جديد تعليم وقت جي ضرورت

تحرير: رياض ابڙو 

 

اسان جي معاشري يا نوڪرين جي هنڌ يا شهرن ۾ ٻولي جي اهميت رڳو انگريزي جي لاءِ آهي، ڇو ته رڳو انگريزي ٻولي ٻار ۾ اهليت جي نشاني سمجهي وڃي ٿي، اهو ٻار پڙهيل لکيل سمجهو  وڃي ٿو، جيئن رنگ اڇو يا ڀورو سونهن جي نشاني سمجهي ويندي آهي تيئن ٻار ۾ ٽيلنٽ جو هجڻ معني ڦرڦر انگريزي جو ڳالهائڻ آهي. جيئن ماضيءَ ۾ ”فارسي گهوڙي چاڙه سي“ واري ڳالهه هوندي هئي، تيئن هاڻي انگريزي به ائين آهي. ان ڪري نصاب رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ هجن ۽ ٻار سنڌي سبجيڪٽ پڙهي، ايئن ڪرڻ سان ٻولي مري نه ٿي، پر ٻولي ڳالهائڻ وارو جي جيئي ٿو ۽ ٻولي ڳالهائڻ وارو جي رولنگ ڪلاس يا حاڪميت واري طبقي ۾ وسي رسي ٿو ته سمجهو ته ٻولي به وسندي رسندي رهندي، باقي ٻولي جون جيڪي ٻيون لوازمات يا گهرجون آهن، جن ۾ ريڊيو، اخبارون، ٽيلي ميڊيا، شوبز جي دنيا، يا وري ٻولي جو ڳالهائڻ، سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ته اهي ٻين شين مان به پوريون ڪري سگهجن ٿيون،

مثال جيڪي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا، ۽ انهن جا ٻار انگريزي، عربي، چيني، اطالوي، جرمن ۽ ڀارتي ٻوليون پڙهن ٿا ته به اهي ٻار سنڌي آهن، انهن جي شناخت يا ڊي اين اي ڪير به بدلائي نه ٿو سگهي، ڇو ته اصليت (اوريجن) بدلائڻ ممڪن ناهي. ان ڪري انگريزي نصاب جيڪي هاڻي وقت جي ضرورت آهن ۽ ٻار انهن نصابن ۽ نظامن کانسواءِ مارڪيٽ ۾ پاڻ اگهائي نه ٿو سگهي. يا ممڪنا طور تي مارڪيٽ ۾، ادارن ۾ يا نوڪري ڏيندڙن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي ته سنڌي ٻار لاڙڪاڻي، سکر، دادو ۽ خيرپور ۾ رهي به انگريزي ٻولي ۾ تعليم وٺي سگهي ٿو، اتي جيڪي به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، يا جيڪي به تعليمي ادارا آهن اهي ٻارن کي انگريزيءَ ۾ پڙهائن ٿا ته انهن وٽ پهرين ترجيح سنڌي ٻار کي نوڪري ڏيڻ هوندو، ان ڪري پوءِ ٻولي جون رنڊڪون (لينگوينج بيريئرز) نه هونديون، ڇو ته ٻار جيڪڏهن ڳالهائي ئي انگريزي ۾ ته پوءِ بس.

پهرين اهو ڏسڻ گهرجي ته ٻار ڪهڙي مارڪيٽ ۾ نوڪري ڳوليندو، جي ٻار کي رڳو ماستر، پوليس وارو ۽ پٽيوالو ٿيڻو آهي ته پوءِ بس، ڇو ته انهن نوڪرين جي گهرج ٻار کان وڏا اسڪلز نه ٿي طلبي، پر جيڪي ٻار نيشنل ليول تي چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهن ٿا انهن ٻارن جي ”سي وي“ تعليمي سندون ۽ ڪاغذ پَٽَ ان بنياد تي وڌيڪ نه ٿا جاچيا وڃن ته اهو ٻار يا ته ڪنهن سنڌي ميڊيم مان پڙهي مٿي ٿو اچي، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ٻار اتي ڪاغذ کنيون ويٺا هوندا آهن، اهي وڏي ڪنهن اداري مان پڙهي نڪرن ٿا، جتان انهن جي نصاب ۽ نظام کان وٺي انهن ٻارن جي انگريزي جي ٽريننگ ۽ ٻولي ڳالهائڻ جا اسڪلز سڌاريا وڃن ٿا. ٻار کي جيڪڏهن انگريزي ڳالهائي نوڪري وٺڻي آهي ته پوءِ ان کي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهايو وڃي، ان ٻار جي لاءِ اهي نصاب ۽ نظام هجن جيڪي قومي سطح تي رائج هجن، ان ڪري ته هڪڙو ٻار جيڪو ڪيمبرج سسٽم مان ڳريون فيون ڀري پڙهي نڪري ٿو، يا اهو ٻار جيڪو فيڊرل بورڊ مان پڙهي پڄائي ٿو، ۽ هڪڙو ٻار جيڪي اي ۽ او ليول مان نمبر کڻي مارڪيٽ ۾ سي وي گهمائي ٿو ته ان جي ڀيٽ ۾ اهو ٻار پوئتي رهجي ٿو جيڪو مورڳو سنڌي ميڊيم مان پڙهي نڪري ٿو. مثال اهو به وٺي سگهجي ٿو ته جيڪو ٻار ڪراچي جي وڏن اسڪولن مان پڙهي ۽ جيڪو ٻار ڪنهن سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي جي ڳوٺن مان پڙهي نڪري ته ان ٻار کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ تڪليف يا نوڪري وٺڻ ۾ ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو ٿو پئي. ڇو ته ادارن وٽ اهي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون معني ٿيون رکن، جيڪي انگريزي نصاب ۽ نظام تحت هلن ٿيون، ان ڪري جي ٻار کي مارڪيٽ ۾ انهن ادارن جي لائق بڻائڻو آهي ته انهن اسڪولن ۾ نظام ۽ نصاب تبديل ڪرڻو پوندو.

اسان جو ان ڳالهه تي به زور هوندو آهي ته ٻار جڏهن سرڪاري اسڪولن مان سستي فين تي پڙهي نڪري ته اهو ٻار پوءِ طوفاني طرح انگريزي ٻوليءَ جا ڪورس ڪري، ڪمپيوٽر جا شارٽ ڪورسز ڪري، ڪميشن جا امتحان پاس ڪري، ڇهن مهينن ۾ انگريزي ٻوليءَ تي اهڙي دسترس حاصل ڪري جو وڃي ٿين خير، پر اهي شيون ممڪن ناهن، ان ڪري ته ڇهن مهينن ۾ انگريزي سکڻ ۽ اسڪول جي ٻارنهن سالن ۾ انگريزي سکڻ ۽ تربيت وٺڻ ۾ فرق هجي ٿو. وڏي ڳالهه اها به آهي ته ٻار ۾ جيڪي ليڊرشپ اسڪلز هجن ٿا، انهن جي ڳالهه وري انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي منسوب ڪري سگهجي ٿي جيڪي انگريزيءَ ۾ تعليم ڏين ٿا. انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا ٻار ادارن جا سي اي اوز، پريزيڊنٽ ۽ اڳواڻ هجن ٿا، پر جيڪي ٻار ڳوٺن جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن کي جيڪڏهن شروع ۾ انگريزي پڙهائي وڃي، انهن ٻارن کي انگريزي نصاب پڙهايا وڃن ته اهي ٻار به پنهنجي والدين جي لاِ سُک جو باعث بڻجي سگهن ٿا. ڇو ته ٻار نوڪري ڪندو ته سُکي زندگي گذاريندو، معني ان ٻار کي چڱي چوکي نوڪري ملي ته پوءِ اهو ٻار گهر ۾ معاشي انقلاب آڻي سگهي ٿو ته پوءِ اهي ٻار معاشرتي سطح تي انقلاب برپا ڪري سگهن ٿا. حقيقت آهي ته جيڪي ٻار وڏن اسڪولن مان انگريزي پڙهي نڪرن ٿا، انهن ٻارن کي مارڪيٽ ۾ منهن ڏيڻ يا مقابلو ڪرڻ جي سگھه هجي ٿي، ادارن کي اهو ٻار کپي جنهن جو لهجو (ايڪسينٽ) انگريزي وارو هجي، باقي نه دال نه ٿي ڳري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.