ڪشمور ۾ ڏينهن ڏٺي اغوا ٿيل راجيش ڪيسواڻي جي آزادي لاءِ هڙتال، مظاهرا

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور ويجهو ديراموڙ ۾ ٻه ڏينهن ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل جي ڪي رائيس مل مالڪ راجيش ڪيسواڻي جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي ھندو برادري پاران شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ھندو پنچائت جي سڏ تي ھندو برادري مڪمل طور ڪاروباري مرڪز بند رکيا، رائيس ملز، ڪمپيوٽر ڪانٽا، ميڊيڪل اسٽور، خانگي اسپتالون، ڀاڻ ٻج جا دڪان ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند ھئڻ ڪري شھرين کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو، اسپتالون بند هجڻ ڪري علاج لاءِ آيل مريض کي به سخت تڪليفن کي منهن ڏسڻو پيو، هڙتال بعد ھندو برادري سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور پوليس ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل ست ڄڻن راجيش ڪيسواڻي، وڪرم ڪمار، احمد الدين سومرو، جھانزيب سومرو، آصف دشتي، غلام حسين دشتي ۽ محمد پناهه کوسو جي بازيابي لاءِ عملي طرح ڪي به اپاءَ ناھن ورتا، جنهنڪري مغوين جي گهرن ۾ انتھائي پريشاني واري صورتحال آهي، ان دوران مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي کان مغوين جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو، ٻي پاسي ايس ٽي پي ڪارڪنن به ھندو برادري سان گڏجي احتجاجي ريلي ڪڍي واحدو چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، پنچائت اڳواڻ ملرز ايسوسيئيشن صدر چوڌري نريش ڪيسواڻي چيو ته منهنجي سئوٽ راجيش ڪيسواڻي کي ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو سرعام اغوا ڪري ويا، گڊو ۽ ڪشمور ٿاڻي جي پوليس تماشائي بڻيل رهي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽس وٺي کيس فوري بازياب ڪرائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.