اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي، تڪرارن ۽ معاشي ناانصافي سبب دنيا ۾ غربت وڌي رهي آهي. غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي هن چيو ته اٽو لٽو ۽ اجهو جي نعري تحت پيپلزپارٽي غربت، اڻ برابري ۽ سماجي ناانصافي جي خلاف جدوجهد جاري رکندي. بلاول ڀٽو چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو عوامي حقن لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غربت خلاف سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ۽ شفاف نظام آهي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائي ٿو ۽ خاندانن کي سهارو ڏئي ٿو. بلاول ڀٽو عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته انساني بنيادن تي گڏيل قدم کنيا وڃن ته جيئن منصفاڻو ۽ پائيدار عالمي نظام قائم ٿي سگهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو انگ 45 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جيڪو گذريل سال 39 سيڪڙو هو. هن چيو ته مهانگائي، ماحولياتي تباهي ۽ آمدني جي اڻ برابري غربت ۾ واڌ جو سبب بڻيا آهن. شازيا مري چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ سماجي تحفظ جو نظام وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو.