پي ٽي آءِ انتهاپسندي جي سياست ڇڏي، ادارن تي حملو ڪندا ته ايڪشن تي شڪايت نه ٿيڻ گهرجي:بلاول

لاڙڪاڻو (بيورو+عوامي آواز رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ انتهاپسندي جي سياست ڇڏي، پنهنجي اڳواڻ جي گرفتاري ۽ ڪيسن تي قومي ادارن تي حملو ڪندا ته ايڪشن تي شڪايت نه ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي جمهوريت جي بقا لاءِ سياسي حل ڪڍڻ گهرجي، حالتن کي ڏسندي سڀني سياسي پارٽين کي هڪ نقطي تي آڻڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڀت تي کليل آهي ته جلد اليڪشن ناهي ٿي رهي، ڊگهي اننگز جو فيصلو عوام ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي اڳواڻ جي گرفتاري تي اداري تي حملو ڪيو، پيپلزپارٽي ائين ڪري ها ته خبر ناهي ڇا حشر ٿئي ها، پي ٽي آءِ سان ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي پارٽين کي ڳالهين ۽ مفاهمت جا رستا ڪڍڻ گهرجن ڇو ته سياست لاءِ وڌيڪ گنجائش ڪڍڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. جيڪڏهن سياست ۾ شدت پسندي تي رياست سختي ڪري ته شڪايت نه هجڻ گهرجي، جيڪو سياسي رويو اختيار ڪندو ان لاءِ سياسي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن. هڪ سياسي پارٽي اڪيلي ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، سڀني قوتن کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. سندس چوڻ هوته پي ٽي آءِ سان ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي پر جيڪڏهن ڪا پارٽي انتهاپسند تنظيم جيان ڪم ڪندي ته رياست جو رد عمل به اهڙو ئي هوندو جيڪو قانون موجب هجڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سياسي مفاهمت لاءِ صدر آصف علي زرداري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته جلدي  چونڊون ائين نه ٿيڻ گهرجن جن تي الزامن جي ڌوڙ ڄميل رهي. هن چيو ته نئين چونڊن کان اڳ سڌارا ضروري آهن جن تي سڀني جو اعتماد هجي. صحت جي شعبي تي ڳالهائيندي هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي، عالمي معيار جا مرڪز قائم آهن، ٻارن جي فوتگين جي شرح گهٽي آهي ۽ مريضن کي 100 سيڪڙو طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. معاشي صورتحال بابت هن چيو ته عام ماڻهو کان سندس معاشي حال پڇڻ تي ملڪ جي اصل معاشي صورتحال جواندازو ٿيندو، وفاقي حڪومت معاشي بحران کي منهن ڏيڻ چاهي ٿي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي غور ڪري. پاڪستان هاڻي به ڏکيائين مان گذري رهيو آهي پر ملڪ ڊفالٽ کان بچي چڪو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سڀ کان ڪامياب ماڊل ثابت ٿيو آهي، ان لاءِ وفاق کي به ان تي سنجيدگي سان غور ڪرن گهرجي. هن چيو ته قومي مسئلن جو مستقل حل پاليسين جي تسلسل ۾ آهي ۽ اها ئي ملڪي استحڪام جي ضمانت آهي. ان کان اڳ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالاجي (اين آءِ سي ايچ) جي تحت ٻارن لاءِ قائم ڪيل انتهائي نگهداشت يونٽن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو ۽ صحت وارو وزير پڻ ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.