عمران خان کي برطانيا وڃڻ جي آڇ، حڪومت کي هڪ مونجهارو

اسلام آباد (فخر دراني) ڪجهه وقت اڳ چيو ويو هو ته برطانيا عمران خان جي آزادي بابت ڪوششون ڪري رهيو آهي. برطانوي سفارتڪار، هاءِ ڪمشنر جي حوالي سان به اهڙيون خبرون هيون. خواجا آصف به چيو ته يورپي ملڪن جا سفارتڪار عمران خان کي يورپي ملڪ کڻي وڃڻ جي آڇ ڪري چڪا آهن. اطلاعن موجب برطانيا ان لاءِ سرگرم آهي ڇو ته برطانيا ۾ عمران خان جا حامي وڌيڪ آهن ۽ سندس اڳوڻي زال جمائما گولڊ اسمٿ اتي ئي آهي جيڪا سندس آزادي لاءِ سرگرم آهي، سندس طاقتور ڌرين سان رابطا آهن، جيتوڻيڪ هو ظاهر ناهي ٿي رهي پر پردي پٺيان ڪم ڪري رهي آهي. برطانيا جيتوڻيڪ عمران خان کي رکڻ لاءِ تيار آهي پر اها ساک ڪير ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته عمران خان برطانيا وڃي سياسي طور سرگرم نه رهندو ۽ بيانبازي نه ڪندو. جيڪڏهن اها ساک ڏني وڃي ته هو خاموش رهندو ۽ سياسي طور سرگرم نه رهندو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان حڪومت به راضي ٿي ويندي. اهو ٻن ٽن مهينن ۾ واضح ٿي ويندو ته ٽرمپ يا برطانيا حڪومت ذريعي سندس آزادي ٿئي ٿي ۽ ڪنهن يورپي ملڪ وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.