وياج جي ڪڌي ڪاروبار ۾ واڌ هڪ سنگين مسئلو

تحرير: غلام حسين جوڻو

وياج معاشري جو ناسور آهي. وياج ڏيڻ ۽ وٺڻ هر لحاظ کان ناجائز آهي. شرعي لحاظ کان منع ڪئي ويئي آهي ته وياج کان پاسو ڪيو. ان سلسلي ۾، اسلام ۾ سختي سان حڪم جاري ڪيل آهن. تنهن کان سواءِ درويشن، بزرگن، ولين، عالمن ۽ ڏاهن وياج خوري کي ناپسنديده عمل سڏيو آهي ۽ ان عمل کان نفرت ۽ حقارت جو اظهار ڪيو اٿن. اهو عمل هڪ مهذب قوم لاءِ وڏو داغ آهي ۽ ان کي گناهه سمجهيو وڃي ٿو. شرعي توڙي قانوني طرح سان وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به وياج خوري روزبروز تيزي سان وڌندي پئي وڃي. اهو ناسور پوري ملڪ ۾ آهي پر، خاص ڪري سڄي سنڌ ۾ پکيڙجي ويو آهي. اهو، هڪ ڪاروبار سمجهيو وڃي ٿو. وياج خور ان ڪاروبار کي مختلف نالن سان سڏين ٿا. ڪي ان کي واڌي ڪري چون ته ڪي وري”منافعو“ سڏين ٿا ته ڪي وري انگريزي لفظن جو سهارو وٺندي ”پرافٽ“ يا ”انٽريسٽ“ سڏيندا آهن. پر، سنئون سڌو وياج لفظ ڪونه ٿا وٺن. اهو، لفظ چوڻ کان ڪيٻائيندا ۽ پاسو ڪندا آهن. حالانڪه مذڪوره سمورن لفظن جي معنيٰ ۽ مقصد ساڳيو آهي. صرف ماڻهن کي بيوقوف بنايو پيو وڃي. باقي گڏهه ساڳيو رڳو آٿر مٽيل آهن.

سنڌ جو ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ ناهي. جتي وياج کان ماڻهو بچيل هجن. باقي ڏهه ئي ڏوڪڙ لسا لڳا پيا آهن. ٻهراڙي ۾ ڪي اهڙا چند ڳوٺ آهن جن جا رهواسي، مذهبي ماڻهو هجن ۽ وياج کان پاسو ڪندا هجن ته اها ٻي ڳالهه آهي. اها انهن جي خوش قسمتي چئبي. حالت اها آهي جو حڪومت به وياج خورن تي ضابطو نه آڻي سگھي آهي. جنهن ڪري اها وبا وڪوڙجندي پئي وڃي. هر علائقي ۾ پوليس کي وياج خورن جي نالن جي خبر آهي. پر، اها به انهن کان منٿليون وٺي رهي آهي. ۽ رشوت وٺي رهي آهي. جنهن ڪري مذڪوره طبقي جي خلاف ڪارروائي ڪونه ٿي ڪئي وڃي. وياجين وٽ حرام جو پئسو گھڻو آهي. انهيءَ پئسي مان انتظاميه کي رشوت ڏنائون ته سندن ملڪيت تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوري. رشوت جي پئسن کان، هو وڌيڪ ڪمائين ٿا. جنهن ڪري رشوت ڏيڻ کان ڪونه ٿا ڪيٻائين، پوليس کاتي جا اڪثر ماڻهو رشوت خور آهن. ٿي سگھي ٿو ته چند ماڻهو رشوت نه وٺندا هجن. باقي سج لٿو پيو آهي. رشوتي پوليس عملو، وياجين کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

رپورٽن موجب سنڌ جا ڪافي ماڻهو وياج جي ڪاروبار ۾ مبتلا آهن. اهي ٻيو ڪوبه ڪم ڪار يا ڌنڌو ڪونه ڪن. ان ڪڌي ڪم ۾ مردن جو تعداد تمام گھڻو آهي. ۽ اهي ظاهر ظهور اهو ڪم ڪري رهيا آهن. اهي لڪن ڪونه ٿا. پر، هاڻ عورتن به ائين ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گھڻيون تڻيون عورتون پنهنجن گھرن ۾ ويهي وياج تي پئسا ڏيئي رهيون آهن. البته، مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو تعداد تمام گھڻو آهي. پر، جيڪو هن وقت لاڙو ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته، اهو تعداد اڳتي هلي ڪافي وڌي ويندو. مرد به عورتن کان وياج خوري جو ڪاروبار ڪرائڻ شروع ڪندا. هڪ ساڃاهه وند شخصيت ٻڌايو ته، وياج وٺندڙ عورتون وياج جو پئسو واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾، وياج ڏيندڙ عورتون، انهن کان جبري پورهيو ڪرائينديون آهن. ان پورهئي ۾ گھرو ڪم ڪار، ڀرت جو ڪم ۽ رلين سبڻ جو ڪم به ورتو وڃي ٿو. ۽ اهو ڪم مجبوري ۾ عورتون ڪن ٿيون. اهي سخت محنت ڪري پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ گھرنديون آهن. تنهن هوندي به انهن جي جان ڪانه ٿي ڇُٽي. وياج جا پئسا ڪونه ٿا لهي سگھن. جنهن ڪري اهي عورتون ورهين کان جبري پورهئي جي گھاڻي ۾ پيڙجنديون رهن ٿيون ۽ قيد واري زندگي گذارين ٿيون.

اهو به معلوم ٿيو آهي ته، عمرڪوٽ ضلعي ۾ وياج جو ڪڌو ڪم تمام گھڻو ڪيو وڃي ٿو. وياج جا پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾، معصوم ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو. ان متعلق انتظاميه کي سڀ ڪجهه خبر آهي. پر، اها خاموش تماشائي بنيل آهي. عمر ڪوٽ جي چئن تعلقن پٿورو، سامارو، ڪنري، ۽ عمر ڪوٽ ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي. اتي نه رڳو روڪ رقم وياج ڏني وڃي ٿي. پر، زرعي دوائون، ٻج ۽ ڀاڻ به وياج تي ملي ٿو. پئسا واپس نه ڪرڻ ڪري معصوم ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ جي بجاءِ وياج خورن جي گھرن ۾ ڪم ڪندا وتن ۽ انهن جي محنت ۽ مزدوري تي وياج جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هن ضلعي ۾ وياج جو ڪاروبار تيزي سان وڌي رهيو آهي. چون ٿا ته، سڄي ضلعي ۾ هڪ سال دوران وياج ادا نه ڪري سگھڻ جي ڪري پنجاهه کان وڌيڪ پورهيت، مزدور ۽ هاري آپگھات ڪري چڪا آهن. پر، وياجين جي خلاف ڪوبه قدم ڪونه ٿو کنيو وڃي. پوليس به وياجين سان ٻڌل آهي. پوليس جي ان ڪردار تي هن مضمون ۾ مٿي لکي آيو آهيان. جيڪڏهن پوليس، انهن جو ساٿ نه ڏيئي ته وياج خوري وڌي نه ٿي سگھي. ۽ هن وقت جيڪو کلم کلا وياج جو ڪاروبار ٿئي پيو. سو، بند ٿي ويندو. نه رڳو عمر ڪوٽ ضلعي ۾ معصوم ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو پيو وڃي. پر، اهو سلسلو سنڌ جي ٻين به ڪيترن علائقن ۾ هلي رهيو آهي.

هن وقت گاڏيون به وياج تي ملي رهيون آهن. سوزوڪيون، ڊاٽسنون، جيپون، ڪارون، موٽرسائڪليون ۽ ٻيون گاڏيون به وياج تي ملن ٿيون. وياج خور اگهھ طئه ڪري، وياج جي واڌي جا پئسا رکي گاڏيون وڪرو ڪري رهيا آهن. گھر جون جايون، دوڪان، زمينون، سون ۽ ٻيون قيمتي ملڪيتون ۽ شيون به وياجن تي ورتيون پيون وڃن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته، گاڏين تي وياج جو اگهھ پنجويهه سيڪڙي کان پنجاهه سيڪڙي تائين آهي. جڏهن رقم پوري ادا ڪئي ويندي. تڏهن وياجي گاڏي جو فائيل ڏين ٿا. ٻئي حالت ۾ اهو، انهن وٽ گروي رهندو آهي. جيتري گھڻي رقم واري گاڏي اوترو ان تي وياج وڌيڪ هوندو آهي. وياج خور وات ڦاڙيو ويٺا آهن. ڄرڪا آهن جن وٽ ڪو گراهڪ ڦاسي ته ان کي چڱي طرح قابو ڪري وٺندا آهن. ۽ چڱي طرح کل لاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پوءِ، اهو پيو لوڙي ۽ پريشان ٿئي. پر، وياج خورن کي ان جي ڪابه پرواهه ڪونه هوندي آهي. هو، ڪنهن جي به ڪونه ٻڌندا آهن. جيڪا پنهنجي رٿيندا آهن ان تي ئي عمل ڪرڻ جا پابند رهن ٿا. اها به هڪ حقيقت آهي ته هندو توڙي مسلمان ۽ ڪجهه سياسي ماڻهو ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث رهن ٿا. جن ماڻهن وٽ اڳ ۾ غربت هوندي هئي. جڏهن کان اهو، ڪاروبار شروع ڪيو اٿن، تڏهن کان تمام ٿوري وقت ۾ اهي امير ترين ٿي ويا آهن.

ياد رهي ته، وياج وٺڻ کان پوءِ، اڪثر ماڻهو ذهني اذيت جو شڪار رهن ٿا. ڊپريشن جي ڪري ماڻهو ذهني توازن وڃائي ويهن ٿا. ان سلسلي ۾ ماهر ڊاڪٽر حسن چانڊئي جو چوڻ آهي ته، اسان جو سماج اڳ ۾ تمام گھڻين پريشانين جو شڪار آهي. هن وقت اسان سڀ غير يقيني واري زندگي گذاري رهيا آهيون. ان حالت ۾ اسان ڪابه پلاننگ ۽ رٿابندي ڪري نه ٿا سگھون ان ڪري اسان ڪنهن به مجبوري ۾ وياج تي رقم کڻون ٿا ۽ هميشه لاءِ وياجين جا قرضي ٿيو وڃون. پوءِ اسان جي ذهن تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ هر وقت پريشان رهڻ لڳون ٿا. وياج جي قرض واري سوچ ماڻهو کي ڊپريشن جو مريض بڻائي ٿي ڇڏي. جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو ذهني توازن وڃايو ڇڏين ٿا. مطلب ته اهي نفسياتي مريض ٿيو وڃن. اها صورتحال هڪ صحتمند جسم لاءِ انتهائي هاڃيڪار ۽ نقصانڪار آهي. هونئن به وياج معاشري ۾ ناسور آهي. جنهن جا معاشري تي ناڪاري، خراب ۽ منفي اثر پون ٿا. اهي اثر ڪيترائي مسئلا پيدا ڪن ٿا. جن مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ٿيو پوي. حالتون سڌرڻ جي بجاءِ روز بروز خراب ٿينديون وڃن ٿيون جن تي سولائي سان ضابطو آڻي به نه ٿو سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.