پريا ڪماري جنهن وٽ به آهي،اهو والدين تي رحم کائي: ڇوٽو رام

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ ڀارت کان آيل ھندو برادري جو روحاني پيشوا ڇوٽو رام،پنوعاقل سنت ولي رام مندر ۾ ڇوٽو رام جو  سواگت مکي پرڀداس ،مکي دريانو مل، مکي رامچند، مکي سنتوش ڪمار، روهڙي کان آيل مکي وڪي ڪمار رشپال داس، دليپ ڪمار ۽ ٻين ھندو برادري جي  موجود گي ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ دعا گهري،  هندن جي  روحاني پيشوا ڇوٽو رام  معصوم نياڻي پريا ڪماري  جي بازيابي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته معصوم پريا ڪماري جنھن وٽ به آھي والدين تي رحم کائي نياڻي کي آزاد ڪيو وڃي، ھن وڌيڪَ چيو ته دعا گھران ٿو ته پريا ڪماري بازياب ٿئي جيئن والدين سميت ھندو برادري جي بي چئني ختم ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.