ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا زينب قيوم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شادي رڳو 10 مهينن کانپوءِ طلاق تي ختم ٿي وئي، جڏهن ته هن سٺي زال بڻجڻ لاءِ مڙس کي گردو عطيو ڪرڻ کانسواءِ سڀ ڪوششون ڪيون.
زينب قيوم جي شادي بابت پراڻي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جتي مختلف پيجز طرفان به سندس طلاق بابت پوسٽون شيئر ڪيون ويون آهن.
اداڪاراً 4 سال اڳ ”سم ٿنگ هاٽ“ نالي شو ۾ شادي بابت ڳالهايو هو ۽ ٻڌايو هو ته هن ڪيئن پنهنجي شادي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
زينب قيوم جو چوڻ هو ته هوءَ پراڻن خيالن واري آهي، جيڪڏهن سندس مرضي هجي ها ته هوءَ 17 سالن جي عمر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏي ها، پر دير سان 2010ع ۾ شادي ڪئي.
هن ٻڌايو ته ان وقت سندس ڪيئي ساهڙين ۽ ساٿي اداڪارائن شادي ڪئي هئي، ڪيتريون ئي شاديءَ کان پوءِ ڳورهايون ٿي ويون ۽ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ تيار هيون، جنهن ڪري هن به شاديءَ جو فيصلو ڪيو.
اداڪاره موجب، شادي کان پوءِ هن عارضي طور تي شوبز کي الوداع ڪيو ۽ مڙس سان گڏ دبئي منتقل ٿي وئي، جتان پوءِ هوءَ مڙس سان گڏ لنڊن هلي وئي.
زينب قيوم چيو ته بدقسمتيءَ سان سندس شادي گهڻو نه هلي ۽ رڳو 10 مهينن ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي، جيتوڻيڪ هن شادي بچائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون.
هن چيو ته کيس طلاق ٿيڻ جو ڪو ڏک نه آهي، ڇو ته طلاق سندس نه پر مڙس جي غلطيءَ سبب ٿي، هوءَ ته اهو طئي ڪري چڪي هئي ته مڙس جي گهر مان رڳو سندس لاش نڪرندو، پر نيٺ مڙس ئي کيس طلاق ڏئي ڇڏي.
اداڪارا موجب، هن شادي بچائڻ لاءِ مڙس کي گردو ڏيڻ سميت هر ممڪن قدم کنيو، پر ان باوجود شادي نه بچي سگهي ۽ مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏي.
زينب قيوم وڌيڪ چيو ته کيس طلاق ٿيڻ تي ڪو پڇتاءُ ناهي، ڇو ته کيس اطمينان آهي ته سندس ڪا غلطي نه هئي، مڙس ئي اِهو رشتو ختم ڪرڻ چاهي پيو.
هن ٻڌايو ته طلاق کان اڳ مڙس کي ئي اهو احساس ٿي ويو هو ته سندن شادي صحيح ناهي ٿي، ٻنهي جا خيال مختلف هئا، تنهنڪري مڙس کيس 10 مهينن اندر طلاق ڏئي ڇڏي.
You might also like