اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شماريات کاتي جو چوڻ آهي ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران روزاني استعمال جون 24 شيون مهانگيون ٿي ويون، جڏهن ته ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار بنيادن تي 0.49 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 4.57 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
سرڪاري خبر ايجنسي (اي پي پي) موجب، ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي، جنهن موجب گذريل هفتي دوران 24 شيون مهانگيون ٿيون، 8 شيون سستا ٿيون، جڏهنته 19 شين جون قيمتون برقرار رهيون.
هفتيوار رپورٽ موجب، گڏيل طور ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار 0.49 سيڪڙو ۽ سالياني 4.57 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي دوران ٽماٽن جي قيمت ۾ 33.20 سيڪڙو، بصر 8.70 سيڪڙو، آنا 2.18 سيڪڙو، اَٽو 1.42 سيڪڙو، ٿوم 0.85 سيڪڙو، پٽاٽا 0.71 سيڪڙو، بناسپتي گيهه 0.63 سيڪڙو، هڪ ڪلو بناسپتي گيهه 0.56 سيڪڙو، ڪاٺيون 0.40 سيڪڙو، ايل پي جي 0.18 سيڪڙو، وهنجڻ وارو صابڻ 0.08 سيڪڙو ۽ شرٽنگ جي قيمت ۾ 0.07 سيڪڙو واڌ ٿي.
ٻئي پاسي ڪڪڙ جي قيمت ۾ 6.38 سيڪڙو، ڪيلا 4.70 سيڪڙو، چڻن جي دال 2.20 سيڪڙو، پيٽرول 2.09 سيڪڙو، ڊيزل 0.55 سيڪڙو، باسمتي چانور 0.51 سيڪڙو، مڱن جي دال0.49 سيڪڙو ۽ ايري چانور جي قيمت ۾ 0.03 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
You might also like