انتها پسند جماعت مون کي ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون:عظميٰ بخاري

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته صوبائي حڪومت انتهاپسند تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) خلاف مڪمل طور تي قانوني طريقي سان ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن گروهه جو رڪارڊ تشدد، لاقانونيت ۽ رياستي حڪمن کي چيلينج ڪرڻ سان ڀريل آهي، ڪجهه مهينا اڳ  ٽي ايل پي مون کي ريپ ۽ قتل جي ڌمڪي ڏني. عظميٰ بخاري انڪشاف ڪيو ته ڪجهه مهينا اڳ، کيس هزارين ماڻهن پاران موت ۽ زيادتي جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، زيادتي کان وٺي قتل، بدسلوڪي ۽ واٽس ايپ ۽ ٻين ذريعن ذريعي فون ڪال تائين ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن سبب سندس فون ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند رهيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته رضوي ڀائرن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پر انهن جي گرفتاري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. عظميٰ بخاري موجب، هي انساني زندگين جو معاملو آهي، تنهن ڪري احتياط سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. رڳو مخصوص گروهه جي انتظام هيٺ مسجدون اوقاف کاتي جي حوالي ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.