نيتن ياھو  وزير دفاع  کي ڇو برطرف ڪيو ؟

اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نتن ياهو ۽ سندس اڳوڻي دفاع واري وزير يواو گلنٽ وچ ۾ تڪرار جو چوٻول ڪجهھ وقت کان ميڊيا ۾ ھلي رھيو ھو.پر وزيراعظم کيس 5 نومبر تي ئي عھدي تان ھٽائي ڇڏيندو اھو اندازو نھ ھو. غزا ۾ اسرائيل جي جنگي حڪمت عملي تي ٻنهي جي وچ ۾  ڪجھھ مھينن کان لاڳاپا بگڙي ويا ھئا.

نتنياهو يواو گيلنٽ کي عهدي تان برطرف ڪندي چيو هو ته  ملڪ ھن وقت جنگ جي حالت ۾ آھي ان ڪري لازمي ھو تھ وزير دفاع ۽  وزيراعظم ٻئي ھڪ ئي پيج تي ھجن.پر اسان وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ھئي.برطرف ڪيل اسرائيلي وزيردفاع  بابت چيو وڃي ٿو تھ اھو وزيراعظم کان جنگ جي لحاظ کان سينئر ۽ قابل ھو.هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1977ع ۾ نيوي ڪمانڊو طور ڪئي ۽ غزا ۾ 2005 کان 2010 تائين ٻن جنگين جي نگراني بھ ڪئي ھئي.

سمجھيو ٿو وڃي تھ گيلينٽ جو فوجي معاملن ۾ وڌيڪ تجربيڪار ھئڻ ئي سندس باس يعني وزيراعظم کي ڏکيولڳو ھو. نتن ياهو سان گڏ برطرف ڪيل وزير پڻ بين الاقوامي فوجداري عدالت ۾ ممڪن جنگي ڏوهن جي الزامن کي منهن ڏئي رھيو ھو.بهرحال، ٻنهي  عالمي عدالت جي پاران لاڳو ڪيل مئي جي جنگي ڏوهن جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو ھو.

دفاع جو وزير ياوو گيلنٽ  اسرائيل جي  حماس پاران يرغمال بڻايل شھرين  جي آزاديءَ واري ڊيل ۽ غزه ۾ جنگ جي خاتمي کي ترجيح ڏيڻ واري سوچ جو حامي ھو.نتنياهو پنھنجي وزير جي ڳالھھ کي وزن ڏيڻ بدران  اصرار ڪندو رھيو  ته حماس تي جاري فوجي دٻاءُ باقي اسرائيلين کي آزاد ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي.

برطرف ڪيل وزير جو  چوڻ ھو تھ 7 آڪٽوبر 2023 جي حملي جي پويان فوجي، سياسي ۽ انٽيليجنس ليپس جي وسيع جاچ ٿيڻ گهرجي. ھن جو اھو بھ چوڻ هو ته حماس جو هي حملو اسرائيلي فوج جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو.نتن ياهو جو چوڻ ھو ته ھي ان جاچ جو درست وقت نھ آھي.

گيلينٽ  ۽ نيتن ياهو  ۾ يهودي مذھبي تعيلم وٺندڙن شاگردن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ واري ڳالھھ تي بھ اختلاف ھو. ذڪر ڪيل  بل هن وقت اسرائيل ۾ بحث هيٺ آهي.گلينٽ جو خيال آهي ته  جڏهن ملڪ مختلف محاذن تي جنگن ۾ ڦاٿل آهي، ان وقت آرام پسندي کي  برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.نتن ياهو جي اتحادي حڪومت ساڄي ڌر جي قدامت پسند پارٽين جي ٽيڪ تي بيٺل آهي جيڪي ان بل جا حامي آھن.ان ڪري گيلينٽ جي ڳالهه کي اھميت نھ ڏني وئي.

گيلينٽ کي ھٽائڻ کانپوءِ  دفاع جي وزارت هڪ اهڙي شخص کي سونپي وئي آهي جنهن کي فوجي معاملن جو ڪو به تجربو ناهي.ڪيٽز ٻه ڏينهن اڳ تائين اسرائيل جو پرڏيهي وزير هو. پر هاڻ هو  دفاع وارو وزير بڻجي ويو آهي.اسرائيل هن وقت ٻه جنگيون وڙهي رهيو آهي جيڪي وچ اوڀر جي باقي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ اسرائيل ڪيٽز جو فوجي معاملن ۾ تجربو نه هجڻ سبب نه رڳو ملڪ ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به اسرائيل بابت شڪ پيدا ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.