هيومن جينوم پراجيڪٽ ۽ عالمگيريت

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

هي پروجيڪٽ 26 جون 2000 تي مڪمل ٿيو، جنهن ۾ ڇهن قومن جي 100 محققن حصو ورتو ۽ انهن اسان جي جينوم جي 3 ارب (three billion) لفظن کي پڌرو ڪيو. پروجيڪٽ تي ٽي ارب ڊالر خرچ ٿيا. جيتوڻيڪ هي پروجيڪٽ، آمريڪا جي سربراهيءَ ۾ ٿيو پر اهو هڪ بين الاقوامي پروجيڪٽ هو، جنهن ۾ برطانيه، فرانس، جرمني، جاپان ۽ چين جي سائنسدانن به حصو ورتو. مختلف ملڪن ۾ مختلف ٽيمن کي هيومن جينوم جا مخصوص حصا ڏنا ويا هئا. بعد ۾ انهن سڀني جي نتيجن کي گڏايو ويو ته جيئن انسان جو مڪمل جينياتي نقشو ٺهي سگهي.

هن پروجيڪٽ کي سرد جنگ جي خاتمي جي هڪ نشاني سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪي صدر بل ڪلنٽن اها دعويٰ ڪئي ته هي پروجيڪٽ دنيا جي سمورن رهواسين جي زندگي بهتر ڪرڻ ڏانهن نشانبر ڪيو ويندو.  هن پروجيڪٽ هڪ انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي. سرد جنگ جي پڄاڻيءَ ههڙي قسم جي عالمگيريت جو هڪ نئون دور شروع ڪيو.

هن پروجيڪٽ مان اها ڳالهه پڌري ٿي وئي ته جينياتي لحاظ کان هن ڌرتيءَ تي وسندڙ سمورا انسان، پوءِ انهن جو ڪنهن به نسل سان واسطو هجي، 99.9 سيڪڙو هڪجهڙا آهن. اهڙي طرح هن پروجيڪٽ کي نسلي امتياز / مت ڀيد کان بغير هڪ مستقبل جي حصي طور ليکيو وڃڻ لڳو پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پئي ته هيومن جينوم پروجيڪٽ، نسل پرستيءَ کي ختم نه ڪري سگهيو آهي  2003 ۾ انساني جينوم جي ترتيب (sequencing) جو خرچ هڪ ارب ڊالر هو، جيڪو هاڻي 2022 تائين هڪ هزار ڊالرن تائين لهي آيو آهي. جينوم ترتيب معلوم ڪندڙ ادارا جيئن 23 and me ڪجهه سو ڊالرن ۾ ڊي.اين.اي جي ترتيب معلوم ڪري ڏين ٿا هن پروجيڪٽ ۾ ترتيب ڏنل جينياتي مواد گهڻي ڀاڱي هڪ سفيد مرد طرفان پيش ڪيو ويو هو، جيڪو نيويارڪ جي بفيلو علائقي جو رهندڙ هو. هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکندي، ٻين ملڪن پنهنجا الڳ قومي جينوم پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيا، جهڙوڪ:

¨ •ايرانين جينوم پروجيڪٽ (2000 ۾ شروع ڪيل)

¨ •انڊين جينوم ويريئيشن ڪنسورشيم (2003 ۾ شروع ڪيل)

¨ •ترڪي جينوم پراجيڪٽ (2010 ۾ شروع ڪيل)

¨ •هان چيئنيز جينوم انيشيئيٽو (2017 ۾ شروع ڪيل)

¨ • جينوم رشيا پروجيڪٽ

هنن سمورن پراجيڪٽن نسلي قومپرستيءَ کي وڌائڻ جو ڪم ڪيو. قومون وري نسل پرستاڻه رويااختيار ڪرڻ لڳيون، مثال طور چين ۾ ان کي خاص طور تي هان اڪثريتي ثقافتي ٽولي مٿان مرڪوز ڪيو ويو. ٻي وسيع چيني آباديءَ جي جينياتي ۽ ثقافتي گوناگونيت کي نظرانداز ڪندي.

ساڳئي وقت حڪومتون اقليتي ثقافتي گروهن کي سندن جينياتي جوڙجڪ ڪري نشانو بڻائڻ لڳيون. روسي جينوم پراجيڪٽ واضح نموني ثقافتي روسي گروهن ۽ ثقافتي غير روسي گروهن وچ ۾ تميز ڪئي. ثقافتي غير روسي گروهن ۾ چيچن نمايان هئا، جن کي روسي حڪومت پنهنجي لاءِ خطرو ٿي سمجهيو، جن پنهنجي آزاديءَ لاءِ روسي فوج سان1990 دوران مهاڏو اٽڪايو هو. آمريڪا به ساڳي طرح اقليتي ثقافتي گروهن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جيئن آمريڪا، ميڪسيڪو سرحد کي پار ڪندڙ نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهن (Immigrants) جا ڊِي اين اي نمونا ڪٺا ڪري انهن کي ڏوهن جي وڏي ڊيٽا بيس ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. ساڳئي نموني چين يواِگهر (Uyghur) ثقافتي اقليتي ٽولي جا ڊِي اين اي نمونا 2016 کان ڪٺا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. هي سڀ يوئي گهر آباديءَ جو پيڇو ڪرڻ ۽ کين مات ڪرڻ جي هڪ وسيع ڪوشش جو حصو آهي.

1948 ۾ جڏهن اسرئيل جي رياست کي هٿراڌو نموني، دنيا جي سپر پاورس وجود ۾ آندو ته سموري دنيا ۾ موجود اسرائيلي / يهودي، هن نئين ملڪ ۾ رهڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪري اتي پهچڻ لڳا. جوزف گريوچ (Joseph Gurevitch) يهودين جي رت جي گروپن تي تحقيق ڪرڻ لڳو ته جيئن يهودي ماڻهن جو مشترڪه بڻ بڻياد سڃاڻي سگهجي. هڪ ٻئي سائنسدان شيبا (Sheba) گلوڪوزه فاسفيٽيز ڊفيشنسي (GCPD) کي يهودين کي سڃاڻڻ جو بنياد بڻايو، گولڊ شمٿ (Gold Schmidt) ٽي سيڪس بيماري (Tay Sachs Disease) کي يهودين جي مختلف نسلن کي سڃاڻڻ جي ڪسوٽي ٻڌايو پر ان سڀ جي باوجود مورانٽ (Mourant) اهو دليل ڏنو ته جديد يھودي آبادين جي جينياتي گهڙت، تمام گهڻن فرقن کي ظاهر ڪري ٿي. نيٺ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته يھودي جِين نالي اهڙي ڪنهن به جِين جو ڪو وجود نه اهي، پوءِ به مختلف يھودي گروپن جي لڏپلاڻ جو، سندن جينياتي تاريخ مان پتو لڳائي سگهجي ٿو، اهو ممڪن آهي.

ترڪي ۾ جينياتي ماهرن، ماڻهن جا رت جا نمونا، ”عربن“ ۽ ”ترڪن“ وچ ۾ تميز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا. ايران ۾ ساڳيو طريقو زرتشتي آباديءَ جي بڻ بڻياد جو پتو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ساڳئي قسم جون چڪاسون سموري ايشيا ۽ آمريڪائن ۾ پڻ ڪيون ويون آهن.

جيتوڻيڪ سائنسي برادري، نسل جي تصور کي بطور هڪ با معنيٰ حياتياتي خاصيت، جي رد ڪري چڪي آهي، پر سياسي دٻاءُ اڄ به هنن جي تحقيق تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، اڄ به اسان جا جينياتي ماهر، نسل ۽ قوم پرستيءَ وچ ۾ اڻ حل ٿيل دٻاءَ جي اثرن هيٺ جي رهيا آهن.

ٻي عالمي جنگ کان اڳ اڪثر سائنسدان، نسل (Race) کي هڪ سنئين سڌي حياتياتي حقيقت سمجهن پيا پر اقوامِ متحده 1950 ۾ پنھنجي ”نسل تي بيان“ (Statement on Race) ۾ اهو واضح ڪري ڇڏيو ته ”سمورن عملي سماجي مقصدن لاءِ نسل ايڏو گهڻو هڪ حياتياتي لقاءُ نه آهي. جيترو اهو هڪ سماجي ڏند ڪٿا آهي.“برطانوي جينياتي ماهر آرٿرمؤرنٽ (Arthur Mourant) ماڻهن جي رت جي گروپن بابت هيئن چيو :”رت جي گروپن جو اڀياس، وڌ ۾ وڌ بافخر قومن ۾ به مختلف پڻو (Heterogeneity) ڏيکاري ٿو ۽ ان نقطه نظر کي هٿي ڏي ٿو ته اڄوڪي دور جا نسل، عارضي امتزاج/ ملاوتون آهن“. ان ڪري ڪنهن به هڪ ثقافتي ٽولي اندر حقيقت ۾ جينياتي گوناگونيت/ مختلفپڻي جو تمام گهڻو مقدار موجود هوندو آهي.

نئين سرد جنگ عالمگيريت ۽ قوم پرستي

1990 ۾ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ اها دعويٰ ڪئي وڃڻ لڳي ته هاڻي دنيا هڪ – قطبي (Unipolar) ٿي وئي آهي، سرمائيداري نظام جي حتمي فتح ٿي چڪي آهي جنهن جي سرواڻي آمريڪا ڪري رهيو آهي، پر ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿيو ته دنيا قطعي طور تي هڪ – قطبي نه آهي، ان ۾ اڄ به ڪيئي تضاد موجود آهن ۽ ڪيئي قوتون هڪ ٻئي خلاف نبردآزما آهن. هن وقت وڏي ۾ وڏو بين الاقوامي تضاد آمريڪا ۽ چين وچ ۾ هلي رهيو آهي.دنيا هاڻي ان کي ”نئين سرد جنگ“ (New Cold War) جو نالو ڏئي رهي آهي.اها لڙائي خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي تحقيق تي هلي رهي آهي. چيني ۽ آمريڪي ڪمپنيون مصنوعي ذهانت جي تحقيق تي وڏي سيڙپ ڪري رهيون آهن. ان جو تازو مثال آفريڪا آهي، جتي موستاڦا سِسي (Moustapha Cisse) جيڪو آفريڪي انسٽيٽيوٽ فار مئٿيميٽيڪل سائنسز ۾ مشين لرننگ جو پروفيسر آهي ۽ گهانا ۽ گوگل جي اي آءِ سينٽر جو ڊائريڪٽر آهي، چئي ٿو، ”مشين-لرننگ جي تحقيق جو مستقبل، آفريڪا ۾ آهي.“

هيءَ نئين سرد جنگ به پراڻي سرد جنگ وانگر عالمي (Global) آهي، لاطيني آمريڪا، آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ مشرقِ وسطه ۾ ڇا ٿئي ٿو، سائنس جي مستقبل ۽ سياست جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. 1990 ۾ عالمگيريت بابت سائنسدان ۽ سياستدان اناڙي هئا. سندن خيال هو ته اها هڪ وڌيڪ هم آهنگ ۽ پئداواري دنيا ڏانهن وٺي ويندي ۽ ماضيءَ جي اڻ برابرين کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندي. عالمگيريت لاءِ فرض ڪيو ويو ته اها اسان کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ وڌيڪ بين الاقوامي بڻائيندي پر اهو هڪ ڪوڙو وعدو ثابت ٿيو. عالمگيريت حقيقت ۾ اڪثر قومن وچ ۾ موجود اڻبرابريءَ کي ڪجهه قدر گهٽايو به. چين ۽ آمريڪا وچ ۾ مجموعي معاشي فرق، عالمگيريت کڻي گهٽائي ڇڏيو آهي. پر آمريڪا جا 10 سيڪڙو شاهوڪار ترين اڄ 1990 جي پيٽ ۾ وڌيڪ شاهوڪار آهن ۽ وڌيڪ ڪمائي رهيا آهن. ساڳي ڳالهه چين جي لاءِ به صحيح آهي، چين ۾ اڄ آمريڪا کانپوءِ دنيا جا گهڻي ۾ گهڻا ارب پتي موجود آهن.اڻ برابريءَ ۾ هن واڌ، قومپرستيءَ کي وري جيئاري ڇڏيو آهي، گذريل ڏهاڪي ۾ اسان ڏٺو آهي ته برطانيه يورپي يونين کي ڇڏي ويو، ڊونالڊ ٽرمپ، آمريڪا جو صدر چونڊجي آيو، هندستان ۾ هندو قومپرستي جو اڀار ٿيو ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ساڄي ڌر جي سياسي ليڊرن جو چاڙهه ٿيو.

اها عالمگيريت ۽ قومپرستيءَ جي هڪ عجيب و غريب ملاوٽ آهي، جيڪا هن نئين سرد جنگ کي ممتاز بڻائي ٿي.اڄ نيولبرلزم جي عالمگيريت ۾ ڏار پئجي رهيا آهن

وارآن ٽيرر (War on Terror) ۽ ان جو مسلم آبادين تي اثر، عالمي مالياتي بحران ۽ ان سان گڏوگڏ ايشين معيشتن جي واڌ، ماڻهن جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ لڏ پلاڻ، خاص طور تي يورپ ڏانهن هي سڀ رجحان نيو لبرل عالمگيريت جي پڄاڻيءَ کي ظاهر ڪن ٿا.ان کان علاوه چين ۽ آمريڪا وچ ۾ تجارتي لڙايون، يورپ ۾ امن جو ٽٽڻ، ساڄي ڌر جي قومپرستن ۽ عوامي تحريڪن جو اڀرڻ، کليل سرحدن تي هلڪي اتفاق راءِ جو ٽٽڻ ۽ رياست جو بطور معاشي سرگرميءَ کي هم آهنگ ڪرڻ واري ڪردار جو نئين سر اسرڻ: هي تبديليون عالمگيريت جي روايتي پراڻي صورت جيڪا اها 1990 تائين موجود هئي، کي تيزيءَ سان بدلائي رهيون آهن.

اسرائيل طرفان غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ آمريڪا ۽ مغربي حڪومتن طرفان اسرائيل جي پٺڀرائي ۽ حمايت، مغربي ملڪن ۾ رهندڙ مسلم آبادين ۾ انھن حڪومتن خلاف وڏي نفرت ۽ دوري پئدا ڪري ڇڏي آهي. مغرب جي اهڙي رويي سندس آزاد خيال سياسي لفاظي (rhetoric) ۽ گهڻ ثقافتي معاشرن هجڻ جي دعويٰ کي وڏو ڌڪ رسايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.