راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اميد آهي ته صدر ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ غير جانبدار هوندو ۽ جو بائيڊن جهڙو نه هوندو، جيڪو حسين حقاني کي باجوه لاءِ استعمال ڪيو، منهنجي خلاف لابنگ ڪئي وئي. منهنجي آزاديءَ جو معاملو آمريڪا ۾ نه پر پاڪستان ۾ ئي پورو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڊيالا جيل ۾ صحافين ۽ وڪيلن سان ڳالهائيندي ڪيو . هن چيو ته مان پنهنجي ٻن غلطين جو اعتراف ڪريان ٿو ته جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ منهنجي وڏي غلطي هئي. ۽ مون کي ڪمزور اتحادي حڪومت ٺاهڻ بدران ٻيهر چونڊون ڪرائڻ گهرجن ها. عمران خان جو چوڻ آهي ته منهنجي آزاديءَ جو معاملو آمريڪا ۾ نه پر پاڪستان ۾ هليو ويندو، جيڪڏهن مان به نواز شريف ۽ زرداري وانگر چوري ڪريان ها ته ڊيل ڪري ملڪ مان ڀڄي وڃان ها. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت نالي ماتر رهي آهي. جمهوري ملڪ ۾ عدليه آزادي جي ضامن هوندي آهي، جيڪا هاڻي ناهي، رڳو چونڊون ملڪ ۾ جمهوريت نٿيون آڻين. حقيقي جمهوريت لاءِ منصفانه ۽ شفاف چونڊون، آزاد عدليه، قانون جي حڪمراني ۽ احتساب جي ضرورت آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هن وقت به حڪومت آئين ۾ ترميم ڪري سپريم ڪورٽ تي قبضو ڪيو آهي، قاضي فائز عيسيٰ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تحريڪ انصاف کي شڪست ڏيڻ لاءِ مينڊيٽ چوري ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آرمي چيف غير جانبدار هجي ها ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ فوج جو اندروني معاملو هجي ها.