سرڪاري سرپرستي ۾ قبيلائي جهيڙا ڪرايا پيا وڃن:رياض چانڊيو

حيدرآباد( پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ،عزيزالله ڀٽو،نواز شاهه ڀاڏائي،غفار ميرجت،پنهل جمالي، اياز سولنگي ،رمضان ۽ ڪمال گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ذاتين برادرين  جا خوني تڪرار سرڪاري سرپرستي ۾ ڪراياوڃن ٿا راڄن جي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ نٿا ورتا وڃن ،سنڌ جو امن امان تباھ آهي ،هنن چيو ته ڳڀرو نوجوان برادرين جي تڪرارن جي آڙ ۾ قتل پيا ٿين نه پوليس جو نظام آهي نه قانون جو نظام آهي هر طرف ڏوهاري راڄ قائم آهي جنهن جو تازو مثال چڪ ويجهو ڄڃ کڻي ويندڙ گاڏيءَ تي هٿياربندن  فائرنگ ڪري گهوٽ الطاف مهر ۽ وين ڊرائيور رمضان مهر کي قتل ڪيو  هنن چيو ته  اڳي سکر لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڌاڙيلن کان قتل عام ۽ اغوا ڪاري عام ڪرائي وئي هئي هاڻي وقتي طور ڌاڙيلن کان اغوا ڪارين بند ڪڙائي برادرين جي تڪرارن جي آڙ ۾ قتل عام ڪرايو وڃي ٿو هنن چيو ته  ڪراچي، حيدرآباد دھشتگردن حوالي ڪري ڀتا گردي ۽ منشيات گردي ڪرائي وڃي ٿي ٻهراڙيون ڌاڙيلن چورن  ۽ ڦورن حوالي ڪيون ويون آهن سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تي سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.