اميد آهي ته ابراهيمي معاهدي ۾ سعودي عرب به شامل ٿيندو: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس جلد ’ابراهام معاهدي۾ واڌ جي اميد آهي ۽ هو اميد رکي ٿو ته سعودي عرب به هن معاهدي ۾ شامل ٿيندو، جنهن تحت اسرائيل ۽ ڪجهه عرب ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آيا آهن۔ عالمي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب، ٽرمپ آمريڪي ٽي وي تي جمعي جي ڏينهن نشر ٿيل هڪ انٽرويو ۾ چيو: "مون کي اميد آهي ته سعودي عرب به شامل ٿيندو، ۽ مان چاهيان ٿو ته ٻيا ملڪ به شامل ٿين۔ منهنجو خيال آهي ته جڏهن سعودي عرب شامل  ٿيندو ته سڀئي شامل ٿي ويندا.ٽرمپ چيو ته هن اربع تائين انهن ملڪن سان ’تمام سٺيون ڳالهيون‘ ڪيون آهن، جن معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ ملڪ ’ابراهام معاهدي‘ جي مهم ۾ شامل ٿيندا، ۽ ايتري تائين جو هن وچ اوڀرجي پراڻن دشمنن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن معاهدي جو امڪان به ظاهر ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.