اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ آمريڪا جي مداخلت جون ڳالهيون غلط آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي واڌايون ڏنيون آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ ڀائيوار آهن، اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چين سان پاڪستان جا لاڳاپا اسان جي پاليسيءَ جو حصو آهن ۽ ڏهاڪن کان جاري اهي لاڳاپا ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيا آهن، پاڪستان ٻين ملڪن جي سياست ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، غزا ۾ نسل ڪشي فوري طور بند ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي بک هڙتال تي ڳڻتي آهي، ياسين ملڪ کي فوري طور صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 11 نومبر تي ٻيهر سعودي عرب جو دورو ڪندو، رياض سمٽ ۾ فلسطين مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويندو.