هڪ ٻاجھارو هٿُ منهنجي نٻل ۽ ننڍڙي وجُود جي سيني تي هلڪيُون هلڪيُون ٿَڦڪيُون هڻندي، پنهنجي هٿ جي ڪومل ڇهاءَ سان پنهنجيءَ ممتا جي ٻاجھه منهنجي اندر اوتي ٿو… ۽ ماڪَ جي پهرين ڦڙي جهڙو هڪ پوتر وجُود پنهنجي ڌيمي آوازَ ۾ مونکي لولي ڏئي سمهاري ٿو …
اها لولي جُھونگاريندي، بعضي ان کي پاڻ کي به ننڊ جا گھيرٽَ ورائيندا ٿا رهن ۽ اهي لفظ ڪٿي ڪٿي ماٺ ۾ مَٽجي وڃن ٿا. وري ڪجھه لمحن کانپوءِ جيئن کيس جاڳ ٿئي ٿي، ته اها لولي وري اتان ئي ٻيهر شروع ٿئي ٿي.
”شاباس… جيڪو سڀني کان اڳ ۾ ننڊ ڪندو، ان لاءِ آسمان مان پَرِي هڪ انعام آڻيندِي ۽ اهو جڏهن اُٿندو، ته ان جي هٿ ۾ اهو انعام ان کي ملندو.“
اسان ٽئي ڀيڻ ڀاءُ ان انعام جي لالچ ۾ زوريءَ اکيُون پُوري سمهي رهون ٿا. هوءَ ڪمري جون بتيون بند ڪري در درين جا گَهِري نيري رنگ جا پردا وَرائي ٿي ڇڏي. جيئن ٻاهران جي روشني اندر نه اچي. اسانجي وشال گھر جُون ٿُلهيُون ڪچيُون ڀتيون، جُون جولاءِ جي نٽهڻ اُسَ جي گرمي اندر اچڻ نٿيون ڏين ۽ اسانکي ٿڌڪار آڇين ٿيون.
امي اسانکي پنهنجي گھر اڱڻ ۾ ليٽي ايئن ڪهڪشان جو سير ڪرائيندي هئي، ڄڻ اسان واقعي اُڀَ ۾ اڏامندي اهو سڀ ڪجھه ڏسي رهيا هجئون ۽ اسان ڪيتري دير ان دلچسپ سفر مان مزو وٺندي، ڪهڙيءَ مهل انهن تارن ۾ نِهاريندي ننڊ ــ نگر ۾ گم ٿي ويندا هئاسين. ڪا خبر ئي نه پوندي هئي.
ڪنهن رات وري اهڙي ئي ’فَلڪ ــ ياترا‘ ڪرائيندي، يا نماز پڙهڻ پُڄاڻان، گھر جي اڱڻ ۾ رکيل نماز واري مخصوص صندُلَ (تختَ) تي ويٺي ڪنهن بيبي سائنڻ جو مذهبي قصو ٻڌائيندي، ترنم ۾ ان سان منسُوب هي سٽون جھونگاريندي ٻُڌائيندي هئي:
”تارو هَليو…
پئي خلقَ جي نظرَ…
ڪنهن کي يقين آ…
لهندو هِي مُنهنجي گھر…“
هر خميس جي رات جو مانيءَ کانپوءِ ”ڪهاڻي سيشن“ (ڇو ته تن ڏينهن ۾ جمعي تي عام موڪل هوندي هئي ۽ اها رات ڄڻ اسان لاءِ ’وِيڪ اينڊ نائيٽ‘ هوندي هئي.)
پهرين سيپٽمبر 1991ع
هنڌ: باٿ آئيلينڊ اپارٽمينٽ، ڪلفٽن ڪراچي
اٺين درجي جو امتحان رتيديري هاءِ اسڪول مان پاس ڪري منهنجي داخلا پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ٿي چڪي آهي ۽ مان 12 سالن جي عمر ۾ هڪ رهائشي اداري (بورڊنگ اسڪولَ) ۾ ايندڙ 4 سال گذارڻ لاءِ گھران موڪلائي، پنهنجي بابا سان پهريون ڀيرو ميرپورخاص روانو ٿي رهيو آهيان. رتيديري مان ڪراچيءَ سڄو ڪٽنب آيل آهي. جتان بابا مونکي ريل گاڏيءَ ۾ ميرپورخاص ڇڏڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو آهي. ڪراچيءَ جو جھڙالو صُبح… مان ۽ بابا، امڙ ۽ ٻين گھر ڀاتين کان موڪلائي، اپارٽمنٽ جي ٻئين فلور تان هيٺ لهي رهيا آهيون. امڙ فليٽ جي دروازي کان ٻاهر نڪري هيٺ لهندڙ ڏاڪڻ جي وِٿين مان مونکي تيستائين ويندو ڏسي رهي آهي، جيستائين مان سندس نظرن کان اوجھل نه ٿي ويس. اپارٽمنٽ جي سانت ۾ سندس دٻيل سُڏڪن جو سُرٻاٽ مون ان ننڍيءَ عمر ۾ به محسوس ڪيو هو. اڄ سوچيان ٿو، ته ان وقت 12 سالن جي عمر وارو پنهنجو لختِ جگر هاسٽل ۾ مستقل رهڻ لاءِ موڪلڻ لاءِ راضي ٿيڻ لاءِ هن پنهنجيءَ دل تي ڪيڏو نه وڏو پٿر رکيو هوندو!
14 نومبر 2024ع
صبح کيس گھر ۾ چڱو ڀلو ڏسي، آفيس پهچڻ تي گھران موصول ٿيندڙ ڪال سندس سَڏُ نه ڏيڻ جي دانهن کڻي ٿي اچي. فوراً کان به پهريان، اڳ ۾ گھر ۽ پوءِ اسپتال پهچجي ٿو، ته ’دل جي پٽيءَ‘ (اِي سِي جِيءَ) تي هڪ پيغام پڙهڻ لاءِ ملي ٿو… ”ٻَه سڌيُون ليڪُون…“هڪ لِيڪَ ــ وهي کاتي جي پوري ٿيڻ کانپوءِ جيون جو حساب ڪتاب مڪمّل ٿيڻ جِي…ٻي ليڪَ ــ عدم ڏي ويندڙ رستي جي ڏسا ٻُڌائيندڙ ڪيڏو نه عجيب آهي… بلڪه ڪيڏو نه وڏو الميو آهي، جو،اهو آواز، جنهن ڳالهائڻ سيکاريو، هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو.جنهن هٿن کان پڪڙي پير پير هلڻ سيکاريو، اهو هاڻي اسانجي ڪلهن تي کَڄڻ لاءِ تيار هو…جنهن مُرڪڻ سيکاريو، سو مُرڪُون کسي روانو ٿي ويو…جن لبن سڀني کان اوّل ”امان… امِي“ چوڻ سکيو، انهن لبن تي سندس حوالي سان دوستن جي ”جيڪا رب جي رضا!“ جي دلاسن جي موٽ ۾ ”قبول آ!“ چوڻ جي نوبت اچي وئي…!؟عجب دستورِ فطرت …هڪ پَل ’آهي‘ … ٻئي پَل ’ناهي‘’آهي‘ کي ’هُئِي‘ ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي!؟
منهنجي جيل ماءُ، ڌرتيءَ جيجل ماءُ جي هنجَ ۾، لحد جي ڀاڪُرَ ۾ سُتلَ آهي … مٿس مٽيءَ جا ٻُڪَ هارڻ جو دل لوڏيندڙ ڪم به اسانکي ئي ڪرڻو آهي!؟
آخري سلام …آخري درشن …آخري نهارَ …سڀ ڪجھه آخري …ٻيهر ڪڏهن به کيس نه ڏسڻَ، ساڻس نه ملڻ جو هالارَ جيڏو غمَ جو بارُ…
کيس اَبدي آرام سمهارڻ کان پوءِ سومهڻيءَ ٽاڻي آسمان ۾ نهاريان ٿو ته نکٽَ جي ڄَڃَ ۾ ٽيڙُن، وِڇُن، لڌن ۽ ڪَتين جي وچ ۾، ’کيرَ ــ ڌارا‘ جي اوسي پاسي هڪ نئون ٽمڪندڙ تارو به جَرڪندي نظر پيو اچي… جيڪو ٻين سڀني تارن کان منفرد ۽ گھڻي روشنيءَ وارو آهي…
مون چِتائي نهاريو… ته هُو مون ڏانهن پنهنجي سونهري ٻاجَھه سان مُرڪي نهاري رهيو هو ۽ ڄڻ ته اتان به پنهنجي پاٻوهَه آڇي رهيو هو… کيس گُھوري ڏسندي منهنجي اکين مان لڙڪ ڌارائون ڳڙيُون ته مون اکيون ٻُوٽيون…رات جي ان سانت ۾ سندس ئي آواز ۾ هي ڪومل آلاپ ٻُريو (ڄڻ هوءَ اُڀَ مان ئي جھونگاريندي هجي!):
”تارو هليو…
پئي خلقَ جِي نظرَ…
ڪنهن کي يقين آ…
لَهندو هي منهنجي گھر…“