لِي جنگزهن چين جو هڪ جينياتي سائنسدان هو، جنھن ٻي عالمي جنگ ڇڙڻ کان پھريان ٻوٽن جي جينيات تي آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي ۾، پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي ۽ 1940 ۾ چين واپس آيو. جڏهن چين ۾ 1949 ۾ سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي، لِي ان وقت بِيجنگ ايگريڪلچرل يونيورسٽيءَ ۾ جينيات پڙهائيندو هو. يونيورسٽيءَ جي نئين ڊِين، جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هڪ عملدار هو، لِي ۽ ٻين استادن کي مينڊيلين جينيٽڪس پڙهائڻ کان منع ڪيو. ان جي بدران هنن کي جينيات جو ٻيو نعم البدل نظريو پڙهائڻ جو حڪم ڪيو ويو، جيڪو روس جي هڪ سائنسدان ٽروفم لائيزينڪو جو گهڙيل هو. هن نئين نظرئي متعلق هيءَ دعويٰ ڪئي ٿي وئي ته ”اهو مارڪسزم – ليننزم جي حياتياتي سائنس مٿان شعوري، مفصل اطلاق جي هڪ عظيم حاصلات آهي“.
آگسٽ 1948 ۾ لينن گراڊ اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ لائيزينڪو هڪ تقرير ڪئي هئي، جنھن ۾ هن يورپي ۽ آمريڪي جينياتي ماهرن جي ڪم کي ننديو هو. هن جو چوڻ هو ته مينڊيلين جينيات، مارڪسزم سان مڪمل نموني نه ٺھڪندڙ آهي. اهو هڪ خيال پرست متو آهي،. جِين جو تصور، حيواني فطرت جي حقيقي باقاعدگين کان فراريت آهي. لائيزينڪو بدني تبديلين جي وراثت جي پراڻي خيال کي وري جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن لاءِ هن سمجهيو ٿي ته اهو خيال مارڪسٽ فلسفي سان وڌيڪ ٺھڪندڙ آهي، جيڪو ماديت پرستي ۽ اجتماعي عمل تي مرڪوز ٿيل آهي. جيڪو به ماڻهو هن جي خيالن سان متفق نه ٿي ٿيو، هن کي گرفتار ڪري، ”گُلاگ“ ڏانھن اماڻيو ٿي ويو.
1950 تائين لائيزينڪو جو نظريو، سڄي چين ۾ ڦھلجي ويو، جيڪو مڪمل طور تي هڪ ڪوڙو نظريو هو، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرڪاري اخبار – دِي پيپلز ڊيلي پنھنجن پڙهندڙن کي ٻڌايو ٿي ته ”لائيزينڪوازم، حياتياتي سائنس ۾ هڪ بنيادي انقلاب کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ته پراڻي جينياتي سائنس کي مڪمل طور تي سڌاريو وڃڻ گهرجي“. هڪ ٻي اخبار فخر سان اهو اعلان ڪيو ته ”مينڊيليوف طرفان پيش ڪيل وراثت جا رجعت پرست نظريا حياتيات جي نصابي ڪتابن مان اڳواٽ ئي خارج ڪيا ويا آهن“.
ساڳئي زماني ۾ سوويت سائنسدانن کي چيني يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ مدعو ڪيو وڃڻ لڳو ۽ روسي نصابي ڪتابن کي چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃڻ لڳو. بيجنگ ۾ هڪ سئنيما، روسي پروپئگنڊائي فلم به چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو (ڊَب) ڪري هلائي، جيڪا لائيزنڪو جي نظرئي جي بنيادي شين جي وضاحت ڪري پئي. هي سڀ ڪجهه 1950 جي اوائل ۾ روس سان اتحاد جوڙڻ جون مائو جي ڪوششن جو هڪ حصو هو. مائو اهو چيو ته ”چين کي سوويت يونين جي اڳتي وڌيل تجربي مان سکڻ جي ضرورت آهي.“
لِي جنگزهن چين ڇڏي، هانگ ڪانگ هليو ويو. اتان هن هڪ خط آمريڪين جينيٽڪ ايسوسيئيشن جي جرنل آف هيريڊٽي ۾ ”جينيٽڪس ڊائيز اِن چائنا، ڇپرايو. هي پھريون موقعو هو جو بين الاقوامي سائنسي برادري کي چين ۾ لائيزينڪوئزم جي ڦھلاءَ بابت خبر پئي. هن ان خط ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان نافذ ڪيل سخت نظرياتي نگرانيءَ جو به ذڪر ڪيو. جنھن مطابق هڪ هڪ سائنسدان کي لائيزينڪو جي نظرئي کي مڃڻ جو لازمي اعلان ڪرڻو پوندو هو. نه ته کيس ملڪ ڇڏي وڃڻو پوندو هو.
چين ۾ سائنسدانن کي تمام گهڻين ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو، ڪيترن کي سندن نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو. اهي به جن پارٽي پاليسي اختيار ڪئي، دنيا کان ڪٽجي ويا، کين ليباريٽري ساز و سامان ۽ بين الاقوامي سائنسي جرنلن تائين تمام محدود رسائي حاصل هئي.
مائوزي تنگ بهرحال جديد سائنس جي خلاف نه هو، 1957 ۾ مائو اهو اعلان ڪيو ته ”اسان پڪ سان هڪ سوشلسٽ رياست جديد صنعت سان، جديد زراعت سان ۽ جديد سائنس سان اڏي سگهون ٿا“. چيني حڪومت، نون سائنسي ادارن قائم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پئسي جي سيڙپ ڪئي.
1959 کان 1967 جي زماني ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي، لائيزينڪو ازم کان دوري اختيار ڪئي. هي سڀ بدلجندڙ جيوپوليٽيڪل صورتحال جو حصو به هو. 1956 ۾ مائو، سوويت يونين کان پاسيرو ٿيڻ شروع ٿيو. مائو ان زماني ۾ هڪ زبردست تقرير ڪئي، جنھن ۾ هن چيو ”ڇڏيو ته سوين گل ڦٽن، ۽ سوچ جا سوين اسڪول پئدا ٿين.“
هن اعلان کان پوءِ ڪجهه چيني سائنسدانن علمِ جينيات جي مستقبل تي هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي. ان ڪانفرنس جي شروعات تي چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪ ذميوار اهلڪار اهو واضح نموني اشارو ڏنو ته لائيزينڪوازم هاڻي رياستي پاليسي نه آهي، اسان جي پارٽي، سوويت ڪميونسٽ پارٽيءَ وانگر جينيات تي بحث مباحثي ۾ مداخلت ڪرڻ نه ٿي چاهي. هن پنھنجي تقرير جي پڄاڻي مائو جي تقرير جو حوالو ڏيندي، سائنس متعلق اهو چئي ڪئي ته ”چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پاليسي، جيئن ٻين شعبن ۾ آهي، ته ڇڏيو ته ”سوين گل ڦٽن“.
ٻي عالمي جنگ دوران چين ۾ وڏو ڏُڪر پئجي ويو، جنھن ۾ 20 لکن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا، ان کان پوءِ 1959-61 جو وڏي ۾ وڏو چيني ڏُڪر آيو، جنھن ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو مري ويا، ان جا گهڻائي سبب هئا پر ان جو هڪ مکيه سبب ڳوٺاڻن هارين کي اناج پئدا ڪرڻ بدران ڪارخانن ۾ اسٽيل ۽ لوهه پئدا ڪرڻ لاءِ اماڻڻ هو، ان ۾ اڃا وڌيڪ اضافو لائيزينڪو جي نظرئي کي اختيار ڪرڻ سان ٿيو، جنھن سان چيني زرعي سائنسدانن 1950 جو گهڻو عرصو فضول تجربن ۾ ضائع ڪيو.
چين جي زرعي سائنسدان يوئان لانگ پنگ چين جي ڏُڪر جون حالتون ڏسي چين ۾ فصلن جي واڌ تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. اڄ هن کي گاڏڙ چانورن جون پھريون جنسون پئدا ڪرڻ لاءِ ياد ڪيو وڃي ٿو، جن کي پئدا ڪرڻ يورپ ۽ آمريڪا جي سائنسدانن به ناممڪن سمجهيو هو. هونئن سارين جا ٻوٽا قدرتي طور خود لڳ ڪندڙ ٻوٽا هوندا آهن.
ان ڪري انھن کي ڪنھن ٻي جنس سان لڳ ڪرائڻ جو امڪان نه هوندو آهي پر يوئان لانگ پنگ 1964 ۾ سارين جي مقامي ٻنين ۾ پنڌ ڪندي سارين جي هڪ اهڙي جنس لڌي جنھن ۾ نر ٻور مادي گلن سان لڳ ڪرڻ کان اڳ ۾ سڙي ويو ٿي يعني اهو نر سنڍ هو. هن تحقيق ڪئي ته سارين جي ان ٻوٽي جو ٻي ڪنھن جنس سان لڳ ڪرائي سگهجي ٿو ۽ هڪ گاڏڙ نئين جنس پئدا ڪري سگهجي ٿي. 1966۾ يوئان پنھنجي تحقيق ۽ دريافت چائنيز سائنس بُليٽن ۾ ڇپرائي. سوشلسٽ سائنس سان سچو هجڻ هئڻ باوجود، يوئان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو وڃڻ لڳو.
1969ع جي هڪ ڏينھن ڌاري جيئن هو پنھنجي ليباريٽريءَ تي پھتو، اتي هن ديوار تي هڪ وڏو هٿ سان لکيل پوسٽر ڏٺو، جنھن ۾ لکيل هو، ”يوئان لانگ پنگ مرده باد، سرگرم انقلاب – دشمن“. هي مائوزي تنگ طرفان شروع ڪيل نام نھاد ثقافتي انقلاب جي عروج جو زمانو هو، جنھن ۾ خاص طور تي دانشورن کي نشانو بڻايو ٿي ويو. يونيورسٽين جي شاگردن کي خاص طور تي ان ڳالهه لاءِ همٿايو ٿي ويو ته هو انقلاب دشمنن جي نشاندهي ڪن ۽ اختيارين کي ان جو اطلاع ڏين. يوئان جي يونيورسٽيءَ جي تعليم ۽ يورپي ۽ آمريڪي جينياتي سائنس ۾ دلچسپي هن کي نشاني تي آڻي ڇڏيو. ڪجهه هفتن کان پوءِ اينجيانگ زرعي اسڪول جي سربراهه، يوئان کي پنھنجي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيو. هن کي ٻڌايو ويو ته هن کي هڪ نزديڪي ڪوئلي جي کاڻ تي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو ويوآهي. ثقافتي انقلاب دوران هزارين چيني سائنسدانن کي اهڙين ساڳين ليبر ڪئمپن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اماڻيو ويو هو، انھن مان ڪيترائي وري نظر نه آيا. يوئان بھرحال خوش قسمت هو، جو ٻن مھينن کان پوءِ هن کي اوچتو آزاد ڪيو ويو ۽ کيس اينجيانگ زرعي اسڪول تي واپس موڪليو ويو. اها هن جي سائنس هئي جنھن هن کي بچايو هو. اسٽيٽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر چائنيز سائنس بليٽن ۾ يوئان جو ڇپيل مقالو پڙهيو هو ۽ هن چين ۾ زراعت جي مستقبل لاءِ ان تحقيق جي اهميت کي محسوس ڪيو. ان آفيسر اينجيانگ جي اختيارين کي هڪ تار موڪلي، يوئان جي آزاديءَ جو حڪم ڪيو. چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي منظوريءَ سان، يوئان کي پنھنجي تحقيق امن ۽ شانتيءَ جي ماحول ۾ وري جاري رکڻ جي نيٺ اجازت ملي وئي. 1973 ۾ نيٺ يوئان دنيا جو پھريون گاڏڙ سارين جو ٻوٽو پئدا ڪيو، جنھن کي زرعي پئداوار ۾ استعمال ڪري سگهجي پيو.
اڄ يوئان جي چانورن جي گاڏڙ جنس جو تازو قسم نه رڳو چين ۾ پر هندستان، ويٽنام ۽ فلپائين ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو، جيڪو ايشيا ۾ ڪروڙين انسانن جو پيٽ ڀري رهيو آهي.