لاءِ اسپتال موجود ناھي سَموري سنڌ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي ھاڻي ته بنيادي سهولتون ھتان جي ماڻهن کي صرف خوابن ۾ ئي آھن ھزارين بيماريون ڳوٺاڻي ماحول کي وڪوڙي ويون آهن رياست پاران ڀوتارن جي مٿان آشيرواد جو ھٿ رکي سنڌي سماج جي حقن جي استحصالي ڪئي وئي آھي صدين کان ڀوتارن جي ذھنن ۾ اِھا بدبودار گندگي ڀريل آھي جيڪڏهن ڪنھن ھاري جو پٽ يا نياڻي پڙھي لکي اڳتي وڌندا ۽ اسان جي خلاف سامھون ٿي آواز اُٿاريندا اُن خوف کان اُنھن ماڻهن کي ذھني، شعوري غلام بڻائي ڇڏيو آھي اھڙو حشر نشر ھميشه سنڌي سماج سان ٿيندو آيو آھي ھتان جا ڀوتار عياشي ۾ پنھنجي زندگي گذارڻ لاءِ غريب ماڻھن جي پلانٽن، گھرن سميت اسڪولن، اسپتالن ۽ سرڪاري عمارتن تي قبضا ڪندا رھيا آھن سياست جي آڙ وٺي پنھنجي منشيات جي ڪاروبار کي ھٿي ڏئي نسلن جا نسل تباھ ۽ برباد ٿي رھيا آھن غريب ھاري جي نياڻي کي ڪارنھن جي الزام هيٺ نياڻي کي وڪڻي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي نشي ۾ ڌت بڻيل آهي ڀوتارن سنڌ جا ڪيترائي ايندڙ نسل تباھ ۽ برباد ڪرڻ ۾ پورو آھي جيڪو پنھنجي آقائن پاران مليل ٽارگيٽ پورو ڪري رھيو آھي. ھر دور ۾ ڀوتار سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪندا آيا آهن سنڌ جي سياسي، سماجي شعور کي اونداهي ۾ ڌڪي جھالت جنم ڏنو آھي جنھن ڪري سنڌ اڄ وڏين مشڪلاتن مان گذري رھي آھي حالت اِھا آھي ته جيڪو سنڌ جو ھاري نٽھڻ اُس ۾ پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڀوتارن جون زمينون ھَرُ ھلائي آباد ڪري ٿو ۽ فصل تيارڪري ٿو اُن فصل مان به ڀوتار ڪُجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جيڪڏهن ھاري گھرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڀوتار جو ظلم اُن ھاري مٿان وڌي وڃي ٿو ۽ اُھو ھاري مجبورن پيٽ پالڻ لاءِ ڀوتارن جي غلامي ڪندو رھي ٿو ۽ ايندڙ ڪيئي نسل اُھا غلامي ڪندا رھن ٿا پر افسوس جھڙي ڳالهه آھي جيڪا سنڌ پوليس انسان جي جان مال جي تحفظ جي ضامن ھجي اُھا سنڌ پوليس ھتان جي ڀوتارن سان ملي اغوائن، چورين ۽ منشيات جي اڏن ھلائڻ ۾ ڀاڳي ڀائيوار رھي آھي جيڪي چورن، ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي بجاءِ ھتان جي شھرين جو سڪون ڦٽائي رھي آھي.
ڀوتارڪي نظام جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ھاڻوڪي سياسي نظام جي ماڻهن جو وڏو ھٿ آھي جيڪي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا ۽ ڦريندا رھيا آھن اڪثر ائين ئي ٿيندو آيو آھي ته مُلڪ ۾ صاف شفاف چونڊون نه ھئڻ ڪري طاقت جي زور تي ووٽ وٺڻ حُڪمراني ڪرڻ لاءِ ڀوتارن پنهنجي اولاد کي سرڪاري ادارن کان ويندي ھر اُن وڏي عھدي تي ڀرتي ڪيو جن سَمورن ادارن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي جنھن جي ھو اھل ئي ناھي جنھن سبب ھتان جا ماڻهن گھڻين تڪليفن کي مُنهن ڏيڻو پيو آھي .
”سنڌ ٽيڪ ويلي“ پاران ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سنڌ جي جون شعور وند ڌريون ڀوتارڪي نظام خلاف پريس ڪانفرنسون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائي وڏا پروگرام به ڪيا آھن ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف سنڌ جون شعور وند ڌريون، عام شهري، ھاري، پورھيت، صحافي، وڪيل، نياڻين، شاگردن، سول سوسائٽي، سياسي، سماجي تنظيمن جا ماڻهو ڀوتارڪي نظام خلاف جنگ جوٽي ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، جلسا، جلوس ڪري روڊن رستن جتي نڪري آيا سنڌ سَڄي سمنڊ جيان اُٿلي پئي جيڪي ڀوتارڪي نظام جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميدان ۾ اڳڀرا بيٺل آھن. موجودہ دور ۾ ڀوتارڪي نظام سماجي نه پَر سياسي بڻجي ويو آھي جنھن جا پيرا جيڪڏهن کڻبا ته چڱيءَ ريت پتو پئجي سگهندو ته ھِن بدبودار سماج ۾ ڀوتارڪي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ ھتان جو حڪومتي ٽولو شامل آھي جيڪو اسان جي مٿان مسلط ٿيل آھي جنھن جي جادو واري لٺ حڪومت کي مليل آھي جيڪا عوام کي ھڪليندي رھي آھي.
ڀوتارڪي نظام خلاف جيڪو به شعور وند ماڻهو آواز اٿاريندو رھيو آھي اُن جي آواز ڌٻائڻ لاءِ ڀوتارن پنهنجن واٺن سان ملي ڪري اُنھن ماڻهن جي رستا روڪ ڪري اُنھن شعور وندن ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون آھن ته وري ڪن کي قتل به ڪيو آھي جيڪي ھِن بدبودار سماج ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي ڀوتارڪي نظام جي ناسُور مان آجو ڪرڻ لاءِ وقت جي رھزنن آڏو بيٺا رھيا جنھن سبب سندن حصي ۾ تڪليفون ۽ شھادتون مليون جن ۾ تازو ئي عوامي آواز جو رپورٽر نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر، غلام اصغر مرکنڊ، عزيز ميمڻ، اشتياق سوڍڙو، ناظم سجاول جوکيو، اجئه لالواڻي ۽ ذوالفقار علي مندراڻي سميت ڪيترائي شامل آھن جن ھميشه وقت ظلمن سان مھاڏو اٽڪائي پاڻ ملھايو آھي اُن لاءِ ضروري آھي ته پاڻ به ھِن ڀوتارڪي نظام جي خاتمي ۽ اُن جي موت لاءِ ميدان ۾ اچڻو پوندو جيڪا ھِن وقت جي اھم ضرورت آھي پاڻ کي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن کي جديد ٽيڪنالوجي سان گڏ اسڪولن، يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن کان علاوه ھنر جي وسيلي پاڻ ڀرو ٿيڻو پوندو جيئن اسان جو ايندڙ نسل ھِن سماج جي فرسوده ريتن، رسمن، رواجن ۽ ڀوتارڪي نظام کان آجو ٿي ترقي ڏانهن وکون کڻي جنھن جي موجودہ وقت ۾ گھڻي ضرورت آھي اُن لاءِ اچو ته سَڀ گڏجي ھڪ اھڙو معاشرو ۽ سماج جوڙيون جيڪو ھِن ڀوتارڪي نظام ۽ نفرتن کان پاڪ صاف ھجي.