ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس عمر سيال فردوس شميم نقوي خلاف ايف آءِ اي جي جاچ بابت نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي (NCCIA) کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت فردوس شميم نقوي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ به واڌ ڪئي. جسٽس عمر سيال چيو ته ٻڌايو وڃي، ڪهڙن الزامن تي بزرگ سياستدان کي بار بار اسلام آباد طلب ڪيو پيو وڃي. فردوس شميم نقوي عدالت ۾ چيو ته هو 70 سالن جو آهي، بيمار آهي ۽ مسلسل پريشان ڪيو پيو وڃي. عدالت چيو ته هاڻي پيڪا قانون تحت جاچ NCCIA ڪري ٿي، ايف آءِ اي جو ان سان لاڳاپو نه رهيو آهي.