بلاول ڀٽو زرداري جا وفاقي حڪومت کي ڏنل ڏوراپا ۽ مسلم ليگ (ن) جي ذميواري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ، بلاول هائوس ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي حڪومت جي پ پ  کي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته وفاقي حڪومت پ پ سان ڪيل معاهدن تي مڪمل طور تي عمل نه پئي ڪري ۽ ڪيترن معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. جيڪو عمل درست ناهي. هن چيو ته حڪومت آئين سازي وقت ڪيل واعدن تان به پوئتي هٽي وئي آهي. جڊيشنل ڪميشن جي معاملي ۾ به صحيح نموني مشورو نه ڪيو ويو . ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته سنڌو درياهه مان  ڇهه ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري بابت به اعتماد ۾ نه ورتو ويو. آئون 26 هين ترميم جي ڪم ۾ مصروف هيس ته حڪومت ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪو طريقو درست ناهي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن)  جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مفاد ۾ جيتوڻيڪ ميثاق جمهوريت ڪيو ۽ ان معاهدي جي روشني ۾ اهو طئي ڪيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) اڳتي هڪ ٻئي جون  حڪومتون ڪيرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪلهو نه بڻجنديون پر جيئن ته بنيادي طور تي اهي هڪٻئي جون ماضي ۾ سخت حريف رهيون آهن تنهن ڪري انهن ۾ اختلاف ۽ تڪرار اڻٽر آهن. اهي ٻئي جماعتون ظاهر  آهي ته چاهينديون ته اهي پنهنجي طور حڪومت ڪن اها ٻي ڳالهه آهي ته هن سال ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ ڪنهن به جماعت کي ايڏي  اڪثريت نه ملي جو اهي اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهن تنهن ڪري پي ٽي آءِ، مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کي ڪنهن به هڪ جماعت سان گڏ حڪومت ٺاهڻي هئي. مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ ان حوالي سان سڀ کان گهڻيون سيٽون کٽندڙ پي ٽي آءِ  کي پهريون  حڪومت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي پر  پي ٽي آءِ نه مسلم ليگ (ن) نه ئي پ پ سان گڏجي حڪومت ڪرڻ چاهيو جڏهن ته پ پ، پي ٽي آءِ کي گڏجي حڪومت ڪرڻ جي دعوت به ڏني هئي سو پي ٽي آءِ جي انڪار سبب  نيٺ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو  جنهن نتيجي ۾ صدارت پ پ جي آصف علي زرداري کي ملي ۽ وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جو شهباز شريف ٿيو.

اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن هاڻي پ پ مسلم ليگ (ن) جي اتحاد مان نڪري وڃي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هڪدم ختم ٿي ويندي ۽انهيءَ جو امڪان به هر وقت موجود آهي.

تجزئي نگارن جو اهو به چوڻ هوندو آهي ته اندروني طور تي اهو به فارمولو طئي ٿيل آهي ته پنجن سالن جي مدي ۾ اڌ مُدو مسلم ليگ (ن) حڪومت ڪندي  ته ٻيو  اڌ مُدو وري پ پ حڪومت ڪندي. جيڪڏهن واقعي به اهڙو فارمولو طئي ٿيو  آهي ته لڳي ٿو ته ان معاملي تي به وڏو تڪرار  پيدا ٿيندو  ۽ اهو به ممڪن آهي ته بلاول ڀٽو  زرداري جو صحافين سان ڳالهايل معاملن جو اشارو  ايڏانهن هجي ۽ هاڻي ئي مسلم ليگ (ن) کي ممڪن آهي ته ياد ڏيارڻ چاهيندو هجي پر جيڪڏهن اها ڳالهه ايئن نه به آهي ته تڏهن به اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته اتحادين کي راضي رکڻ ۽ گڏ کڻي هلڻ ڪو  سولو ڪم ناهي. پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان به پهرين حڪومت جي تجربي کانپوءِ  چوڻ  لڳو هو ته اتحادي جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ ڏکيو آهي سو  اڳتي اتحادين سان گڏجي حڪومت نه ڪبي.

اهڙي صورت حال مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت سان به يقينن سلهاڙيل هوندي ۽ ان حوالي سان پ پ کي ميثاق جمهوريت تي به مڪمل طور تي عمل نه ڪرڻ جي شڪايت رهندي ايندي آهي. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسجي ته اهو ممڪن آهي ته موجوده اتحادي حڪومت جي فارمولي جي ڀڇڪڙي ٿيندي هجي جنهن جو اظهار  بلاول  ڀٽو زرداريءَ ڪيو آهي. اصولي طور تي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها پنهنجي وڏي اتحادي جماعت  پ پ جو خاص خيال ڪري ڇاڪاڻ ته پ پ جي اتحاد سان ئي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڙيل آهي.

ٻيا معاملا ته پنهنجي جاءِ تي پر سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ته سنڌ سان سلهاڙيل آهي ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي. ان منصوبي ڪري پ پ جي سنڌ ۾ سياسي پوزيشن ڪمزور ٿي آهي. سڄي سنڌ ڇهن ڪئنالن واري منصوبي جي خلاف آهي، سراپا احتجاج  آهي ۽ پ پ تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي ته اها ان منصوبي ۾ وفاق سان ٻٽ بڻيل آهي. پ پ تي سنڌ جي سياسي جماعتن جو شڪ به آهي ته  اها ڇهن ڪئنالن واري منصوبي تي اندروني طور وفاقي حڪومت سان گڏ آهي ۽ ظاهري طور اهڙو تاثر ڏئي رهي آهي ته ان جي رضامندي بنا ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي آهي هونئن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به ڪافي  ڀيرا وفاق جي ان منصوبي خلاف ڳالهائيندي ان کي رد ڪيو آهي بلاول ڀٽو زرداريءَ  به ڪافي ڀيرا ان جي ڳالهايو  آهي پر پوءِ به سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ عوام کي اعتبار  نه ٿو اچي پر جيڪڏهن پ پ واقعي به ڪئنالن  جي خلاف آهي ۽ جيئن بلاول ڀٽو زرداري چئي ٿو ته پوءِ  سڄو ڏوهه وفاقي حڪومت جو آهي جنهن پ پ کي اعتماد  ۾ وٺڻ بنا  سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن وارو منصوبو  منظور ڪري سنڌ ۾ پ پ کي سياسي طور ڌڪ رسايو  آهي. جيڪڏهن واقعي به ايئن آهي ته پوءِ  بلاول ڀٽو زرداري  جي وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ سجائي آهي.

بهرحال  بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي حڪومت تي اظهاريل ڪاوڙ  کي جمهوري حلقا سٺو سنوڻ نٿا سمجهن ملڪ ۽ عوام کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ضرورت آهي جڏهن ته آمريڪا اندر ٿيل صدارتي  چونڊ جي نتيجي ۾ نئين افراتفري پيدا ٿي آهي ته شايد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  جي اچڻ سان ملڪي  حڪومت ۾ به تبديلي ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ لاءِ ماحول سازگار ٿيندو جنهن کي ڏسندي  پي ٽي آءِ 24 نومبر  تي فيصلائتي احتجاجي تحريڪ  جو اعلان ڪيو آهي. چوڻ وارو چون ٿا ته اهو سڀ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جو سبب به ٿي سگهي ٿو ان صورت ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کي وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي ۽کين ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ  توڙي  ملڪ اندر  سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.