غزا ۾ ملبو هٽائڻ لاءِ ايف ڊبليو او کي 20 ارب ڊالر جو ٺيڪو ملندو؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي معاشي ماهر ڊاڪٽر فرخ سليم چيو آهي ته پاڪستان هاڻي نئون پاڪستان آهي، نئين ڪمانڊ آهي، نئون پروگرام هلي رهيو آهي. ساڍا 4 ارب ڊالر جو دفاعي سامان آذربائيجان وڃي رهيو آهي، لبيا کي دفاعي سامان وڃي رهيو آهي. ساڍا 3 ارب ڊالر ريڪوڊڪ عالمي منڊين مان گڏ ڪيا، ايگزم 1.3 ارب ڊالر گڏ ڪيا. سندس چوڻ هو ته غزا ۾ 50 بلين ڊالر جو سيٽلمينٽ پيڪيج سامهون اچي رهيو آهي، اتي 20 بلين ڊالر جو ملبو سنڀالڻ جو معاملو آهي. هن ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ ٽاپ ڪمپني ۾ ايف ڊبليو اچي رهي آهي. چون ٿا ته فرنٽيئر ورڪز آرگنائزيشن وٽ سڀ کان وڌيڪ تجربو آهي زلزلن ۽ ملبو هٽائڻ جو. اهو 20 بلين ڊالر جو ٺيڪو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ جو دفاعي سامان ڪنهن کي وڪرو ناهي ڪيو ويو. هي اربين ڊالرن جي ڳالهه آهي.  پاڪستان گلف جي سڪيورٽي لاءِ، ريڊ سي جي سڪيورٽي لاءِ وڃي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.