اسلام آباد/ڪراچي (بيورو/رپورٽر) ڪراچي جي المناڪ ڪارساز سانحي کي اڄ 18 سال مڪمل ٿي ويا، 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ وطن واپس پهتي هئي، تڏهن ڪار ساز وٽ سندس قافلي تي 2 زوردار ڌماڪا ٿيا، جن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. پاڪستان پيپلز پارٽي موجب، ڪارساز جو سانحو 27 ڊسمبر واري لياقت باغ واقعي جو تسلسل هو. هن سال به پيپلزپارٽي شهيدن جي ياد ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ دعا واريون تقريبون رٿيون آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر تي ڪار ساز سانحي جي موقعي تي ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ دعا وارين تقريبن جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته هر ضلعي ۾ پ پ پ جا ڪارڪن، عهديدار ۽ همدرد پنهنجي علائقي ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪن. ساڳئي ڏينهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ پ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اهم اجلاس شام 4 وڳي ٿيندو.