ڪنڌڪوٽ مان ڌاڙيل وڌيڪ هڪ پورهيت کي اغوا ڪري ويا

تنگواڻي / ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو+ مهتاب ملڪ+ ممتاز سنڌي)ڪنڌڪوٽ مان ھڪ وڌيڪ پورھيت ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويو. ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاھي ڦاٽڪ وٽ ھٿياربندن جي ھڪ ٽولي مل مزدور اياز ولد عبدالستار لاشاري کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، حد جي پوليس اطلاع ملڻ بعد مغوي جا وارث ساڻ ڪري پيرا کڻي لوھي پل طرف ويا پر پوليس کي ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي. ٻئي طرف ڌاڙيلن پاران قھري ڪاروايون جاري آهن، پوليس پاران آپريشن جون صرف دعوائون ڪيون پيون وڃن پر پوليس  هن مهل تائين ڪنهن به انعام يافته ڏوهاري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ضلعي اندر بدترين بدامني سبب ماڻھون ھر وقت خوف ۾ ورتل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.