اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪابل جا حڪمران ڀارت جي هنج ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته هاڻ افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي، دهشتگردي جي اها جنگ ڀارت، افغانستان ۽ ٽي ٽي پي گڏجي پاڪستان تي مڙهي آهي. هن چيو ته ڪابل جا حڪمران ڀارت جي گود ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪالهه تائين اسان جي پناهه ۾ هئا، اسان جي زمين تي لڪي ڦري رهيا هئا. خواجه آصف چيو ته پاڪستان هاڻ ڪابل سان اڳ وانگر لاڳاپا نٿو نڀائي سگهي، سڀني افغان شهرين کي پنهنجي وطن واپس وڃڻو پوندو، هاڻ ڪابل ۾ انهن جي پنهنجي حڪومت آهي، اسلامي انقلاب آيل پنج سال گذري ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته افغانستان کي پاڪستان سان پاڙيسري ملڪ وانگر رهڻو پوندو، اسان جي زمين ۽ وسيلا 25 ڪروڙ پاڪستانين جي ملڪيت آهن، پنج ڏهاڪن جي زبردستي مهمان نوازي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، خوددار قومون ٻين جي زمين ۽ وسيلن تي نٿيون پلجن. دفاع واري وزير چيو ته هاڻ احتجاجي مراسلن ۽ امن جي اپيلن جو دور ختم ٿي ويو آهي، هاڻ پاڪستان مان ڪابل وفد به نه موڪليو ويندو، دهشتگردي جو مرڪز جتي به هوندو، ان کي ڳرو ڀاڱو ڀريڻو پوندو.