اي ايس پي شهر بانو، ڊاڪٽر علي زين جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

لاهور (بيورو)اي ايس پي شهربانو ڊاڪٽر علي زين جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي،  لاهور جي ڊاڪٽر علي زين العابدين الزام لڳايو هو ته پوليس آفيسر شهربانو نقوي زبردستي مون کان لکين رپيا مريضه کي ڏياري ڇڏيا، جڏهن ته ايس پي شهر بانو نقوي انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي، ڊاڪٽر علي زين العابدين جو چوڻ آهي ته اپريل مهيني ۾ هن مريضه جي اک جي ليزر سرجري ڪئي هئي، جيڪا مڪمل طور صحيح هئي، پر پوليس آفيسر شهر بانو نقوي زبردستي لکين رپيا مريضه کي ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو، ڊاڪٽر موجب پوليس چيو ته آپريشن صحيح نه ٿيو آهي، تنهن ڪري مريضه کي پئسا ڏيو ته جيئن هوءَ ٻئي هنڌ آپريشن ڪرائي سگهي، ٻئي پاسي ايس پي شهر بانو نقوي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر علي زين صرف هڪ ڀيرو سندس آفيس آيا هئا، کين مريضه سان معاملو طئي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو نه ڪا بدتميزي ٿي ۽ نه ئي تشدد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.