ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي ۽ نواز شريف جو ناڪام دورو

تحرير:    غلام حسين لغاري   

ن ليگ سربراهه محمد نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز يورپي ملڪن آمريڪا سئيزر لئنڊ ۽ برطانيه جي دوري  ۽ طبيعت جي معائني ڪرائڻ بعد دبئي رستي وطن واپس پهچي ويا آهن  جنهن سان انهن افواهن جو خاتمو ٿيو آهي جن ۾ اهو چيو پئي ويو ته هو ملڪي حالتن سبب واپس نه ايندو ۽ لنڊن جي ايون فيلڊس جي فليٽن ۾ اتان ملڪي سياست ۾ حصو وٺندو.اهي به افواه ۽ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته نواز شريف ڪنهن نئين لنڊن پلان لا ءِ آمريڪا برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن جو دورو ڪيو آهي جنهنجو مقصد باني پي ٽي آ ءِ عمران خان کي ٻاهرين ملڪن جي سياسي قيادت آڏو بدنام ڪرڻ سياسي قد بت گهٽائڻ ۽ 9 مئي وارن ڪيسن ۾ سزا ڏيارڻ لا ءِ راهه هموار ڪري کيس نااهل ڪرائي سياست مان مڪمل طور آئوٽ ڪرائڻ هو ته جيئن ن ليگ لا ءِ سياسي ميدان آجو ٿي سگهي ۽ ان جي حڪومت کي وقت ملي سگهي.هن ڏس ۾ ن ليگ جي هڪ وفاقي وزير ۽ ترجمان عطا تارڙ جو به ڪالهه هڪ سخت قسم جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته حڪومت وٽ 9 مئي سانحي جا مڪمل ثبوت آهن جيڪي ڪيس هلائڻ لا ءِ ڪافي آهن. تارڙ جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن نواز شريف  واپس وطن پهچڻ وارو هو ۽ ان جي پهچڻ جي ڪجهه لمحن کان اڳ آيو جنهن مان لڳي ٿو ته ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان تي 9 مئي وارو ڪيس هلرائڻ چاهي ٿي جن ۾ ان جي اڳ ۾ ئي ضمانت ٿيل آهي پر ڪجهه ٻين سنگين ڪيسن ۾ قيد ۾ آهي جن لا ءِ اهي الزام آهن ته اهي انتقامي نيت سان داخل آهن.حڪومت عمران کان ڪافي ڊنل آهي ۽ ان مارچ کان به خوفزده آهي جيڪو عمران خان احتجاج جو 24 نومبر کان حتمي سڏ ڏنو آهي ۽ ان کان اڳ حڪومت عمران خان خلاف ڪنهن وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ نواز شريف  جو يورپي ملڪن وارو دورو به ان قسم جي ڪڙي هئي.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف کي يورپي ملڪن جي دورن دوران يورپي ملڪن توڙي آمريڪا ۾ اها موٽ ملي سگهي يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر اتي کيس پي ٽي آ ءِ ڪارڪنن جو سخت ردعمل ڏسڻ ۾ آيو جنهن تي هو سخت رنج آهي ۽ ان کي ٻاراڻي ۽ غير سياسي حرڪت سڏي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته لنڊن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي دورن دوران کيس پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن سندن  خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ اڻوڻندڙ نعري بازي ڪئي هئي.پي ٽي آءِ تي ڪاوڙيل ن ليگ سربراهه وطن واپسي کان اڳ لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  عمران خان جي سياست کي پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم لا ءِ هاڃيڪار سڏيو آهي ۽ چيو اٿس ته جيڪڏهن لاڳيتو ٽي ڀيرا سندس حڪومت جو تسلسل نه ٽٽي ها ته پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿئي ها هاڻ به ڳالهه پري ناهي ن ليگ حڪومت سبب ملڪ ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي.هن واضح ڪيو ته پي ٽي آ ءِ سربراهه ڪجهه مٿي ڦريا ڇوڪرا هٿ ڪري سندس خلاف استعمال ڪري رهيو آهي جنهن کي سياست ۾ غيراخلاقي رويا چئجن

هن ڀيري نواز شريف  جو نئون لنڊن پلان ڪامياب وڃي ٿو يا اڌورو رهجي ويندو سو وقت ٻڌائيندو پر اهي خبرون گردش هيٺ آهن ته نواز شريف  آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جا دورا طبي معائني لا ءِ نه پر ڪنهن خاص مقصدن لا ءِ ڪيا آهن جنهن جو مقصد نئين آمريڪي صدر ٽرمپ جي مخالف اميدوار جي ورڪ ڪرڻ،  پنهنجي لا ءِ يورپي ملڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ کين عمران خان جي ملڪ دشمن روين بابت آگاهه ڪرڻ هو جن ۾ هو سراسر ناڪام ويو آهي ۽ کيس ڪا به موٽ ناهي ملي. سياسي حلقن به نواز شريف جي هنن دورن کي ناڪام سڏيو آهي.پرڏيهي دورن دوران کيس چيو ويو آهي ته ن ليگ حڪومت کي حڪمراني سان گڏ جمهوري اقدار جو قدر ڪرڻ گهرجي، سياسي قيدين ۽ عدالتي نظام کي آزاد رکڻ گهرجي.برطانيه جي پرڏيهي وزير پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ذلفي بخاري پاران لکيل خط جي جواب ۾ اهو چئي ڇڏيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عدالتن بابت حڪومتي فيصلا ملڪ جا اندروني معاملا آهن پر انساني حقن جو احترام هجڻ گهرجي.

هن اهو به واضح ڪيو ته عمران خان تي ڪنهن به فوجي عدالت ۾ ڪيس هلڻ جا اشارا ناهن مليا. هوڏانهن آمريڪي ڪانگريس به هڪ ڀيرو ٻيهر صدر جوبائيڊن کي خط لکي عمران جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.اهي به اطلاع آهن ته حڪومت اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي برطانيه ۾ ڪنهن قسم جو اعليٰ سفارتي عهدو ڏئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي وڌائڻ ۽ حڪومت لا ءِ قانوني مدد وٺڻ چاهي ٿي جو شريف خدان قانوني توڙي غيرقانوني اثاثا برطانيه جو حصو آهن ۽ اتي ئي ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو.اهوئي سبب آهي جو قاضي فائز عيسي سان لنڊن ۾ ٿيندڙ ناخوشگوار  واقعن ۽ حملن جو پاڪستان حڪومت سخت نوٽيس ورتو آهي  ۽ مڇريل نوجوانن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جا پاسپورٽ به ضبط ڪيا آهن پر برطانيه حڪومت اهڙي قدم کي اڃا سنجيده ناهي ورتو ۽ جمهوريت جو هڪ حصو سڏيو آهي.اڳوڻو چيف جسٽس هن وقت لنڊن ۾ سفارتخاني جي پروٽوڪول ۽ گهربل سهولتن سان رهائش پذير آهي ۽ کيس فل پروف سڪيورٽي مليل آهي.

ن ليگ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي لا ءِ ڪيتري حد تائين پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪري سگهي ٿي پر هن ڀيري کيس اهڙي اميد گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي ن ليگ جي سياسي افعالن جي خبر ڦهلجي چڪي آهي ۽ اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته ن ليگ جي غير آئيني روين ۽ مخالفن سان ٿيندڙ انتقامي ڪارواين سبب دنيا ۾ ن ليگ کي غير جمهوري سياسي پارٽي طور سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو جو انجا رويا غيرجمهوري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۽ ججن تي حملو ڪرڻ ۽ عدالتن جا فيصلا نه مڃڻ ن ليگ جو وڙ تصور ڪيو وڃي ٿو.

ن ليگ کڻي هاڻ ڪهڙا به ۽ ڪيترا به لنڊن پلان ٺاهي پر هن ڀيري سندس اهڙا پلان شايد ئي ڪامياب وڃن جو  پي ٽي آ ءِ به پنهنجو حتمي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بقول پي ٽي آ ءِ سربراهه عمران خان جي ڀينرن جي ته سندن ڀا ءِ 24 نومبر کان حتمي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي جنهن لا ءِ هن پنهنجو چار نڪاتي پروگرام جاري ڪيو آهي. بقول عليمه خان جي ته انهي مارچ جو مقصد سياسي قيدين کي قانوني طور ڇڏائڻ، مٿن درج ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائڻ،  آئين ۽ عدالتن کي غير آئيني غيرقانوني هٿڪنڊن کان محفوظ ڪرائڻ ۽ لڳل سول مارشل کان نجات ڏياري جمهوريت قائم ڪرڻ آهي.هن ڏس ۾ عمران خان ڪارڪنن کي متحرڪ ٿيڻ ۽ ڪفن ٻڌي مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي جنهن ۾ پوري ملڪ مان قافلا شريڪ ٿيندا ساڳي وقت چونڊيل سمورن ميمبرن کي تاڪيد ڪئي اٿس ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقي جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ڪن ٻي حالت ۾ کين ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽون نه ملنديون ۽ قدم به کڄبو.

حڪومت ۽ ان جا اتحادي عمران خان جي اهڙي امڪاني مارچ کان سخت خوفزده آهن  ۽ وچان رستا ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ آهن جو ميان محمد نوازشريف توڙي حڪومت کي عالمي اڳواڻن کان به مثبت حمايت ناهي ملي سگهي اهي به جلد عمران خان جي آزادي  جمهوريت ۽ عدالتي نظام جي بحالي چاهين ٿا پر ڪجهه ڏي ڪجهه وٺ تحت پنهنجي ساک پت به بچائڻ چاهين.اهو به ممڪن آهي ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خوف وچان به  عمران خان کي جنوري کان اڳ آزاد ڪيو وڃي جو حڪومت هاڻ پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جي محاذ آرائي يا غير انساني سلوڪ ڪرڻ نٿي چاهي يا متوقع لانگ مارچ تي ڪو تشدد ڪري جو کين صدر ٽرمپ جو ڊپ آهي جيڪو پاڪستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن ۽ آئين جي ٿيندڙ ڀڃڪڙي جو بخوبي بذات خود جائزو وٺي رهيو آهي ۽ خان کي 20 جنوري کان اڳ آزاد ٿيندي ۽ مٿس داخل سمورا جڙتو ڪيس ختم ٿيڻ جو خواهان آهي ۽ هن اهڙو پيغام اندر اندر ۾ پنهنجي ليڊرشپ ۽ ويجهن حلقن وسيلي پاڪستان ۽ ن ليگ حڪومت کي پهچائي به ڇڏيو آهي.

نئون لنڊن پلان پنهنجي جا ءِ تي هونئن به حڪومت جا هاڻ پويان پير آهن ۽ اندروني اختلافن ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آهي.آ ءِ ايم ايف جي سخت دٻاءُ  سبب به حڪومت پريشان آهي جو کيس مالي امدادن ۽ قرضن جو آسرو گهٽ اٿس ۽ ممڪن آهي ته مني بجيٽ اچي جنهن ۾ ڪجهه شين تي رليف ملي ۽ ڪجهه شيون مهانگيون ٿين جنهن سان به مخالف سياسي پارٽيون ۽ عوام پنهنجو شديد ردعمل ڏيکاري ۽ پي ٽي آءِ  جو پلڙو ڀاري ٿئي.سرڪاري ادارن ۽ پينشنرن ۾ به ان ڳالهه تي سخت قسم جا تحفظات آهن ته هڪ طرف ادارا نيلام ۽ بند ڪيا پيا وڃن ۽ پوسٽون ختم ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ججن جو انگ وڌائي کين لکين رپين جون مراعتون ڏنيون پيون وڃن جيڪي نه هجڻ گهرجن.پ پ پ چيئرمن جناب بلاول ڀٽو به ن ليگ قيادت تي مڇرجي پيو آهي جنهن جو خود  ۽ سندس ڪجهه اڳواڻن جا بيان سامهون آيا آهن.

هونئن به ن ليگ پنهنجي هر دور اقتدار ۾ عدالتن کي تسليم ناهي ڪيو ۽ وقت به وقت انهن تي حملا ۽ جمهوريت مخالف رويا رهيا آهن ۽ اقتدار کي ڊيگهه وٺائڻ لا ءِ سگهارن ڌرين کي آڏو آڻي کين هميشه مضبوط ڪيو آهي جيئن هن ڀيري به مضبوط ڪيو اٿن ممڪن آهي ته هڪ ڀيرو وري پي ٽي آ ءِ سوڀاري ٿئي جو حالتون ۽ عوام ان جي طرف وڃي رهيون آهن .بهرحال اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف يورپي ملڪن جي ياترا تان موٽيو آهي ڪهڙو طرز عمل اختيار ڪري ٿو ۽ ڪهڙي قسم جي سياست ڪري ٿو ۽ بيانيو جاري ڪري ٿو عوام کي انتظار رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.