پروين موسيٰ ميمڻ جو نئون ڪھاڻي ڪتاب "ويھهَ تولا سون”

تحرير: محمد علي پٺاڻ

ويھه تولا سون” ڪتاب جي نائين ڪھاڻي آهي. جيڪا ڪم واري ماسي جي ھڪ نئين روپ کي ظاهر ڪري ٿي.

ھيءَ ڪھاڻي به موضوع توڙي ان سان ھر طرح جي جديد حقيقي نقش نگاريءَ جي نڀاءَ جي لحاظ کان پنھنجي پاڻ ۾ نه رڳو وسعت رکي ٿي، پر ذھن ۾ خبرداريءَ جو وڏو گهنڊ وڄائي سجاڳيءَ جو اھو نياپو به ڏئي ٿي، ته ھر چھري ۾ معصومیت سان گڏ ڪيترا ٻيا چھرا به ھوندا آھن، جن جي ظاهر ٿيڻ سان ڪن جي پيرن هيٺان ته زمين کسڪندي آهي، مگر ڪي ڄاڻي واڻي اھا کسڪڻ نه به ڏيندا آهن!

ڪتاب جي ڏھين ڪھاڻي "پوليس انسپيڪٽر” کي ڪجهه خاندانن جي دلچسپ قصن کان وڏي دائري ۾ ڦيرائيندي ڀيڻ ان کي پڙھندڙ جي توقع جي ابتڙ، نئون موڙ ڏئي پنھنجي انجام تي رسايو آهي. جنھن کي پڻ ڪھاڻي کيتر ۾ ان جي جداگانه اُڻت ۽ فني نفاست سبب وسارڻ ممڪن نه ٿيندو.

"ديوتا” ڪتاب جي يارھين ڪھاڻي آهي. جيڪا موضوع جي لحاظ کان "پيار ڪھاڻي” جي ذمري ۾ اچي ٿي. جنھن موضوع تي سوين ھزارين ڪھاڻيون لکيون ويون آهن. پر ھيءَ ڪھاڻي ان روايتي دائري ۾ ھوندي، خاص انڪري بڻجي پئي آهي، جو ڪھاڻيڪاره نه رڳو ان کي اسلوب نئون عطا ڪيو آهي، پر ٽريٽمينٽ به مختلف ڏني آهي.

ڪھاڻي، شروع کان آخر تجسس سان ڀريل آهي. جنھن کي پڙھندڙ ذھن ۾ ھڪ پڄاڻيءَ کي ٺاهي ٺوڪي ويھاري لازمي پڙھڻ چاھي ٿو.

۽ جڏهن ان جي انجام کي رسي ٿو ته، ڪھاڻي کيس اھو منظر اڳيان آڻي ٿي، جيڪو سندس وھم گمان ۾ به نٿو ھجي ۽ جيڪا ئي ھڪ سٺي ڪھاڻيءَ جو دليل ھجي ٿي.

ٻارھين ڪھاڻي "ڊاڪٽر غفرانه” نفسياتي موضوع سان روشناس ڪرائي ٿي.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ شامل قصي کي پڻ ڀيڻ ھڪ برجستي ڪھاڻيڪاره وانگر ھوريان ھوريان کوليندي ۽ اڳتي وڌائيندي وڃي ٿي. جنھن ۾ "اڻھوند” جو احساس آسمان ۾ ڪنھن پکيءَ جيان مڪمل پرواز جي منزل تي رسي ٿو، ته ھوءَ ان کي ھڪدم زمين تي آڻي پنھنجي مقصد کي ڪاميابيءَ سان ھمڪنار ڪري ٿي.

سو فني ۽ فڪري طور ھيءَ ڪھاڻي به پنھنجيون تندون تَڻيلَ رکندي پڙھندڙ کي الڳ ديس ۽ جَھانَ جو سيرُ ڪرائيندڙ آهي.

ڪتاب جي تيرھين ڪھاڻي "پنھنجو گهر” پڙهي پوري ڪيم، ته شاھ سائينءَ جي ھڪ بيت جي اڌ سِٽَ "سورن سوين صورتون…” ھنيانوَ تي ھُرِي آئي.

اسانجو سماج شاھ سائينءَ جي زماني کان سوين صورتن وارا سورَ کڻي وقت جو سفر طئي ڪندو ٿو رهي. ھي ڪھاڻي به انهن مان هڪ سورَ جو چھرو کڻي اڳيان آيل آهي. جيڪو اندر ۾ وَڍَ وجهندڙ به آهي، ته ان سوال جا ڳوڙھا کڻي به سامھون ايندڙ آھي، ته عام خلق کي اھڙي اذيت مان نجات ڪڏهن ملندي ۽ اُھا ڪڏهن دنيا جي ٻين سُکين سماجن جيان سُک جو ساھُ کڻندي؟

ڪھاڻيءَ جي فني ۽ فڪري لوازمات سان ھن ڪھاڻيءَ ۾ به ڪھاڻيڪاره ڪاميابيءَ جي منزل تي پھچي نه رڳو پنھنجي ساکَ جو ڀرم رکندي نظر اچي ٿي، پر پڙھندڙ جو وقت سجايو ڪندي ان جي سوچ جي ھڪ نئين ڪنڊ کي، احساسن جي نرالن رنگن سان سينگاري وڃي ٿي.

چوڏھين ڪھاڻي "چوٿين ڌيءَ” جو ڪتاب ۾ شامل ٻين ڪھاڻين وانگر نه رڳو موضوع مختلف آهي، پر ڀيڻ جو ان سان ڪھاڻيءَ جي گهرج آھر نڀاءُ به بنھين الڳ آهي ۽ اُھو اھڙو آهي، جيڪو ذھن تي اثر انداز ٿي، دل ۾ پنھنجي جُداري جاءِ والاري ٿو.

ھيءَ ڪھاڻي به اسان جي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهي ۽ ھر ٽئين چوٿين گهر ۾ ساھُ کڻندي نظر اچي ٿي. پر ڪھاڻيڪاره ان کي پنھنجي قلم سان جيڪو نئون جَھانُ فراهم ڪيو آهي، ان جي اھميت گهڻي گهڻي وڌيڪ آهي.

ھجڻ به ائين کپي، ته ڪھاڻيءَ ذريعي بيٺل پاڻيءَ جھڙي سماج کي لکندڙ ڪو دڳ ڪڍي وھڪري جو روپ ڏئي اھڙي منظر ۾ تبديل ڪري، جيڪو سماج لاءِ ڪارائتو به بڻجي ته نئون مثال به.

سو ھي ڪھاڻي ان ئي تناظر ۾ لکي وئي آهي ۽ يقينن اسان جي ادب جي عاليشان ڪھاڻين جي قطار جو اڻ ٽٽ حصو ڪري شمار ڪئي ويندي.

ڪتاب جي پندرھين ڪھاڻي "قسطوار ناول” پڻ نرالي موضوع کي آشڪار ڪري ٿي. جنھن ۾ ليکڪا موجوده زماني جي حقيقت نگاريءَ جي پاسداري ڪئي آهي.

ھيءَ ڪھاڻي پڻ اھڙي انداز ۾ لکيل آهي، جيڪا پڙھندڙ جي دلچسپيءَ کي ته قائم رکي ٿي، پر ان جي خوشگواريءَ کي به دائميت عطا ڪري ٿي.

ائين سورھين ڪھاڻي "ماسي نوران” ۽ سترھين "طلاق” سميت ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جو ڪھاڻيڪاره جي حوالي سان نئون تعارف ڪرائيندڙ ھي "ويھ تولا سون” ڪتاب اسان جي ادب کيتر ۾ شاھڪار جي حيثيت والاريندڙ آهي، جيڪو پڙھڻ کانپوءِ مان پيرَ ٻڌي چوان ٿو ته، ھر پڙھندڙ جي يادن کي سدائين تازگي بخشيندو رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.