پاڪستان تي آءِ ايم ايف جو مني بجيٽ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو، مهانگائي وڌندي؟

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف طرفان ڏنل هدف پورا نه ٿيڻ تي آءِ ايم ايف جو مددگار مشن مني بجيٽ آڻڻ تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو. مالي سال جي پهرئين 6 مهينن ۾ 321 ارب رپين /ڏ جي ٽيڪس خساري جو امڪان آهي جنهن تي آءِ ايم ايف هنگامي مشن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ 11 نومبر کان 15 نومبر تائين معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، ٽيم قرض پروگرام جو به جائزو وٺندي 4 مهينن دوران گڏ ڪيل ٽيڪس روينيو جي هدف ۾ شارٽ فال جو به جائزو وٺندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد جو اوچتو دورو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو پاڪستاني عملدار ورچوئل ميٽنگن ۾ آءِ ايم ايف کي سڌارن جي ارادن تي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. ڳالهين دوران آءِ پي پيز سان ٿيل ڳالهين، سرڪلر ڊيبٽ مئنيجمينٽ پلان کانسواءِ پي آءِ اي ۽ ڊسڪوز سميت ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو به جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ٽيڪس روينيو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ سميت امڪاني اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي ته هي ڪو جائزو مشن ناهي ڇو ته آءِ ايم ايف فيبروري کان مارچ 2025 تائين انتظار نٿو ڪري سگهي جڏهن ته بجيٽ جي اپائن ذريعي سڌارا آڻڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ هي هنگامي مشن آهي ۽ غيرمعمولي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.