آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ مضبوط،سياستدان ڪٺ پتلي آهن: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته آمريڪا کان فون اچڻ ۾ دير آهي، عمران خان کي فون ڪرڻ وارن جي حوالي ڪيو ويندو، پاڪستان انڪار ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته نواز شريف کي ڪال سان گڏ 5 ارب ڊالرن جي آڇ به هئي پر هن انڪار ڪيو ۽ ايٽمي ڌماڪا ڪيا، جڏهن مشرف کي فون آيو ته هو ليٽي پيو ۽ جيڪو حڪم ڏنو ويو ان کان وڌيڪ راضي ٿي ويو، ٻي پاسي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته لڳي نه ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه  ڪندو، هڪ شخص جي خاطر ڪير به پنهنجا لاڳاپا خراب نه ڪندو، هن چيو ته آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، اتي پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط اسٽيبلشمينٽ آهي، آمريڪا سان ٻه طرفن لاڳاپن جي ڳالهه ٿيندي، گڏ هلندا پر جتي ضرورت پئي ڀرپور اختلاف ڪيو ويندو، نسل ڪشي بند ٿيڻ گهرجي ۽ نئين آمريڪي حڪومت کي جنگبندي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.