آدم بوءِ- آدم بوءِ

تحرير: ثاقب ابڙو

ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آھي ته اڪثر وڏڙن کان آکاڻين ۾ آدم خور جو ذڪر ٻڌبو هو. جيڪو انساني گوشت جو بکيو هوندو هو. جڏهن به ڪو انسان ان جي ويجهو ايندو ته هو ’آدم بوءِ- آدم بوءِ‘ ڪندو ان پاسي ڀڄندو ۽ شڪار ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو. ان آکاڻي جي پويان سبق اهو هوندو هو ته انسانن سان سهڻي طريقي سان ملو. ٻين لاءِ پريشانيءَ جو باعث نه ٿيو ۽ انساني قدرن کي سمجھو.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران پڌري ڪيل سنڌي لغات مطابق قديم ڏند ڪٿائن موجب ڪنهن ديو، راڪاس وغيره جو ماڻهوءَ جي ڌپ سُڃاڻي ان کي مارڻ جو قصد ڪرڻ. ڪنهن تي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي پڇا ڪرڻ ۽ سندس لاءِ سزا يا مارڻ جو قصد ڪرڻ کي آدم بوءِ ڪرڻ چئبو آھي.

پر هاڻي اهڙو وقت اچي چڪو آهي جتي اسان جو جديد نسل، يعني جين-زي ۽ جين-الفا آدم بوءِ – آدم بوءِ ڪندي، آدم ذات جي ويجھو وڃڻ بدران انکان پري ڀڄندو نظر ايندو آهي، جيئن ڪٿي ڪو انسان يا گھراندر ڪو مھمان اچي، ته اهي ان کان پاڻ بچائڻ ۾ پورا نظر ايندا. اڄ جو نوجوان پنهنجي موبائل، ڪمپيوٽر ۽ ٻين برقي آلن ۾ گم آهي. اهي انساني ميل ملاقاتن کان پاسيرا، ڄڻ ته پري ڀڄڻ لڳا آهن. اصل ۾ مسئلو اھو ٿي پيو آھي ته گھر ۾ والدين وٽ وقت ڪونھي. اسڪول ڪاليج ۾ استاد ان مسئلي ڏيڻ لاءِ دستياب ڪونھي. يونيورسٽين ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جو وزن ايترو آھي جو صرف اھي شاگرد ئي موقعا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا جن ۾ اڳواٽ صلاحيتن جو انبار موجود آھي. سڀ کان وڏي صلاحيت آھي ٽائيم مئنيجمينٽ ؛ وقت جو درست استعمال. شاگردن جو برقي آلن سان وقت ايترو صرف ٿئي ٿو جو ھو آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندا گھر جا ڪنڊون پاسا ڳوليندا ، غائب ٿيو وڃن.

ھن جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي انهن لاءِ هڪ اهڙو اوزار بڻجي چڪي آهي. جنهن ۾ هنن کي پنهنجي والدين کان وڌ ويجهڙائپ ۽ دوستن کان وڌ رازداري محسوس ٿئي ٿي. ھڪ خيالي دنيا ۾ موجود مصنوعي ڏاھپ سان تيار ڪيل ڪردار صوفيا ۽ ان جي ڀائرن ڀينرن يعني ايلس، البرٽ هيبو، بينا، جُولس، پروفيسر آئنسٽائن، فلپ وغيرہ سان ڪچھريون ڪن ٿا. کين پنھنجو حال ڀائي ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جون سڀ صلاحون مشورا ڪن ٿا. ڇو جو شايد کين اھا پڪ آھي ته ھي روبوٽ آدم خور ناھن. پر حقيقت کان ناواقف نسل اھو نٿو ڄاڻي ته انساني رشتن، ڳانڍاپن ۽ تعلق جو قدر ۽ وابستگي انساني بقا جي لاءِ ڪيتري اھم آھي. اڄ جو نوجوان، پنهنجي موبائل اسڪرين تي وقت گذارڻ ۾ اهڙو ته محو آهي جو هن کان زندگيءَ جا اهم انساني پهلو وسري ويا آهن. انهن ۾ موبائل، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا سان وابستگي انهن جي وقت ۽ زندگيءَ کي ڪيئن متاثر ڪري رهي آهي، اهو سمجهڻ ضروري آهي. صبح کان شام تائين برقي آلن سان جڙيل رهڻ ڪري والدين کان پري، دوستن کان پري، اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگيءَ کان پري ٿي ويا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪيئن اسان جو پراڻو سماجي نظام ماڻهن سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب هو. هڪٻئي سان ميل جول، ڪچھريون ڪنديَ خوشي محسوس ٿيندي ھئي. پر هاڻي حال اهو آهي جو اڄ جو نئون نسل ماڻهن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. ڄڻ ته ماڻهن کان ڊڄن ٿا، ڄڻ اهي انهن کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا ته ڪٿي ڪو کين ڳڙڪائي نه وڃي. موبائل ۽ انٽرنيٽ جي دنيا انهن کي پنهنجي زندگيءَ جي ھڪ اھم حصي کان پري رکيو آهي. وٽن شاندار ۽ تخليقي آئيڊياز، خوابن ۽ خواهشن سان ڀرپور آهن. پر اهي انهن خيالن کي ماڻهن سان نٿا شيئر ڪري سگهن. اهي پنهنجي جتيءَ کان هيٺ جي زمين کان لاتعلق ٿي ويا آهن، جتي نون ماڻهن سان ملڻ، خيال شيئر ڪرڻ، ۽ انساني لاڳاپن کي هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ، هڪ تمام اهم مسئلو نوجوانن لاءِ وقت جي درست نموني ورڇ ۽ درست استعمال آهي. جيڪو جديد دور ۾ انهن لاءِ هڪ اهم ۽ لازمي صلاحيت طور ضرور هجڻ گهرجي. وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ، ان کي منظم انداز ۾ ضابطي ۾ رکڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن لاءِ ان جو استعمال ڪرڻ ئي انهن کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿو.

جيڪڏهن نوجوان پنهنجي روزاني وقت جو صحيح نموني سان استعمال ڪن، ته هو نه رڳو پنهنجي پڙهائي، پر پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ به وڌيڪ موثر ٿي سگهن ٿا. هن وقت اسان جي معاشري ۾ وڏڙن جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ٿو.

وڏي عمر جا ماڻهو، پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ سان نوجوانن جي زندگيءَ ۾ نيون راهون ڏيکاري سگهن ٿا. نوجوانن کي پنهنجي بزرگن سان ويجهڙائي ۾ رهڻ گهرجي. انهن جي تجربي مان سکڻ گهرجي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ بزرگن جي صلاحيتن ۽ تجربن کي پنهنجو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن وڏڙا نوجوانن کي وقت ڏين ٿا ۽ انهن جي تجربي مان سکڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿا، ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا. اڄ جي نوجوان لاءِ اهو اهم آهي ته هو وقت جو قدر ڪري، پنهنجي انساني تعلقن کي مضبوط ڪن ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ سماجي ميل جول کي اهميت ڏين. اهو ضروري آهي ته نوجوان وقت جي صحيح استعمال جي اهميت سمجهي، جديد دور جي ٽيڪنالاجي کي صرف هڪ اوزار طور استعمال ڪري، نه ته زندگيءَ جو مقصد بڻائي.

ان پيغام سان، اميد ته نئون نسل وقت جي اهميت ۽ انساني تعلقن جي قدر کي سمجھندي، جديد دنيا جي موقعن کي وڌيڪ اثرائتي نموني سان حاصل ڪرڻ سکندو. توهان کي زندگيءَ ۾ بار بار موقعا نه ملندا، پر جيڪڏهن توهان تيار آهيو، ته هر موقعو توهان لاءِ هڪ نئون رستو ۽ نئين راهه کوليندو. وقت کي پنهنجو ساٿي بڻايو، انساني قدرن کي ڄاڻو ۽ پنهنجين صلاحيتن کي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پيش ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.