وي پي اين خلاف عالمن جي فتويٰ جو پسمنظر

تحرير: وسعت الله خان

سمفني خالص اولھه جي موسيقي جي  صنف آهي. توهان موزارٽ،بيٿووين،چيڪوسڪي ۽ شوبرٽ سميت ڪنھن بھ “موسيقي جي آفتاب“  جي سمفني ٻڌو . اها نھايت ھلڪن ُسرن ۾ شروع ٿئي ٿي. آهستي آهستي ٻيا ساز شامل ٿيندا ويندا آھن ۽ پوءِ ويهارو کن  سازن تي ٻڌل  آرڪيسٽرا  عظيم الشان صوتي طوفان برپا ڪري ڇڏيندو آھي. جيڪو توهان کي ڪنھن ٻي دنيا ڏانهن وٺي ويندو آھي.

جيڪڏهن اولھه کان ٻاهر ڪنهن  سمفني جي صنف جي باريڪين کي سمجهيو آهي ته اها اسان جي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ آهي. ڪٿان کان ڪو ھلڪو  ُسر  ُبلند ٿيندو آھي. پوءِ ان ۾  ٻيا ساز ملندا ويندا آهن ۽ اوچتو هڪ منظم آرڪيسٽرا آسمان کي مٿي تي کڻي  وٺندو آهي ۽ ان طوفان جي آڙ ۾ جنھن جو ڪم يا جيڪو ڪم لاھڻو ھوندو آهي اھو لھي ويندو آھي.

تازي ترين  سمفني ’ڊجيٽل دھشتگردي ‘ جي نالي سان  پرفارم ٿي رھي آھي. 17 فيبروري تي، ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پابندي جو ُسر وڳو.  مئي جي ٽئين هفتي ۾ ففٿ جنريشن ڊجيٽل وار جو  واڄو وڄڻ لڳو.جون کان فائر وال ٽيسٽگ جي ڪلارينٽ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي.پوءِ انٽرنيٽ سروسز لوڏا کائڻ لڳي ۽ هاڻي وي پي اين،جو ڊرم کي ُڪٺيو  پيو وڃي.

ھن تازي ُڌن جو  پھريون بغل پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کان  ڦھڪرايو ويو، يعني پنھنجو وي پي اين،رجسٽر ڪرائي وٺو،پوءِ سپھ سالار  مارگلا ڊائيلاگ جي منڊپ  تان وائلن وڄايو ته ” بي لغام اظهار جي آزاديءَ  اخلاقي زوال جو سبب بڻجي رهي آهي. جامع قانونن ۽ ضابطن کان سواءِ غلط، نفرت انگيز ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جو پکيڙ، اڻ سھپ ۽ تعصب کي وڌائي  هر سماج کي ڪمزور ڪري رهيو آهي ۽ اهو هڪ سنگين چئلينج  آهي“(حالانڪھ پاڪستان ۾ انھن عِلتن کي روڪڻ جي لاءِ ڪو ھڪ قانون نھ آھي بلڪھ قانون جو ڀنڊار آھي)

سپھ سالار  جي خيالن جو خلاصو سرڪاري ٽي وي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان  جاري ڪيو. (حالانڪھ ايڪس جو استعمال  17 فيبروري کان ان دليل جي بنياد تي ممنوع آھي تھ ان ڊجيٽل پليٽ فارم سان سماج ۾ افراتفري پکڙجي رھي آهي. پر وزيراعظم کان وٺي حڪومتي ۽ فوجي ترجمانن تائين هن پليٽ فارم جو “حلال ورزن “ استعمال ڪري رهيا آهن.)

سپهھ سالار جڏهن اخلاقي زوال جي پکڙجڻ جي  ڳالهه ڪئي ته، ڊي اين اي ٽيڪنالوجي کي بطور ثبوت ناقص قرار ڏيندڙ  اسلامي نظرياتي ڪائونسل بھ  َدم جھليو.ڪائونسل جي سربراھ علامھ راغب نعيمي فتويٰ ڏني تھ غيراخلاقي ۽ توھين واري مواد تائين رسائي روڪڻ جا قدم،جنھن ۾ وي پي اين،جي استعمال ۾ پابندي بھ شامل آھي،عين شرعي آھي.

پر اسان کي علامھ صاحب جي بيان سان ان ڪري پريشاني نھ آھي جھڙي طرح ماضي ۾ انگريزي تعليم،ڇاپي خاني،لائوڊ اسپيڪر جي استعمال ۽ ريڊيو،ٽي وي ،وي سي آر کي حرام قرار ڏئي ڪري بعد  انهن سڀني ميڊيمز کي نظرياتي ترويج  جي واڌاري لاءِ عالمن  گھڻو ئي ورتايو ۽ ان کان پوءِ اخلاق کي خراب ڪندڙ انٽرنيٽ تي جنھن طريقي سان  مذهبي جماعتون ۽ دارالافتاءِ  جون ويب سائيٽون ٺاهي ڪري انھن کي آهستي آهستي حلال ڪيو ويو. وي پي اين جا روزگاري ۽ تبليغي فائدا به هڪ نھ ھڪ  ڏينهن پاڻ ئي ان کي قبول ڪرائي وٺندا.

پر في الحال وي پي اين ،جي ”حرام زدگين“ جي باري ۾ نظرياتي ڪائونسل جي راءِ اچڻ جي فورن بعد اصلي ٻلي بھ ٿيلھي مان پوري طرح ٻاھر نڪري آئي آھي. جڏهن گهرو وزارت پي ٽي اي کي حڪم ڏنو ته سڄي ملڪ ۾ غير قانوني طور وي پي اينز کي بلاڪ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ان کي  دهشتگردي، توهين واري مواد ۽ فحاشي جي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ ٽيڪنيڪي اعتبار سان، ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ وي پي اين کي اجتماعي لغام ڏيڻ خاصو ڪٺن  آهي، نھ تھ چين، ايران، روس، گڏيل عرب امارات، مصر ۽ ٻين اهڙن ملڪن ۾ وي پي اين ،ڪڏھوڪو چٿجي چڪو ھجي ھا. پر حڪم تھ حڪم آهي. ڀلي ان  تي مڪمل طور تي عمل نه بھ ٿئي سگھي تڏھن بھ” يس سر ،جي سر،بلڪل سر“ چوڻ لازم آھي.اهڙيءَ طرح فحاشي،ڇڙواڳي ۽ تخريبڪاريءَ ۾ تڏھوڪي جديد ٽيڪنالوجي جي غير ذميواراڻي استعمال جي  شڪايت جنرل ضياالحق کي پڻ ھئي.هن  سماج جي قبلي کي ُدرست ڪرڻ لاءِ  ڏھن سالن ۾ نَنھن چوٽيءَ  جو زور لڳائي ڇڏيو  پر سماج ايترو تھ نرلڄو آهي جو هاڻي ان کي پاڪ باز بڻائڻ  جو ڪم پراڻي اسٽيبلشمينٽ جي نون چهرن کي اتان کان شروع ڪرڻو ٿو  پئي، جتي ضياءُ 17 آگسٽ 1988ع تي ڇڏيو هو.

26 هين آئيني  ترميم ذريعي عدليه جي قبلي ُدرست ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي هن رياست جو سڀ کان وڏو چيلينج اهو آهي ته ڪھڙي طرح  اظهار راءِ جي آزاديءَ کي ڊجيٽل نٿ وجھي  اجتماعي حسن  اخلاق جو نمونو بڻايو وڃي.

جيڪڏهن هن ڀيري اھو اخلاق سڌار پروجيڪٽ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ آءِ ايم ايف جو ڪِستو بھ ُٽٽي پوندو. ھڪ ڪروڙ  سٺ لک ٻار به اسڪول وڃڻ شروع ڪري ڇڏيندا. اسپتالون ايتريون ٺهي وينديون جو مريضن حشام انگ بھ ختم ٿي ويندو.پوليو پڇ لِڪائي ڀڄي ويندو. جعلي ۽ ناقص دوائن مان مڪتي ملي ويندي، کاڌي پيتي ۾ ملاوٽ  جو قصو پراڻو ٿي ويندو.هر شهري کي گھر ويٺي نلڪي مان پيئڻ جو صاف پاڻي اڳوڻي زماني جيان ملڻ لڳندو.قيمتون آسمان کان زمين تائين اچڻ شروع ٿي وينديون. دهشتگرد پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري درگاھن جي ڌمال چوڪڙيءَ ۾ شامل ٿيندا ويندا. جبري غائب ماڻھو اوچتو ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا.عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ويھھ لک کان وڌيڪ مقدما ڏينھن،ھفتن ،مھينن ۾ فٽافٽ ختم ٿي ويندا.ڪرپشن جو نالو ُٻڌندي ئي ماڻھو ڪنن کي ھٿ لڳائڻ لڳندا.اسموگ   ُپڇ تيلي ڪري ڀڄي ويندو.ملازمتون ۽ ُمقرريون ميرٽ کانسواءِ ممڪن نه هونديون.عورتن کي  گهرن، گهٽين ۽ آفيسن ۾ ھراساني جو شڪار ڪندڙ  منهن لڪائيندا وتندا. پوليس جو ڍانچو مثالي بڻجي ويندو. هر آئيني ادارو پنھنجي دائري ۾ ڪم ڪرڻ تي  مجبور ٿي پوندو.

ايئن. اوسي پاسي جا ملڪ اسان کان سکڻ ايندا تھ ، ڀائو توھان اھو جادو ڪئين ڪري ورتو.ڪجهھ تھ اسان کي بھ ُٻڌايو ؟۽ پوءِ اسين سينو تاڻي چونداسين تھ جڏھن کان اسان بي مھار  اظهار جي آزاديءَ کي لغام ۽ وي پي اين کي حرام قرار ڏنو آهي، تڏهن کان آسماني نعمتون وسڻ شروع ٿيون آهن.توهان به هڪ ڀيرو آزمائي ڏسو، انشاالله سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.