خواجا آصف جو آمريڪي اسٽيبلشمينٽ بابت غلط اندازو،آمريڪا پاڪستان ناهي!

نيويارڪ(احمد نوراني)دفاع واري وزير خواجا آصف پاران آمريڪا ۾ اسٽيبلشمينٽ واري ڳالهه بلڪل غلط آهي،اتي قانون جي حڪمراني آهي، ڪو به جنرل يا ڪو ٻيو فوجي آفيسر تعليم يا ڪنهن ٻئي شعبي ۾ ڪنهن ڪم ڪار سانگي ويندو ته قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو آهي،جيڪڏهن هن قطار ٽوڙي ته کيس هٿڪڙي لڳي ويندي ۽ جيستائين ضمانت نٿي ٿئي آزاد نه ٿيندو، آمريڪي سي آءِ اي به مجال آهي ته تعليم،صحت يا پوليس جي شعبي ۾ ڪو فون ڪري ڪنهن معاملي تي مداخلت ڪري، ائين به ناهي ٿيندو ته آمريڪي فوج کي ڪا سياسي جماعت پسند نه هجي ته اها مخالف جماعت جي ماڻهن کي پڪڙي مارڻ شروع ڪري،اغوا ڪري يا گهرن تي چڙهايون ڪري،آمريڪي فوج يا سي آءِ اي پنهنجي عوام تي مرضي نٿيون ٿاڦي سگهن،ائين ڪن ته آمريڪي عوامي کين روڊن تي گهلي مارڪٽ ڪري،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.