ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو+ ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ مان مبينا طور اغوا ٿيل اويناش ڪمار کي ڪنڌڪوٽ پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، اويناش جي بازيابي بابت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پڻ تصديق ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته اويناش کي ڏوهارين سان مقابلي بعد باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرايو ويو آهي، اويناش کي پوليس گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ڏوهارين جي ٿاڪن مان آزاد ڪرايو آهي، ايس ايس پي موجب اويناش کي ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو.