موسمياتي تبديلين جا دنيا تي پوندڙ ڳڻتي جوڳا اثر

هن وقت سڄي دنيا جن ڪيترن ئي مسئلن مان هڪ معاملي تي گهڻي ڳڻتي جو شڪار آهي سو آهي موسمياتي تبديلي جو جنهن کان سڄي دنيا ڏکڻ ايشيا ۽ پاڪستان به متاثر ٿيڻ لڳو آهي. رپوٽون آهن ته موسمي تبديليءَ  پاڪستان سميت 23 ملڪن کي وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ ڏڪار منهن ڪڍيو آهي.

موسمياتي تبديلين جي جي ان معاملي تي آذر بائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ”سائي “دنيا لاءِ گڏ ٿيو“ جي عنوان سان موسمياتي ڪانفرنس پڻ ٿي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي آهي. جنهن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير  ملڪن کي گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب خاص فنڊ قائم ڪرڻ جو  مطالبو ڪندي چيو آهي ته ترقي پذير  ملڪن کي 2030تائين 6 هزار 800 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي تبديلي جي چئلنج کي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته قرض ڏيڻ بداران امدادي سيڙپ جي فراهمي تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻيو ته ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. اهو موسمياتي تبديلين  جو ئي نتيجو آهي جو پاڪستان ويجهي ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو ۽ اڃان تائين ان جي نقصانن مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. وزير اعظم ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. باڪو  ۾ هلندڙ ڪانفرنس دوران هڪ ٻي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته دنيا جي  ڪروڙين ماڻهن جي بقا گليشيئرز جي تحفظ سان مشروط آهي. گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز کي وڌيڪ ڳرڻ کان روڪڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ ۽ علاقائي تعاون جي گهڻي ضرورت آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان وڏي پئماني تي گليشيئرز جو گهر آهي  انهيءَ  وسيع ذخيرن کي نقصان کان بچائڻ لازمي آهي. دنيا کي ستر سيڪڙو پاڻي انهن گليشيئرز سان ملي ٿو ۽ پاڪستان ۾ ست هزار کان وڌيڪ  گليشيئرز  موجود آهن جنهن مان سنڌو درياهه کي 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو پاڻي ٺهي ملندو آهي پر هاڻي 1960جي مقابلي ۾ گليشيئرز ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن سبب گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورت حال آهي جيڪا فوري ڪارروائي جي گهرجائو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ عالمي بدرادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هونئن ته ڳچ ورهين کان موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد دنيا جو موضوع رهيو آهي پر عوامي سطح تي ان معاملي تي عوامي سطح تي ڪجهه گهٽ جاڳرتا آهي جنهن کي پڻ وڌائڻ تي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين عام ماڻهو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ نقصانن کان واقف نه ٿيندو تيستائين  ان جو حڪومت کي سهڪار نه ملندو باقي جيستائين دنيا جي ملڪن ۽ حڪمرانن جو تعلق آهي ته اها چڱي ڳالهه آهي ته انهن ان مسئلي جي اهميت کي نه رڳو سمجهيو آهي پر ان تي تشويش به رکي ٿي ۽ ان جي نقصانن کي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت کي به محسوس ڪري ٿي. ان ڏس ۾ باڪو ۾ مختلف نوعيت جون جيڪي تقريبون ٿي رهيون آهن تن کي اسان وقتائتو قدم سمجهون ٿا. موسمياتي تبديلين بابت هونئن ته عالمي ۽ ملڪي ميڊيا به ڪافي سالن کان آگاهي ڏئي رهي آهي ان موضوع تي ڪيترائي ايڊيٽوريل، ڪالم ۽ مضمون توڙي ٽي وي چينلن تي ٽاڪ شوز به ٿيا آهن ۽ ڊاڪيومينٽريز  به ڏيکاريون ويون آهن پر ان اشو بابت اڃان گهڻي جاڳرتا جي ۽ حڪومتي سطح تي اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي.

وزير اعظم شهباز شريف باڪو ڪانفرنس ۾ جيڪا تقرير ڪئي آهي تنهن ۾ موسمياتي تبديلي جي پاڪستان تي پوندڙ ڳڻتي جوڳن اثرن کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو آهي جنهن جو حوالو  اسان مٿي ڏئي چُڪا آهيون. ان تقرير جو  اهم پاسو اهو آهي جنهن ڏانهن هن دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي ته ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير  ملڪن جر مالي مدد ڪرڻ گهرجي جيئن اهي موسمياتي تبديلي جي نقصانن جي رڪٿام لاءِ ڪجهه وٺي سگهن. اسان سمجهون ٿا ته باڪو ڪانفرنس پاڪستان کي اهو ڀرپور  موقعو ڏنو  ته اهو دنيا کي پنهنجا مسئلا ٻڌائي سگهي جيڪي وزير اعظم شهباز شريف  ٻڌايا به آهن جنهن ۾ هن گليشيئرز جي ڳرڻ ۽ ان جي ذخيرن ۾ گهٽتائي اچڻ جي خوفناڪ نشاندهي ڪئي آهي ۽ ان سبب وڌندڙ گرمي پد جو اونو ڏيکاريو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته واقعي به موسمياتي تبديلي ۽ دنيا وڌندڙ  گرمي پد ڳڻتي جوڳو موضوع آهي جنهن کي جيڏو جلد  منهن ڏبو ته اوترو ئي فائديمند رهندو ٻي صورت ۾ دنيا ۾ زندهه رهڻ ڏکيو  ٿي ويندو. اها به عجيب ڳالهه آهي ته جديد دور جي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ بدران اسان رهندو پوئتي ٿيندا ٿا وڃون. دنيا کي فائدو ملڻ بجاءِ نقصان ئي پئي پئجي رهيو آهي، فضائي گدلاڻ جيڪا بيمارين جي ريڪارڊ واڌاري جو ڪارڻ آهي تنهن جو سبب فطرت نه پر انساني هٿ آهي. فطرت مان فائدو وٺڻ بدران اسان فطرت جي فائدن کي ئي ختم ڪري رهيا آهيون. گليشيئر  جي ذخيرن کي ڇا هن جديد دور ۾ وڌيڪ محفوظ  نٿو ڪري سگهجي بلڪل ڪري سگهجي ٿو ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون به آهن پر اصل ۾ مائينڊ سيٽ ۾ زوال آيل آهي. ماضي ۾ هيءَ ڌرتي فطرت جي نعمت سان مالا مال هئي جنهن کي جديد دور جي انسان نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو آهي. حد کان وڌيڪ  دونهين نه رڳو فضا ۾ گدلاڻ پيدا ڪئي آهي پر ان اوزون تهه ۾ ئي سوراخ  ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري سج جي تپش سڌو سنئون  ڌرتي تي پوي ٿي ته ڌرتي ٽامو بڻجي وڃي ٿي ۽ ان گرمي جي وڌيل پد سبب گليشيئر جا ذخيرا  پگهرجي گهٽ کان گهٽ ٿيندا پيا وڃن جنهن ڪري ڏڪار  وڌندو وڃي ٿو. اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته اوزون تهه جو سوراخ وقت سان وڌي ئي رهيو آهي جنهن جو مطلب اهو ٿو  نڪري ته دونهين جي گدلاڻ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. گرمي جو اهو پد ايئن ئي وڌندو رهندو ته گليشيئر به نه بچندا ۽ رجندا ختم ٿيندا ويندا. ٻيو ته دنيا مان  ٻيلا ۽ وڻ جيڪي ڌرتي کي سائو چچ بڻائيندا آهن سي به انسانن حڪومتن ختم ڪري ڇڏيا آهن انهيءَ ڪارڻ به گرمي جو اثر ڌرتي تي وڌي ويو آهي. ۽ صورت حال اها آهي جو ان ڪري هاڻي دنيا جي سڀني ملڪن کي گڏ ويهي ان تباهي کا روڪـڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي جيڪا وقت جي ضرورت آهي.

اسان اميد ٿا ڪريون ته باڪو ڪانفرنس کانپوءِ دنيا جون حڪومتون سٺي پاليسي ۽ درست حڪمت عملي سان موسمياتي تبديلن جو  وڌيڪ بهتر نموني مقابلو ڪري سگهنديون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.