اسلام آباد(ارسلان سيد) عمران خان جي آزادي آمريڪي دٻاءَ ۾ ٿيندي يا نه، اهو وقت ئي ٻڌائيندو پر اسٽيبلشمينٽ کي نئين آمريڪي انتظاميا سان لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ هاڪاري قدم کڻڻ گهرجن. ٽرمپ جي وائيٽ هائوس واپسي پاڪستان لاءِ سونهري موقعو آهي، انهن کي غلط فيصلن ذريعي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، ٽرمپ جي ٻيهر فتح پاڪستان لاءِ به تمام گهڻي معنيٰ رکي ٿي، ان مان اسٽيبلشمينٽ کي اهو سبق ملي ٿو ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي وائيٽ هائوس پهچڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر آخرڪار آمريڪي عوام آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. 21هين صديءَ ۾ پاپولزم جي لهر آڏو ڀِت بڻجڻ بيوقوفي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ٽرمپ تي ٻه قاتلاڻا حملا ٿيا، جنسي لاڳاپن بابت مهم هلائي وئي بعد ۾ آمريڪي ميڊيا جن ۾ سي بي ايس، سي اين اين ۽ نيو يارڪ ٽائمز شامل آهن، ذريعي آمريڪي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، ڪوڙا پول ڏيکاري ڪملا هيرس ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي وچ ۾ سخت مقابلو ڏيکاريو ويو، پر چونڊ نتيجن انهن سمورن پولن کي اڏائي ڇڏيو، ٽرمپ جي ڪاميابي آمريڪي ميڊيا هائوسز جي منهن تي چماٽ به آهي، ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستاني ميڊيا لاءِ به سبق آهي ته هو ڪنهن طاقتور اداري جي دٻاءَ هيٺ عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران حقيقتن کي عوام تائين پهچائي.