ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، تفصيلي فيصلو جسٽس صلاح الدين پنهور لکيو آهي، 2 رڪني بئنچ ۾ جسٽس امجد علي سهتو به شامل هو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ پي ايم ڊي سي کي جاچ جي نگراني لاءِ گڏيل ويجيلنس ٽيمون ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سموريون رپورٽن مان ثابت ٿي آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ شفاف ناهي ٿي ، سنڌ حڪومت ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي جاچ ٽيم ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، جج چيو ته ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ ۾ اهڙي غير شفافيت سماج ۽ ميڊيڪل شعبي لاءِ خطرناڪ رجحان آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيڻ وارن جا 10 سيڪڙو مارڪون نه ڪٽيون وينديون، اهو شاگرد جيڪو ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 2024 ڏيندو ان کي تازو سمجهيو وڃي ، عدالت چيو ته تعليمي ادارن ۽ بورڊن ۾ ڪمزور ريگيوليٽري فريم ورڪ پيپر ليڪ ٿيڻ جو وڏو سبب آهي. پئسن جي لالچ، ڪاغذن جو وڪرو ٻيو وڏو سبب آهي، جيڪو احتساب جو عمل نه ٿيڻ سبب ٿي رهيو آهي. جيڪي ٻار محنت ڪن ٿا، انهن کي اهڙي طريقي سان پري ڪرڻ سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي، اهڙي طرح جي سليڪشن ميڊيڪل جي شعبي کي زوال طرف کڻي ويندي . تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز جي رپورٽ کي عدالتي حڪم جو حصو بڻايو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ته پيپر واٽس اپ ذريعي آئوٽ ڪيو ويو. گروپ 21 سيپٽمبر تي رات 8 لڳي 16 منٽ ۽ 41 سيڪنڊن تي پيپر ليڪ ڪيو ويو، ضبط ٿيل ڊيوائس جي فرانزڪ دوران پتو پيو ته پيپر ڪيترن ئي گروپن ۾ شيئر ڪيو ويو هو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ اهڙي غير شفافيت سماج ۽ طبي شعبي لاءِ خطرناڪ رجحان آهي.تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته اهڙي سليڪشن سان ميڊيڪل جي شعبي کي زوال طرف کڻي ويندي، تعليمي ادارن کي ٻارن ۾ ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، شارٽ ڪٽ سان ايندڙ شاگردن جي حوصلي کي ٽوڙيو وڃي، ٽيسٽ کي غير شفاف بڻائيندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت سنڌ جي سمورن بورڊز کي حڪم ڏنو ته هڪ مهيني اندر امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا وڃن، فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ڏيڻ وارن جي 10 سيڪڙو مارڪن جي ڪا به ڪٽائي نه ڪئي ويندي، ايم ڊي ڪيٽ 2024ع ۾ ايندڙ شاگرد کي فريش سمجهيو وڃي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته اهڙي سليڪشن سان ميڊيڪل جي شعبي کي زوال طرف کڻي ويندي، تعليمي ادارن کي ٻارن ۾ ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، شارٽ ڪٽ سان ايندڙ شاگردن جي حوصلي کي ٽوڙيو وڃي، ٽيسٽ کي غير شفاف بڻائيندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.عدالت چيو ته پرائيويٽ يونيورسٽين کي ميڊيڪل جي داخلا لاءِ ڇوٽ ڏيڻ بنيادي حقن جي خلاف آهي، پي ايم ڊي سي قانون تي نظرثاني ڪئي وڃي ته سمورن يونيورسٽين کي برابر موقعا ڏنا وڃن. وڪيل پي ايم ڊي سي چيو ته امتحان صاف ٿي رهيا آهن، سخت مانيٽرنگ سبب 88 اميدوار ڪاپي ڪندي پڪڙيا ويا آهن، عدالت تعليمي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.