جيڪب آباد (ڊ ر)جيڪب آباد ۾3 ڏينهن اڳ اجتماعي زيادتي جي شڪار ڳورهاري عورت شاھدا سرڪي جي طبيعت اڃان تائين خراب آهي عورت کي وقفي وقفي سان بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن جيڪا ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿي وئي آهي جڏهن ته پوليس گرفتار ٿيل ٽئين جوابدار ٺارو جکراڻي کي سيڪنڊ سول جج جوڊيشنل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اجتماعي زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدار ٺارو جکراڻي ۽ شان جکراڻي جي وارث عورتن پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو.