ڪراچي (رپورٽر) ماڊل ٽرائل عدالت سائوٿ ۾ قتل ڪرڻ جي الزام ۾ ڇهن جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک رپيا مقتول جي وارثن کي ڏيڻ جي سزا ٻڌائي. ٻڌڻي دوران ٻه جوابدار ابراهيم ۽ محمد عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس محمد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ابراهيم فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جوابدارن 2023ع ۾ جهيڙي دوران جانباز نالي شهري کي قتل ڪيو هو.