ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءَ ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ لاءِ اڳي ماڻھو ڀارت ويندا ھُئا، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪوششن سان ھاڻي ھي سھولت سنڌ ۾ به ميسر آھي ۽ مفت ۾ماڻھن جا ٽرانسپلانٽ ڪيا پيا وڃن.بدقسمتي سان پيپلز پارٽي خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ۽ مھم ھلائي وئي، ناڪاري شين ۽ ڪٿي ڪم نه ٿيڻ کي پيپلز پارٽي سان منسوب ڪيو ويندو آهي، ڪيترائي اھڙا شعبا آھن جن ۾ سنڌ سرڪار جو مقابلو ڪير به نه ٿو ڪري سگھي، سنڌ سرڪار صحت جي شعبي ۾ جيڪي سھولتون متعارف ڪرايون آھن، اُھي رڳو سنڌ جي عوام لاءِ ناھن پر پوري ملڪ ۽ پاريسري ملڪن جي عوام لاءِ به آھن، اھڙن خيالن جو اظھار ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ پرنٽ ميڊيا ڪلفٽن ڪراچي ۾ اسلام آباد جي صحافين جي ھڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيوھن چيو ته جيڪي روڊ سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ آھن ، اُھي اوهان کي بھتر حالت ۾ ملندا، ٿرڪول منصوبو شھيد بي بي شروع ڪيو، بعد ۾ ان کي بند ڪيو ويو، صدر آصف علي زرداري حڪومت ۾ اچي ٻيھر ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو، اڄ ھزارين ميگاواٽ بجلي ٿرڪول مان قومي گرڊ ۾ وڃي رھي آھي هن چيو ته اقليتن جي لاءِ مندر، چرچ، ڪميونٽي سينٽر پيپلز پارٽي ٺھرايا آھن، سياحت جي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ به سنڌ سرڪار سرگرمي سان ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ھڪ تاثر جوڙيو ويو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، امن جي صورتحال سنڌ ۾ بھتر آھي، اسان جي صحافي دوستن رات جي وقت سکر کان ٿر تائين روڊ ذريعي سفر ڪيو. ھن چيو ته وسيلن جي کوٽ باوجود سنڌ سرڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آھي،هن چيو ته سنڌ سرڪار 21 لک خاندانن کي گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، بجلي جي فراھمي لاءِسنڌ سرڪار طرفان ٻه لک گھرن کي سولر سسٽم ڏنا پيا وڃن، ھاڻي کين سڄي حياتي ڪوبه بل ڀرڻو نه پوندو، ھن چيو ته پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ماحول دوست اي وي بسون پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار متعارف ڪرايون، عورتن جي محفوظ سفر لاءِ پھرئين ڀيرو پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي. هن چيو ته مسئلا پوري پاڪستان ۾ آھن، رڳو پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار خلاف پروپيگنڊا جو دڪان کوليو ويو آھي، ھڪ شخص کي فرشتو بڻائي پيش ڪيو ويو،