پوليس وارا آهن ته ڇا اهي قتل نه ٿا ڪري سگهن؟جسٽس صلاح الدين پنهور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ مير مرتضي ڀٽي  قتل ڪيس بابت داخل اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ جوابدارن پاران ايڊووڪيٽ عامر منصوب پيش ٿيو. جسٽس صلاح الدين پنهور جوابدارن جي وڪيل کان سوال ڪندي رماڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پوليس وارا آهن ته ڇا اهي قتل نه ٿا ڪري سگهن؟، جوابدارن جي وڪيل عامر منصوب چيو ته جيڪڏهن هنن قتل ڪيو هجي ها ته عدالتون سزا ٻڌائين ها، کين بري نه ڪن ها، وڪيل جي فوت ٿي ويل جوابدارن جا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيل موجب، ڪيس ۾ نامزد شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف فوت ٿي چڪا آهن، مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، واقعي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.